ٽيڪنالاجي ۽ سماجي ترقيءَ سان گڏ نوان لفظ ۽ اصطلاح خلقيندڙ ٻولي ئي زندھ رھندي
ٻولي صرف انساني خواھشن سان جٽاءُ نہ ٿي ڪري سگهي. جيڪا ٻولي مسلسل ترقي ۽ تبديلي جي ڪري وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ پاڻ ۾ سمنڊ وانگر سڀني ٻولين جي واھڙن ۽ دريائن کي سمائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، سا ئي زندھ رھي سگهي ٿي۔

ڊاڪٽر خادم منگي
جديد، جيئري جاڳندي يا زنده ٻولي ان کي چون ٿا جيڪا روزمره جي وھنوار ۾ پهرين ٻوليءَ طور ڪتب اچي۔ ۽ ان کي ڪا ھڪڙي مخصوص برادري يا ماڻھن جو ميڙ استعمال ڪندو ھجي۔ ان جي ابتڙ مئل ٻولي ان کي چئبو آھي جنھن جا سڀ ڳالھائيندڙ دفن ٿي چڪا ھجن مطلب تہ رک ٿي چڪا ھجن يا مٽي . اھڙيون ٻوليون ممڪن آھي Clay tablets کان وٺي اڄ جي Palm tops تائين کڻي موجود بہ ھجن پر جيڪڏھن انھن جو ڪو ھڪڙو بہ ڳالھائيندڙ، ٻڌندڙ، پڙھندڙ يا لکندڙ ناھي تہ اھا صرف ٽٻڪن ۽ لڪيرن جو ھجوم آھي۔ ان کي ٻولي نہ ٿو چئي سگهجي۔ ھزارين ٻوليون تہ صرف گذريل ھڪ صديءَ ۾ مري ويون آھن ۽ ھن ايڪويھين صديء ۾ بہ ست ھزار ٻوليون پويان پساھ کڻي رھيون آھن۔ مونکي اھو پڙھي حيرت ٿي جڏھن مون پڙھيو تہ دنيا ۾ ڪا اھڙي بہ ٻولي آھي جنھنجو صرف ھڪ ڳالھائيندڙ بچيو آھي۔ ان اڪيلي ماڻھوءَ جي دل تي ڇا گذرندي ھوندي؟ ڇا ھو ڀتين سان ڳالهائيندو ھوندو يا وڻن سان؟
عبرانيHebrew کان وٺي لاطيني Latin ٻوليءَ تائين، ھي سڀ ٻوليون ڪو ھڪ ڏينھن ۾ ٿوروئي مُيون آھن۔ پھريان انھن جي نڙيءَ تي ننھن ڏنو ويو ھوندو۔ ٻوليون پھريان بيمار ٿيون ھونديون، تڙپيون ھونديون، ڪٺل ڍور وانگر ٻولين ڇڙھيون ھنيون ھونديون ۽ پوءِ ئي وڃي مُيون ھونديون۔ حيرت جي ڳالھ اھا آھي جو ٻوليءَ جا ماريندڙ ڪي ٻيا ناھن پر پنھنجا ئي آھن جيڪي ڪنھن دؤر ۾ ان کي پنھنجي ماءُ سمجهندا ھئا. ٻوليون بيمار تڏھن ٿينديون آھن جڏھن انھن جا لکندڙ، پڙھندڙ، ڳالھائيندڙ ۽ سمجھندڙ پھريان گونگا، ٻوڙا، انڌا ۽ ٽنڊا منڊا ٿيندا آھن۔ معنا صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ۔
ذھني طور مفلوج ماڻھن جو ھجوم پھريان آھستي آھستي ان کي پنھنجي گهر، دفتر، ڪم جي جا ، تعليم، ميڊيا ۽ سماجي رابطن ۾، روزاني جي بنياد تي استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي۔ ٻوليءَ کي ڌِڪي گهران ڪڍندءُ تہ ظاھر آھي ٻولي بہ انھن کان رُسي ويندي ۔ جيئن ھندستان ۾ سنڌي تہ آھن پر سندن ٻارڙا سنڌي ٻولي لکي، پڙھي ۽ ڳالھائي نہ ٿا سگهن۔ شرنارٿي ۽ مھاجر جي ڪا بہ ٻولي نہ ٿيندي آھي۔ جنھنجي ڌرتي تنھنجي ٻولي۔ مان ان تي حيران نہ ٿيندو آھيان تہ جيڪي پھريان ڌرتي ڇڏيندا آھن انھن کان ٻولي ڇو رسي ويندي آھي يا جيڪي پھريان ٻولي ڇڏيندا آھن انھن جي پيرن ھيٺان ڌرتي ڇو کسڪي ويندي آھي؟ سولي ڳالھ آھي تہ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جو نَنھن سان ماس وارو رشتو آھي۔ سمجهائڻ لاء کڻي اڙدوءَ جو سھارو ٿو وٺان تہ جيئن چولي ۽ دامن وارو رشتو ھوندو آھي۔ ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ کي ماءُ جو درجو مليل آھي۔ مطلب ماءُ ٻولي ۽ ڌرتي ماءُ۔ ان ڪري جڏھن ٻنھي مان ڪنھن بہ ھڪ ماءُ کي پٺي ڏيندو تہ ٻي پاڻ ھرتو ھلي ويندي۔ داغستان ۾ جنھن کي بددعا ڏني ويندي آھي ان کي چيو ويندو آھي تہ شل تنھنجي ماءُ ٻولي توکان وسري وڃي۔ ٻاھرين ملڪن ۾ ويٺل سانا وارا سنڌي، يا مڊل ايسٽ ۾ رھندڙ ڀل ڪروڙين روپيا زيان ڪري ۽ مسخرا گهرائي سنڌي شامون ملھائن پر ٻولي اسڪول سان بچندي، استاد سان بچندي۔ قلم ۽ ڪتاب سان بچندي، اخبار ۽ ٽيليويزن سان بچندي۔ پر شرط آھي تہ ھنن شعبن ۾ بہ قابل ماڻھو ھجن۔ موجودہ اڌاکري ايڊيٽر ۽ نيوز ڪاسٽر نہ ھجن، جن رھيو کھيو نڪ جي نرڄائيءَ سان ٻوليءَ جو اڳيون نور بہ چٽ ڪيو آھي۔ اھي نہ وري مرن ٿا نہ منجو ئي ٿا ڇڏين۔ ٻولين جا بااختيار ادارا ٺاھي اتي بي اختيار ماڻھو ويھاريندءو تہ اھي ڪھڙا ڦاڙھا ماريندا۔ سنڌ سان عشق جي ابتدا ڪرڻ جو نعرو ڏئي سنڌ سان دوکي جي انتھا ڪري ڇڏيو۔ اھڙا ڊراما دنيا کي ڏيکاريو جو دنيا چوڻ لڳي تہ سنڌ تہ ڌاڙيلن جو ديس آھي۔ اھو سڀ ڪجهہ خبر ناھي ڪھڙي سنڌ دشمن ايجنڊا ھئي۔ جيڪڏھن ايئن ئي ڪرڻو ھيو تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪارڊ وڪڻي پئسا تہ سنڌي ماڻھن کان نہ وٺو ھا۔ سنڌي ماڻھن جي چندي تي سنڌ کي بدنام ڪرڻ۔ افسوس۔
ٻولي صرف انساني خواھشن سان جٽاءُ نہ ٿي ڪري سگهي پر جيڪا ٻولي مسلسل ترقي ۽ تبديلي جي ڪري وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ پاڻ ۾ سمنڊ وانگر سڀني ٻولين جي واھڙن ۽ دريائن کي سمائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، سا ئي زندھ رھي سگهي ٿي۔ ثقافتي، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي ترقيءَ جي اثر هيٺ جيڪا ٻولي نوان لفظ ۽ اصطلاح پيدا ڪندي رهي ٿي تنھن کي ئي جيئدان ملي ٿو۔ اسان جو ٻوليءَ ڏانھن جذباتي رويو بہ ”اِيءُ پڻ چڱو ڪم“ وانگر آھي پر اسان کي سائنسي “ٻئي فھم” سان ٻوليءَ کي بچائڻو آھي۔

تعليمي ميدان ۾ جديد ٻولي سکڻ دوران عام طور تي هي مهارتون حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو آهي۔ ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ۔ جڏھن ٻولي لکڻ ۾ ختم ٿي وڃي تہ سمجهي وڃو تہ ٻولي چوٿون حصو مري وئي۔ ڀلي ان قوم جا سؤُ سيڪڙو ماڻھو ٻولي ڳالھائيندا ھجن۔ ڳالھائڻ سان اھو سمجهيو وڃي تہ صرف پنجويھ سيڪڙو ٻولي زندھ آھي۔ اھڙيون بہ ڪيتريون ئي ٻوليون آھن جيڪي صرف ڳالھايون ۽ ٻڌيون وڃن ٿيون۔ اھي ٻوليون مڪمل زندھ ناھن، اھي اڌ ميون ٿيل آھن۔ زندھ ٻوليءَ لاء ٻوليءَ جو لکڻ ۽ پڙھڻ ضروري آھي۔ رڳو لکيل ھجي ۽ ان کي ڪو پڙھڻ وارو نہ ھجي تہ ڪھڙي ڪم جي۔ جيئن مھين جي دڙي مان لڌل اسڪرپٽ آھي۔ پر انھن سان صرف محبت ڪري سگهجي ٿي، کين زندھ ٻولي نہ ٿو چئي سگهجي۔ ٻوليءَ جو قديم ھجڻ بہ ڪا سند ناھي ڇو تہ جديد ٻوليءَ جي سڃاڻپ ان جي عمر سان نہ پر ان جي زنده استعمال ۽ سماج اندر مسلسل ترقي سان ٿيندي آهي۔
جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي روزاني جي بنياد تي نيون نيون ايجادون ٿي ڪري ۽ نيون نيون کوجنائون ٿي ڪري۔ ھر نئين invention ۽ discovery کي نئون نالو ٿا ڏين۔ جيڪڏھن ان ئي رفتار سان ٻولي نوان نالا نہ ٿي جوڙي يا نون نالن کي جيئن جو تيئن ٻانھون ڦھلائي قبول نہ ٿي ڪري تہ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رھجي وڃي ٿي۔
ڪارل مارڪس جو لينس لڳائي جڏھن ڏسندا سين تہ ٻولي اھا ئي زندھ رھندي جيڪا مارڪيٽ ۾ استعمال ٿيندي۔ اڄ تائين ست ھزار ٻوليون دنيا ۾ موجود آھن ڇو تہ ننڍي يا وڏي مارڪيٽ ۾ استعمال ٿين ٿيون۔
ڌاري ٻوليءَ ۾ سکڻ ايئن آھي، جيئن ڪنھن شخص جي جسم اندر ٻيو روح داخل ڪجي۔ جيڪو سواد پنھنجي ٻوليءَ مان ايندو آھي اھو ڌاريءَ مان ڪڏھن بہ نہ ایندو۔ چون ٿا تہ ڳائڻ، گڻپ ڪرڻ ۽ گار ڏيڻ جو مزو جيڪو پنھنجي ٻوليءَ ۾ آھي سو پرائيءَ ٻوليءَ مان نہ ایندو۔ اڙدوءَ وارا چوندا آھن “گانا، گنتی اور گالی اپنی ہی زبان مين مزه ديتے ہیں۔“
ثقافت، ٻوليءَ کان سوا ھزار ٻين شين، روين، اٿڻي ويھڻي، لباس، کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي، مرڻي پرڻي، مان بہ نظر ایندي آھي پر ان جي سموري طاقت ٻوليءَ ۾ سمايل ھوندي آھي۔ ان ڪري ٻيا سڀ لقاءَ ثقافت جو جسم آھن ۽ ٻولي ثقافت جو روح آھي۔ قومن جي اصل طاقت ٻوليءَ ۾ سمايل ھوندي آھي۔
ٻولين جي لکڻ جا انداز جيئن مختلف آھن تيئن ئي سندن مزاج بہ مختلف آھن۔ ڪا ٻولي سڄي کان کٻي طرف لکبي آھي جيئن سنڌي، اڙدو، پارسي يا عربي وغيره۔ ڪي کٻي کان سڄي طرف جيئن انگريزي، فراسيسي، روسي ۽ اسپينش وغيره۔ ڪي وري مٿان کان ھيٺ لکبيون آھن جيئن چيني، جاپاني، ڪوريائي ۽ منگولين ٻوليون ۽ ڪي وري ھيٺان کان مٿي لکبيون آھن جيئن فلپائيني ٻولي وغيره۔
ٻوليون پنھنجا لفظ، معنائون، تشبيھون، تمثيلون، ترڪيبون وغيره تبديل ڪنديون رھنديون آھن۔ چاسر کان اڳ واري انگريزي ٻئي ھئي، چاسر کان شيڪسپيئر تائين ڪجهہ تبدیل ٿئي، شيڪسپيئر کان ٽي ايس ايلٽ تائين وري الڳ آھي۔ ممڪن آھي اڄ جو انگريز چاسر کان اڳ واري انگريزي پڙھڻ لاء لغت جو ڪتاب استعمال ڪري، خسرو جي اڙدو ٻئي ھئي، غالب جي اڙدو الڳ ۽ فيض جي الڳ آھي۔ ايئن ئي شاھ لطيف جي سنڌي الڳ آھي تہ استاد بخاريءَ جي الڳ۔
ٻوليون پنھنجو سفر روان دوان رکنديون آھن۔ ابوالحسن واري چاليھ اکري سنڌي ۽ اڄوڪي ٻاونجاھ اکري سنڌي مختلف آھن۔ سنڌي ٻوليءَ کي اڃا تائين اجايو ديوناگري ۽ عربي لپيءَ ۾ ورھايو ٿو وڃي۔ نئون خيال اھو بہ آیو آھي تہ سنڌيءَ کي رومن اسڪرپٽ ۾ لکيو وڃي ۽ ان ۾ ڌڙا ڌڙ لکجي بہ پئي۔ پر اھو سنڌي ٻوليءَ لاء ڪيترو فائديمند آھي ان جو فيصلو مستقبل تي ڇڏيون ٿا۔ ھن تحريڪ جو علمبردار حليم بروھي ھيو۔ اڄڪلهہ ان جو وڪيل ڪير آھي، ڪا خبر ناھي؟
ٻوليءَ کي طاقت جي زور تي جڏھن بہ مڙھيو ويندو مزاحمت ٿيندي۔ ٻوليون بہ ايئن ئي استحصال ڪن ٿيون جيئن قومون ڪنديون آھن۔ جڏھن بہ طاقت ڪجهہ قومن جي ھٿ آئي آھي تہ انھن جي ٻولين بہ راڄ ڪيو آھي۔ يوناني، رومن، اطالوي، عربي، فارسي، ترڪي ۽ انگريزي ھي سڀ ٻوليون تڏھن عالمي ٿيون ھيون جڏھن کين طاقت جي زور تي مڙھيو ويو۔ ان ڪري جيڪڏھن باقي بچيل ٻولين جو جيئدان چاھيو ٿا تہ ٻولين کي طاقت کان الڳ ڪرڻو پوندو۔ طاقت کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ مزاحمت جو بہ پنھنجو ڪردار رھيو آھي۔ استعماريت پنھنجا نوان نوان نعرا متعارف ڪرائيندي آھي۔ ماضي بعيد ۾ جڏھن ھتي ”پارسي گهوڙي چاڙھسي“ جھڙا ڇسا ۽ بي بنياد نعرا متعارف ڪرايا ويا ھئا تہ اتي بہ سنڌ جي شعور ان تسلط خلاف مزاحمت ڪئي ھئي۔ ڌاريو ڪوشش ڪندو آھي تہ ھتان جون شیون ڇڏرائي پنھنجا وکر وڪڻي۔ ٻين commodities سان گڏ ھو وڏي حرفت ۽ چالاڪيءَ سان مقامي ماڻھن کان پنھنجي ٻولي بہ ڇڏرائيندو آھي۔ ھو ماڻھن کي بانور ڪرائيندو آھي تہ مقامي ٻولي حقير ٿيندي آھي ۽ ان ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ سان سماجي رتبي ۾ گهٽتائي ٿيندي آھي۔ پر مزاحمت پنھنجا رستا پاڻ ڳولهيندي آھي۔
“جي تون پڙھين پارسي، گولو تون غلام۔
اڃو تان آب گهري، بکيو تان طعام۔
ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان نہ ٿئي”
يا وري
” پئي جا پٺاڻن سين، ٻولي جي نہ ٻجهن،
آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪيان، ھو پارسيون پڇن۔
مون منجهان تن، سرتيون سور پرائيا”
سنڌ جي شعور پنھنجون زبانون ڪاڪڙي کان ڪڍائڻ قبول ڪيون آھن، پر ڌاري ٻوليءَ جو تسلط قبول نہ ڪيو۔ آخوند محمد صالح اھڙي جبر جو پھريون شڪار ٿيو۔ ماضي قريب ۾ ٻئي طرف جڏھن ھٿرادو ٻوليءَ جا فساد ڪرايا ويا ھئا تہ انھن ڏھاڙن ۾ رئيس امروھويءَ جھڙن ڪوتاھ نظر شخصن اجايو وري پاڻ کي ڏٺو ڪرايو ھو۔
“اردو کا جنازہ ہے، ذرا دھوم سے نکلے“ جھڙا شعر لکي اجايو ٻرنديءَ مٿان نفرت جو پيٽرول ھاريو ھيو ۔ پر ان دؤر جي اديبن ووٽر لسٽون سنڌيء ۾ لکرائڻ ۽ ريلوي اسٽيشن تي سنڌيء ٻوليء ۾ شھرن جا نالا لکرائڻ ۾ ڪامياب ويا۔ ان دؤر جا ترقي پسند اديب ڊالڊا جي ٽين دٻي ۾ رنگ وجهي برش سان ڀتين تي چاڪنگ ڪندا ھئا۔ حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ پوھو، ناصر مورائي، شمشير الحيدري، احسان بدوي ۽ ٻيا ھن عمل ۾ بنا معاوضي ڪم ڪندا رھيا۔
ھن ملڪ جي وجود کان وٺي ھيل تائين ٻولين جي معاملي تي مجرمانہ غفلت ڪئي وئي آھي۔ ھڪ اقليت آھي جيڪا بہ ھندستان جي مختلف علائقن مان آيل آھي۔ انھن جون ٻوليون بہ بظاھر الڳ الڳ آھن جيئن گجراتي، ميواتي، بھاري، پنجاپڪي ۽ اڙدو وغيره۔ پر ھو سڀ ان تي متفق آھن تہ ھن ملڪ جي قومي ٻولي اڙدو ھجڻ کپي۔ ڏٺو وڃي تہ سڀني ٻاھران آيل آباديءَ جي ٻولي اڙدو بہ ناھي پر سڀ اڙدوءَ جي ناجائز قبضي تي متفق آھن۔ سڀني ٻاھران آيلن جو تعداد ملائي جلائي ڪو تيرنھن سيڪڙو بہ مس ٿيندو۔ پر تيرنھن سيڪڙو کي باقي سمورن اڪائين ۽ انھن جي ٻولين تي مڙھيو وڃي، سو الائي ڇو اسان جي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي؟ پنجاپين سؤ سالن جي غفلت کانپوءِ مَس وڃي ڪا اک پٽي آھي جو ھنن پنھنجي ثقافت، ٻولي ۽ سورمن ڏانھن مثبت رويو اپنايو آھي۔ ان کان اڳ ھو بہ اڙدوءَ جي ڪڍ ھوندا ھئا۔ بنگالين کي گهڻو اڳ اھا ٻہ اکیائي ککي وئي ھئي۔ جو ھنن ڪوشش ڪري پنھنجي ٻوليءَ کي جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجھد ڪئي۔ بنگلا ڀاشا کي پنھنجو مقام ڏيارائڻ لاءِ ھنن ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو۔ سندن نوجوان ان تحريڪ ۾ ماريا بہ ويا پر ھو پنھنجي دعوا تان ھٿ کڻن لاء تيار نہ ھئا۔ سندن جدوجھد جي ياد ۾ UNESCO ان ڏينھن کي بين الاقوامي ماءُ ٻوليءَ جو ڏھاڙو ڪري ملهائيندو آھي۔ سنڌي ماڻھو پھرين ڏينھن کان ئي اڙدوءَ جي hegemony کي سمجهي ويا ۽ ھنن اقليت جي ٻوليءَ کي زبردستي اڪثريت تي مڙھڻ جي مخالفت ڪئي۔ ٻوليءَ وارو بل پاس ٿيو ۽ پوءِ ٻوليءَ وارا فساد بہ ٿيا پر سنڌين اڄ سوڌو آڻ نہ مڃي آھي۔ پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻروچ اقتدار جي نشي ۾ اڙدوءَ کي پاڻ تي ٿاڦيندا رھيا، پر اڙدو ھيڏن سارن سالن جي باوجود بہ انھن جي ڌرتيءَ تي پير کوڙي نہ سگهي آھي۔ انھن جي نئين نسل کي ان جو ادراڪ آھي تہ سندن وڏن اقتدار جي لالچ ۾ اچي ٻوليءَ تان ھٿ کنيو ھيو۔ پر سرائيڪين ۽ سنڌين پنھنجي ھن دعوا تان ڪڏھن بہ ھٿ نہ کنیو آھي۔ انڪري سنڌي ۽ سرائيڪي ماڻھو لاڳيتو پنھنجي گُهر جو اظھار ڪندا ٿا اچن تہ ملڪ ۾ ڳالھايون ويندڙ سموريون ٻوليون قومي ٻوليون مڃيون وڃن۔ ھونءَ تہ ملڪ ۾ ستر جي لڳ ڀڳ ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون پر سنڌي، سرائيڪي، پنجاپڪي، پوٽوھاري، ڪشميري، شينا، ھندڪو، پشتو، ٻروچڪي ۽ براھوي ٻولين کي تہ پھرين مرحلي ۾ ۽ فوري طور قومي ٻوليون مڃيو وڃي، انگريزي ۽ اڙدوءَ کي رابطي جي زبان lingua franca طور استعمال ڪيو وڃي.
ھندستان ۾ ھيل تائين ٻاويھ ٻولين کي سرڪاري طور دفتري ٻولي تسليم ڪيو ويو آھي۔ اتي انگريزي ۽ ھندي رابطي جون ٻوليون قرار ڏنل آھن۔ ڪنھن بہ ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ مھل ان جي ثقافتي ورثي، تاريخ، لوڪ ادب ۽ عام واھپي کي نظر ۾ رکيو ويندو آھي۔ ان جي حساب سان جڏھن پرک ۽ ڪٿ ڪيون ٿا تہ سنڌي ٻولي ملڪ جي ٻين ٻولين کان انتھائي مٿاھين درجي تي بيٺل آھي۔ سنڌي ٻولي پاڻ کي پنھنجي ئي اندر مان سراڻ تي سيريندي رھي ٿي ان ڪري کيس ڪٽ نہ ٿي لڳي ۽ پئي پراڻي نہ ٿي ٿئي۔ اھو ئي سبب آھي جو جن ٿورين ٻولين کي بين الاقوامي معيار مطابق پذيرائي ۽ فوقيت حاصل آھي انھن ۾ سنڌي ٻولي بہ شامل آھي۔ ھن وقت تائين گوگل، آرٽيفيشيل انٽيليجنس ۽ چيٽ جي پي ٽيءَ تي سنڌي ٻولي جا بائيٽس ۽ الگوردمس موجود آھن۔ جن کي روز بروز سڌاريو ۽ وڌايو وڃي ٿو۔ سنڌي ٻوليءَ کي يوني ڪوڊ مليل آھي جنھن جي ڪري فيس بوڪ، ٽئيٽر، واٽس ايپ، لنڪڊن تي اوھان ٻوليءَ کي ترجمو ڪري پڙھي ۽ سمجهي سگهو ٿا۔ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ھاڻي تہ گهڻ لساني/گهڻ ٻوليائي سکيا کي تمام سولو ڪيو ويو آھي۔

ڪٿ ۽ پرک سان ايئن لڳي ٿو تہ ٻين وڏين ٻولين ۾ گهڻي ڀاڱي ڪو نہ ڪو رابطو آھي پر سنڌي ٻولي کي سندس انفراديت بچائي بيٺي آھي۔ مثال طور ھنديءَ جي لفظ ماتر کي انگريزيءَ ۾ مدر چئجي ٿو ۽ جرمنيءَ ۾ مُتر، ان جو مطلب ٿيو تہ ھنن لفظن جي جڙ يعني پاڙ ساڳئي آھي پر سنڌيءَ ۾ ماءُ یا امڙ چئبو جيڪو مٿين سڀني آوازن کان منفرد آھي۔ ھنديءَ جي لفظ پدر کي انگريزيءَ ۾ فادر چئبو ۽ جرمنيءَ ۾ واتر، پر سنڌيءَ ۾ پيءُ یا بابو چئبو۔ انگريزيءَ جي ڊاٽر ۽ پارسيءَ جي دختر ساڳيا لفظ آھن۔ سنڌيءَ ۾ ان لاء لفظ ڌيءَ آھي۔ ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي ٻولي آريائي ٻولي سنسڪرت جو جيئن جو تيئن تسلسل ناھي پر ان ۾ ڌراوڙي لفظ بہ شامل آھن۔ اھڙا ڪيترا ئي مثال ڏئي سگهجن ٿا۔
ڪنھن بہ ٻوليءَ کي قومي ٻولي طور چونڊڻ مھل اھو ڏٺو ويندو آھي تہ ھيءَ ٻولي ڪيتري فيصد قومي ۽ ثقافتي نمائندگي ڪري ٿي۔ ھي ملڪ جيئن تہ وفاقي طرز جو آھي، ان ڪري گهڻ قومي ۽ گهڻ ٻوليائي ھئڻ ڪري ھن ۾ جيڪا diversity ھجي ھا ۽ ان تنوع جي ڪري جيڪا گهڻن گلن جي گلدستي جھڙي سونھن ۽ خوشبوءِ ھجي ھا ان کي مسخ ڪري ھڪڙو ئي رنگ مسلط ڪيو ويو۔ ملڪ ٺھڻ وقت صرف ٽي سيڪڙو آبادي اڙدو ڳالھائيندي ھئي۔ اڪثريت جي ٻولي بنگالي ھئي پر اڙدوءَ جي hegemony کي ئي برقرار رکيو ويو ۽ ٻين ٻولين کي علائقائي يا مقامي چئي ٻئي ۽ ٽئين درجي جون ٻوليون قرار ڏنو ويو۔ ان ڪري ملڪ جي اڪائين ۾ نااتفاقي ٿيڻ اڻٽر ھيو۔ ظاھر آھي جڏھن ملڪ جي اقليت پنھنجي ھٺ ڌرميءَ تان نہ لھندي تہ پوءِ اڪثريت ھن فيصلي کي ڇو قبول ڪري؟ ھونءَ ڀي اڙدو لشڪري ٻولي آھي۔ لشڪر ۾ جيئن تہ وڻ وڻ جي ڪاٺي ھوندي آھي ان ڪري نوان نوان لفظ شامل ٿيندا ويندا آھن۔ اڙدو عربي، فارسي،ترڪي ۽ ھنديء جي چارپائيء تي بيٺل ٻولي آھي۔ جيڪڏھن انھن چئني ٻولين جا لفظ ھڪ ھڪ ڪري ڪڍيا وڃن تہ اڙدوءَ وٽ پنھنجو ڪجهہ بہ نہ بچي۔ انگريزي ۾ ھن وقت ھڪ ملين لفظ آھن پر انگريزي بہ لاطیني ۽ يوناني ٻولين جي گهوڙين/بيساکين تي منڊڪائي گهمي ٿي۔ ٻوليون ھڪ ٻئي جو new version/نئين شڪل بہ ٿينديون آھن ۽ extension/ڦھلاءُ بہ۔ موجودہ سنڌي سنسڪرت جو new version ۽ extension آھي۔ سنسڪرت مان پراڪرت جنم ورتو ۽ پراڪرت مان ٻہ شاخون نڪتيون ھڪ سنڌي ۽ ٻيو ھندي۔ ان ڪري موجوده سنڌي سنسڪرت جو نئين شڪل آھي، جنھن ۾ بعد ۾ فارسي ۽ عربي لفظ بہ ملي ويا ھئا۔ ٻولين جو دقيق کان سليس version طرف رخ ٿيندو آھي۔ وڏن وڏن لفظن جي جاءِ short forms والاريندا ويندا آھن ۽ اڳتي ھلي شارٽ فارم ئي ٻولي ٿيندا آھن Doctor جو نعم البدل .Dr ٿي ويو آھي۔ ماڻھو لکت ۾ ڊي آر لکندا آھن۔ پر ان کي ھنڌين ماڳين ڊاڪٽر ئي پڙھيو ويندو آھي۔ ان ڪري جيڪا ٻولي دقيق کان سليس طرف سفر ڪندي سا جيئندي ويندي ۽ جيڪا سليس کان دقيق طرف وڌندي ويندي سا مرندي ويندي۔ اشارن جي ٻولي پھرين بين الاقوامي ڳالھائي ويندڙ ٻولي first international spoken language آھي ۽ ڊرائنگ لکت ۾ پھرين بين الاقوامي ٻولي first international written language آھي، گونگا ھڪ ٻئي سا اشارن سان ڳالھائيندا آھن ۽ ڊرائنگ جي مدد سان پنھنجي ڳالھ پڙھائي سمجهائيندا آھن۔ غفائن ۾ اوائلي دؤر جي ماڻھن جي لکت ۾ ٻولي symbols جي روپ ۾ موجود آھن۔ جنھنکي بعد ۾ اڪر/depiction اچي replace ڪيو۔ John Keats جو مشھور نظم Grecian Urn اڪر جي فن جي ساراھ تي لکيل آھي۔ اڪر ۽ مجسمہ سازي لڳ ڀڳ ساڳئي ئي دؤر جا فن آھن۔ مھين جي دڙي تائين symbols رائج ھئا۔ اجرڪ تي گول، چورس، ڦلڙي ۽ ٽن حصن وارو پن نشان آھن۔ unicorn/ھڪ سڱو جانور، /bull/ڍڳو ۽ dancing girl/ناچڻيءَ جا پتلا ۽ مجسما جوڙڻ symbols يا trade marks آھن. نشانن جي وڏي اھميت آھي۔ مثالطور اوھان ڌارئي ملڪ ۾ پھتا آھيو ۽ اوھانکي بک لڳي آھي پر اتان جي ٻوليءَ ۾ مانيءَ جو ترجمو ڪرڻ نہ ٿو اچي ان ڪري اوھان کي ڊرائنگ جي مدد سان ماني گهرڻي پوندي۔
مھين جي دڙي جي مھرن تي لکيل يا اڪريل لفظ، جيڪي سماجي وھنوار جا نشان آھن۔ روزمره جي ڪمن ڪارن، ڏيتي ليتي ۽ واپار جا ٽريڊ مارڪس ھجڻ سان گڏ اسان جي ثقافت جا اھڃاڻ بہ آھن۔ موهن جي دڙي جي اسڪرپٽ ختم ٿيڻ جو ڪارڻ ھڪ ئي وقت پڙھيل ڳڙھيل ماڻھن جي ڪنھن قدرتي آفت يا انساني حملي جي ڪري ختم ٿيڻ آھي۔ ھن شھر جا سڀئي پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو يا تہ راتو واھ صرف سکٹا سر کٹي لڏ پلاڻ ڪري ويا ھجن يا وري مٿن ڪنھن راتاھو ھڻي حملو ڪيو ھجي جو سڀئي ماڻھو وري ھن شھر ڏي موٽي ئي نہ آیا ھجن ۽ پنھنجي صدين جي ميراث کي ڇڏي وڃي ڪنھن ٻئي علائقي جي رنگ ۾ رڱجي ويا ھجن۔ يا جن سماج جي پرتن کي ھن ٻوليءَ تي عبور حاصل هو ۽ باقي شھري آبادي انھي لپي پڙهڻ کان وانجهيل هئي اھي ٽڙي پکڙي يا مري ويا ھجن۔ جنھنجي ڪري اسڪرپٽ محدود بڻجي ويو ھجي۔ ھي نشان، ڪنھن ايجاد، فصل جي پچڻ، نڪاح، ٻار جي پيدائش، نسلي افزائش، سماجي ڏڻ ۽ تھوارن، جنگ، وبائي بيمارين، قدرتي آفتن جيئن، ٻوڏ، زلزلي جي موقعن جو يادگار بہ ٿي سگهن ٿا۔ مهرن تي موجود جانورن جون تصويرون جانورن جي حقن جي پاسداري لاء آھن۔ ڍڳي کي انسان جو ڀاء سمجهيو ويندو رھيو آھي۔ ھو پوکي راھيء، ھر ھلائڻ، ڳاھ ڳاھڻ، ۽ ڏاند گاڏيء ۾ اناج ۽ ٻيو بار ڍوئڻ ۾ انسان جو جوڙيوال رھيو آھي۔ ڏاند گاڏي ان دؤر جي ترقي يافتہ مشین ھئي۔ ۽ ڦيٿو دنيا جي مشينريء ۾ پھرين ايجاد جي حيثيت رکي ٿو۔ ان ڪري ڳئون ۽ ڏاند ھتان جي معيشت جي اهم ٿنڀا سمجهيا ويندا هئا۔
ھي Unicorn/ھڪ سڱو متان ھن ملڪ جو ناياب جانور ھجي جيئن آسٽريليا جو ڪينگرو ۽ نيوزيلينڊ جو Kiwi پکي۔
اهرام مصر مصرين شوق سان پنھنجي قبرستان لاء اڏيو۔ مصر جا فرعون پنھنجو پاڻ کي ديوتائن جو اولاد سمجهندا هئا پر مهين جي دڙي جا ماڻھو سڄي سماج کي گڏجي سڏجي ھلائيندا ھئا ۽ ونڊي ورھائي کائيندا ھئا۔ جنھن سان سڀن جي ڀاڱي ڀائيواري ٿئي ٿي ۽ ڪنھن ھڪ فرد يا گروھ لاء سموري نقصان جو انديشو گهٽ رھي ٿو۔ مطلب تہ گڏيل فائدو، گڏيل نقصان۔ اڄ تائين سنڌ ۾ هارپي يا ماهيگيري ۾ حصا پتيون هوندا آهن انھي ورڇ هڪ ڌر کي نقصان ٿيڻ جو امڪان گهٽ هوندو آهي۔
سنسڪرت جو لکت ۾ رواج سنڌوءَ جي ڪناري پيو۔ پر ھتان جا ماٹھو ان کان اڳ جيڪا ڌراوڙي ٻولي ڳالهائيندا ھئا سا سنڌي ھئي۔ ان ڪري ڳالھائڻ ۾ سبڌي سنسڪرت کان بہ آڳاٽي آھي پر بعد ۾ جيئن تہ اسان کي پنھنجو لکت ۾ ڪو ڪتاب نہ ٿو ملي ان ڪري ڪا بہ بي بنياد دعوا نہ ٿي ڪري سگهجي۔ سنسڪرت جي پھرين ڪتاب رگ ويد ۾ سنڌو درياءَ جي تعريف ٿيل آھي۔ ظاھر آھي ڪو گنگا ڪناري ويھي سنڌوءَ جي تعريف ڇو ڪندو؟ ھا لڏ پلاڻ ٿي آھي ۽ لڏ پلاڻ اڪثر اتر کان ڏکڻ طرف ٿي آھي۔ ماڻھن برفيلي پھاڙن کان گرم پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ۽ گليشيئرن جي عذاب کان بچڻ لاءِ زرخير زمين طرف رخ ڪيو آھي۔ پر سامونڊي طوفانن ۽ ٻوڏن ممڪن آھي ماڻھن کي اتر طرف ڀڄايو ھجي۔ ان ڪري لڏ پلاڻ جي ڪري آباديء جي mix up جي ڪري نيون نيون ٻوليون/لھجا جڙيا آھن۔ اھو ئي سبب آھي جو چيو ويندو آھي تہ ٻارھين ڪوھين ٻولي ٻي ٿي ويندي آھي۔
_____________________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ء سکر ۾ رھي ٿو.




ماءُ ٻولين جي اھميت جي حوالي سان ڊاڪٽر خادم منگي بھترين آرٽيڪل لکيو آهي.
ٻولي جي حوالي سان بھترين تحرير