مزاحمت ھاڻ اڻٽر آھي : حيف اهو آ عورت کي ، جو جھول جھلي جيئندان گھري
اسان جي ملڪ ۾ عورتن جو مردن کان وڌيڪ تعداد آهي، ان باوجود هو مصلحيت پسندي کان ڪم وٺندي مشڪل زندگي پيون گذارين،. عورت کي هن دور ۾ به سمجھ نه آئي ته عورت کي پنهنجي وجود کي مڃرائڻ لاءِ شايد اڃا ڪي صديون لڳن،

تحرير، پروفيسر مدد علي جهتيال
مان اڄ جو ڪالم تنقيد براءِ اصلاح طور لکيو آھي ، شل اڄ جي عورت سمجھي ۽ پنھنجن پيرن تي بيھي، اسان جي ملڪ ۾ عورتن جو مردن کان وڌيڪ تعداد آهي، ان باوجود هو مصلحيت پسندي کان ڪم وٺندي مشڪل زندگي پيون گذارين،. عورت کي هن دور ۾ به سمجھ نه آئي ته عورت کي پنهنجي وجود کي مڃرائڻ لاءِ شايد اڃا ڪي صديون لڳن، مردن ۽ عورتن جي 46 ڪروموزومس مان 45 هڪ جهڙا هوندا آهن. رڳو 01 جنسي ڪروموزومس جي فرق ڪري عورت ۽ مرد وچ ۾ فرق کي ايترو ته نمايان ڪيو ويو آهي جو بيان ئي نٿو ڪري سگھجي. سماجياتي لغت ۾ اهو چيو ويو آهي ته سماج انسانن جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو پنهنجن پنهنجن مفادن ۽ فائدن جي حاصلات لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪري ٿو ۽ ان سان ئي سماج جي بقا ۾ واڌارو اچي ٿو. سماج جي ان بقاءَ کي مضبوط ڪرڻ جو دارومدار به عورت تي ئي آهي.
ڏٺو وڃي ته اسان جي معاشري ۾ عورت جو داستان ئي ڪجھه عجيب آهي. جڏهن اها پيدا ٿئي ٿي ته پيءُ جي گھر ۾ ۽ سماج ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ لاءِ هوءَ رات ڏينهن محنت ۽ جدوجهد ڪري ٿي. هن جي ذهن ۾ اهو الڪو هر وقت رهي ٿو نه ڪٿي سماج ۾ يا گھر جي ڪنهن ٻئي فرد کان پوئتي نه رهجي وڃان،. جي مڙس جي گھر اچي ٿي ته ڏک سک ۾ ان جو ساٿ ڏيڻ سان گڏوگڏ هر حال ۾ ان سان گڏ گذاري ٿي. ان کي هر حال ۾ خوش رکڻ لاءِ جتن ڪري ٿي. ان ساري عمل ڪرڻ کان پوءِ به هوءَ مڙس آڏو ۽ گهر ۾ بيوس نظر اچي ٿي. عورت سدائين پنهنجين صلاحيتن کي مڃرائڻ لاءِ تمام گھڻو پتوڙي ٿي. مرد وانگر اعليٰ تعليم جي خواهش ڪري ٿي. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سٺي نوڪري ڪرڻ جي خواهش ڪري ٿي، جيئن مرد چاهي ٿو، پر عورت کي ان جو ڇا صلو ڏنو وڃي ٿو، جو مرد جڏهن نوڪري ڪري گھر واپس اچي ٿو ته ماءُ ڊوڙي وڃي کيس پاڻي، ماني اڳيان پيش ڪري ٿي. پر ان جاءِ تي جيڪڏهن عورت ٻاهران نوڪري ڪري ٿڪجي گهر اچي ٿي ته ان کان ڪو پڇڻ وارو نه هوندو آهي، ويتر گھر اچي هوءَ پاڻ ماني پچائي مڙس سميت ٻين گهر ڀاتين کي کارائي ٿي. ان کان علاوه گھر جو پورو ڪم ڪار ڪري ٿي.
. ٻار جي پيدائش کان ويندي تعليم ۽ تربيت، ڪنهن منزل تي پهچائڻ وارو جيڪو اهم ڪردار آهي اهو عورت جو ئي آهي. ماءُ جي دعا انسان کي فرش کان عرش تائين پهچائي ٿي ۽ ماءُ جي قدمن ۾ جنت جي بشارت ڏني وئي آهي. علامه اقبال عورت لاءِ چيو آهي ته ”وجود زن سي هي تصوير ڪائنات ۾ رنگ“ هوءَ ڌيءَ آهي ته پيءَ لاءِ رحمت آهي. جڏهن اها ڀيڻ آهي ته ڀاءُ لاءِ شان آهي، زال آهي ته مڙس لاءِ عزت آهي ۽ وري ماءُ آهي ته اولاد لاءِ شفقت آهي. ان کان علاوه هر ڪامياب انسان جي پويان عورت جو هٿ هجي ٿو،. هتي عورت جي کنيل هر قدم جي تذليل ڪئي وڃي ٿي. تعليم جهڙي زيور کان به نياڻين کي پري رکيو پيو وڃي. اڄ به لکين نياڻيون تعليم کان محروم آهن. تعليم ته مرد هجي توڻي عورت، ٻنهي جو بنيادي حق آهي. هڪ مرد جيڪڏهن تعليم حاصل ڪري ٿو ته ان جو مطلب هڪ فرد تعليم حاصل ڪري ٿو، پر جڪيڏهن هڪ عورت پڙهي ته هڪ خاندان پڙهي ٿو. عورت جيڪڏهن صحتمند ۽ پڙهيل هوندي ته اها ان قوم جو بنياد رکندي، جيڪو ملڪ کي ترقي جي منزل ڏانهن وٺي ويندو.
پاڪستان جي آئين ۽ اسلام ۾ عورتن کي تمام گھڻا حق حاصل آهن، بدقسمتيءَ سان عورت انهن حقن جي حاصلات لاءِ ڪا عملي جدوجهد نه ڪئي آهي، ايتري حد تائين جو 90 سيڪڙو پاڪستاني عورتن کي ايتري به خبر نه آهي ته اسان جا ڪهڙا حق آهن؟ جيڪڏهن 10 سيڪڙو عورتن کي پنهنجن حقن جي معلومات آهي به ته اهي ڄاڻي واڻي پنهنجا حق نه پيون حاصل ڪن، جيڪو سندن لاءِ ۽ ٻين عورتن لاءِ غلط پيو ٿئي.
پاڪستان جي آئين ۾ عورتن کي مليل حق
پاڪستان جي موجوده آئين 1973ع ۾ واضح ۽ چٽو لکيل آهي ته پاڪستان جا سڀ شهري برابر ۽ هڪجهڙي قانوني تحفظ جا حقدار آهن، جنهن جي بنياد تي ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ اختيار نه ڪيو ويندو. قومي زندگي جي سڀني شعبن ۾ عورتن جا برابري جي بنياد تي حقوق آهن، اهو به لکيو ويو آهي ته اڃا به عورتن جي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي ويندي ته جيئن وڌ ۾ وڌ عورتون اڳتي اچي سگھن. پاڪستاني عورتون پاڻ ۾ ڪٿي به گڏجي سگھن ٿيون. ڪنهن به عورت کي ڪو به شخص قيد و بند نه ٿو رکي سگي. هر پاڪستاني عورت ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ رهائش اختيار ڪري سگھي ٿي. ملڪ ۾ رهندڙ هر عورت کي تعليم حاصل ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي، ڪو به شخص عورتن جي تعليم ۾ رنڊڪ وجھي نه ٿو سگهي.
هر پاڪستان بالغ (جوان) 18 سال جي عمر رکندڙ عورت کي پورو حق حاصل آهي ته هوءَ پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري ۽ پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گذاري ڪنهن به شخص کي اهو حق حاصل نه آهي ته عورت مٿان بي جا ظلم، جبر، سختيون يا تشدد ڪري.
اسان جي سماج ۾ اها سوچ (Concept) آهي ته عورت کي مسواڙ تي گهر نٿو ڏئي سگھجي، جيڪو پڻ غلط آهي. هر عورت کي مسواڙ تي گهر ڏئي سگھجي ٿو. جيڪڏهن ڪو به شخص ائين ڪندو، عورت کي مسواڙ تي گهر نه ڏيندو، اهو آئين جي شڪ 25 ۽ 15 جي آخري حصي ”آباد ٿيڻ جو حق“ جي ڀڃڪڙي ڪندو.
عورتن مٿان تبصرا ڪرڻ، ڪريل الزام هڻڻ يا عورت سان ڪريل حرڪتون ڪرڻ به غلط آهي، جيڪو ائين ڪندو اهو (PPC) جي قلم 354 جي خلاف ورزي ڪندو، جنهن جي سزا سخت آهي.
هر پاڪستاني عورت کي جائز پورهيو ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي.
هر ملازمه عورت چاهي سرڪاري نوڪري ۾ هجي يا پرائيويٽ نوڪري ۾، سروس دوران ان کي (ويم) ٻار پيدا ڪرڻ واري وقت ۾ ٽي مهينا موڪل هوندي، جيڪا پگھار سان گڏ ملندي.
سرڪاري توڙي خانگي ادارن لاءِ اهو لازمي آهي ته عورتن لاءِ ڌار باٿ روم جوڙائين.
ڪو مرد ڪامورو يا گڏ ڪم ڪرڻ وارو ملازم ڪنهن به عورت ملازم سان ڪنهن به قسم جي بدتميزي يا ڇڙواڳي ڪري ٿو ته هو قانوني طور سزا جو مستحق هوندو ۽ قلم 354 هيٺ ان مٿان مقدمو داخل ڪرائي سگھجي ٿو.
هر پاڪستاني عورت نوڪري ڪري ٿي يا ڪاروبار، ان کي قانوني طور تي پنهنجي ڪمائيءَ جي رقم تي پورو پورو حق حاصل آهي ته هوءَ اها رقم جيئن وڻيس تيئن خرچ ڪري سگھي ٿي. مڙس يا ساهرن کي اهو حق حاصل نه آهي ته سندس ڪمائي جي خرچ ڪرڻ ۾ رنڊڪ وجھن يا مٿس دٻاءُ وجھن.
عورت پنهنجي ڪمائي مان پنهنجي والدين تي خرچ ڪري سگھي ٿي، ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي تعليم جو خرچ ڀري سگھي ٿي. پنهنجي ماءُ پيءُ کي حج، زيارت يا تفريح تي موڪلي سگھي ٿي، ايتري تائين جو ڀائرن ۽ ڀينرن جي شادي جو خرچ به ڪري سگھي ٿي جيستائين اهو رواج عام نه ٿيندو تيستائين ڇوڪري جي پيدا ٿيڻ تي دانهون، ڪوڪون ۽ ماتم ٿيندو رهندو.(حوالو، ڪتاب ”قانون سڀ ڪنهن لاءِ“ ليکڪ اياز لطيف پليجو)
اسلام ۾ عورتن کي مليل حق
اسلام عورتن کي تمام گھڻا حق ڏنا آهن، آئون انهن مان ڪجھ جو ذڪر هيٺ ڪريان پيو.اسلام ۾ واضح آهي ته هر انسان چاهي مرد هجي يا عورت انهن کي مساوي (برابر) حق حاصل آهن.حضور اڪرم ﷺ جي حديثن ۾ به واضح ۽ بار بار چيل آهي ته جھڙا حق هن سماج ۾ مردن جا آهن، اهڙا عورتن جا به آهن. بلڪه اسلام ۾ عورتن کي ڪجھ اهڙا حق به حاصل آهن، جيڪي مردن کي به مليل نه آهن.
مثال طور (1) مرد مسجد ۾ وڃي نماز پڙهندو ته ان کي مسجد ۾ با جماعت نماز جو ثواب ملندو، جڏهن ته عورت گھر ۾ نماز پڙهندي ته ان کي مسجد ۾ با جماعت نماز پڙهڻ جي برابر ثواب ملندو.(2) معصوم ٻار جي موجودگيءَ ۾ جنگ جي صورت ۾ مرد تي جهاد واجب آهي. پر عورت تي نه آهي.(3) مرد تي ڪنهن به حالت ۾ نماز معاف نه آهي. جڏهن ته عورت تي بلوغت کانپوءِ گھٽ ۾ گھٽ هڪچوٿائي نماز معاف آهي.(4) مرد ڄاڻي واڻي روضو نه رکي ته قضا سان گڏ ڪفارو به ادا ڪندو، پر عورت تي فقط قضا آهي.(5) عورت جي ڪمائي ان جي پنهنجي ملڪيت آهي مڙس جو ان تي ڪو به حق حاصل نه آهي، جڏهن ته مڙس جي ڪمائيءَ تي عورت جو پورو پورو حق آهي.(6) عورت پنهنجي اولاد کي کير پيارڻ جي اجرت به وٺي سگھي ٿي ۽ مڙس ان تي ڪنهن به قسم جو زور زبردستي نٿو ڪري سگھي.(7) شادي مرد جي به ٿيندي آهي ۽ عورت جي به ٿيندي آهي، پر حق مهر وٺڻ فقط عورت جو حق آهي. هوءَ جيترو به چاهي حق مهر وٺي سگھي ٿي وغيره.
دنيا جي سڌريل ۽ ڪامياب ملڪن جو مشاهدو ڪنداسين ته اتي عورتون تمام گھڻيون سجاڳ آهن، پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجي مڙس توڙي خاندان جي ڪنهن به فرد کي نه ٿيون بخشن جنهن جي ڪري ئي اهي ملڪ ڪامياب آهن. ڇو ته اتي برابريءَ جي بنياد تي عورتن کي پنهنجا حق ملن پيا.، مونکي ٻڌايو مٿيون سڀ ڳالهيون ڄاڻيندي به عورت پنهنجي پاڻ کي نه مڃرائي، ته پوءِ عورت پنهنجي پير تي پاڻ ئي ڪهاڙو هڻي ٿي يا نه؟
. آخر ۾ انهن عورتن کي اهو ضرور چوندس، خاص ڪري جيڪي ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ته اهي اڃا وڌيڪ ڪم ڪن،. خاص ڪري ٻهراڙيءَ واري عورت کي سجاڳ ڪن. ڇو ته شهر جي عورت وري به ڪجھ باشعور آهي، ٻهراڙيءَ جي عورت ان معاملي ۾ اڃان تمام گهڻي پٺتي پيل آهي.اگر ان ڏس ۾ عورتن عملي ڪم نه ڪيا ته عورت اڃان ڪي صديون نا اهل ئي هونديون..
حيف اهو آ عورت کي ، جو جھول جھلي جيئندان گھري،
عزم جو مينار هماليہ ، مردن کان ڇو مَانُ گھري.
_________________

مدد علي جھتيال سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پروفيسر آھي



