Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڀٽائي: درگاھي گھيرن کان جديد سائنسي اُفق تائين: محقق، جاگرافيدان ۽ موسمياتي ماهر

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رڳو لفظن جو جادوگر نه هو، پر هُو سنڌ جي مٽي، ان جي خوشبوءِ، موسمن جي مزاج ۽ زميني گُهرجن کان بخوبي واقف هو. سندس شاعري سنڌ جي ان دور جي هڪ اهڙي “انسائيڪلوپيڊيا” آهي، جنهن ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ سماجيات جا رنگ هڪٻئي سان مليل آهن.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي صرف هڪ روايتي صوفي بزرگ جي خانقاهي دائري مان ڪڍي، کيس هڪ محقق، جاگرافيدان ۽ موسمياتي ماهر جي روپ ۾ ڏسڻ گھرجي. سندس ڪلام کي جديد ۽ سائنسي نموني پرکڻ گھرجي.   

مشيني ڏاھپ سان ٺاھيل تصوير

نصير اعجاز

مان نہ ڀٽائيءَ جو پارکُو آھيان ۽ نہ ئي سندس ڪلام جو حافظ. مون تہ سچ ۾ ڀٽائيءَ کي پُورو پڙھيو بہ ڪونھي. سندس ڪلام کي پڙھڻ ۽ انھيءَ جي سنڌو مھا ساگر جھڙي اونھائيءَ ۾ وڃي سندس فلسفي کي سمجھڻ لاءِ ڪُل وقتي اسڪالر ھجڻ لازم آھي، جيڪو پڻ  مان ناھيان. پر ڀٽائيءَ کي جيڪو بہ ٿورو گھڻو پڙھيو اٿم، انھيءَ آڌار مون کيس ۽ سندس ڪلام کي سمجھڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آھي، انھيءَ حوالي سان مان پنھنجا ڪجھ خيال ھتي ونڊڻ گھران ٿو. 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689–1752) ، جنھن کي اسان سنڌ جو عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي جو امين سڏيون ٿا، اُھو پاڻ يا سندس شاعري صرف روحاني ۽ صوفياڻي معني ۽ مطلب تائين محدود ڪونھي. مون ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ کيس سنڌ جي سامونڊي واپار، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ خلاف سنڌ جي ويڙھاند جي ھڪ  تاريخ نويس، جاگرافيءَ جي ماھر، موسمياتي تبديلين جي ڄاڻو ۽ لوڪ داستانن جي ليکڪ جي ڪردار ۾ ڳولڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڀٽائي ھڪ شاعر ھو ۽ انھيءَ ڪري ھُو تاريخ نويس جي وصف ۾ نٿو اچي، پر سندس شاعريءَ جو ڳوڙھو اڀياس ڪجي تہ اھا شاعريءَ جي رنگ ۾ تاريخ بيان ڪيل آھي.

ڀٽائيءَ کي سنڌ جو صوفي شاعر سڏيو وڃي ٿو، پر جيڪڏھن  کيس صُوفي شاعر مڃجي بہ تہ ڀٽائيءَ بابت ھِي ڪجھ سٽون لکڻ مھل ھُو سچ تہ مونکي جپان جي غلاميءِ کان ڪوريا جي آزاديءَ واري ويڙھاند ۾  سرگرميءَ سان وڙھندڙ مانھاءِ ۽ اھڙن ٻين ٻُڌ ڀڪشوئن جھڙو ئي ڪردار نظر اچي ٿو. ڀٽائي ھٿيار کڻي ڪا گوريلا جنگ ڪونہ وڙھيو پر ھُن ”ھڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار“ جھڙو پيغام ڏئي قوم کي آجپي جي جنگ آخر تائين وڙھڻ جو سڏ ڏنو ھو.   

اھڙي طرح ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ جاگرافي، موسميات ۽ فطرت سان ڳانڍاپو شايد ڪنهن به سنڌي شاعر کان وڌيڪ وسيع انداز ۾ نظر اچي ٿو.

 سندس ڪلام ۾ ميدانن، برپٽن، وارياسن ڀِٽن، جھنگ جبل سميت زمين جي سمورين خاصيتن، موسمن جي تبديلي، درياھن جي وھڪرن، وقت ۽ حالتن جي عڪاسي ڪيل آھي. ڀٽائي جي بيتن ۾ سنڌ جي زميني حالتن کي جھڙي نموني چِٽيو ويو آھي، اُھي سنڌ جي جاگرافيءَ سان لاڳاپيل آهن.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي صرف هڪ روايتي صوفي بزرگ جي خانقاهي دائري مان ڪڍي، کيس هڪ محقق، جاگرافيدان ۽ موسمياتي ماهر جي روپ ۾ ڏسڻ گھرجي. سندس ڪلام کي جديد ۽ سائنسي نموني پرکڻ گھرجي.  مان کيس سنڌ جي جاگرافي، ماحوليات ۽ مزاحمت جو عظيم نقاش سمجھان ٿو. ھيٺ مان پنھنجي سوچ مطابق ڪجھ نقطا پيش ڪريان ٿو، جيڪي ممڪن آھي تہ ڀٽائيءَ تي ڪم ڪندڙ محققن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿين:

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رڳو لفظن جو جادوگر نه هو، پر هُو سنڌ جي مٽي، ان جي خوشبوءِ، موسمن جي مزاج ۽ زميني گُهرجن کان بخوبي واقف هو. سندس شاعري سنڌ جي ان دور جي هڪ اهڙي “انسائيڪلوپيڊيا” آهي، جنهن ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ سماجيات جا رنگ هڪٻئي سان مليل آهن.

ڀٽائيءَ جي سياحت کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف ڪيو. هن جڏهن “سُر کاهوڙي” ۾ جبلن جي لڪن ۽ ڏکين پيچرن جو ذڪر ڪيو، ته اهو محض خيالي نه هو. سُر مارئيءَ ۾ ٿر جي وارياسن ڀٽن، لوڻڪ، لاڻي ۽ پٻڻ جي گلن جو ذڪر ڪري هن ٿر جي جاگرافيائي سڃاڻپ ڪرائي. سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊيءَ ۾ جنهن نموني هن بندرگاهن ۽ سمنڊ جي ويرن جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ثابت ڪري ٿو ته هو سنڌ جي آبي جاگرافيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.

ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ “سُر سارنگ” موسمياتي علم جو هڪ مڪمل دستاويز آهي. هن کي اها پروڙ هئي ته سنڌ جي معيشت جو دارو مدار برسات تي آهي. هو ڪاري ڪڪر جي گجگوڙ، کنوڻين جي چمڪار ۽ اتر جي واءُ جو ذڪر اهڙي ريت ڪري ٿو، ڄڻ ڪو سائنسدان موسمياتي تبديلين کي مانيٽر ڪري رهيو هجي. هن صرف سنڌ جي نه پر استنبول، چين، ثمرقند ۽ روم تائين ڪڪرن جي سفر کي بيان ڪري پنهنجي وسيع عالمي نظريي جو ثبوت ڏنو. هو موسم کي انساني خوشحاليءَ سان ڳنڍي ٿو: “سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهون.”

تاريخ ۽ مزاحمت جو ڪردار ڏسجي تہ ڀٽائي هٿياربند گوريلا ويڙھاڪ تہ ڪو نه هو، پر سندس فڪر ڪنهن به آزاديءَ جي ويڙهاڪ کان گهٽ ناهي. “هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين” جهڙا لفظ قوم ۾ روح ڦوڪڻ لاءِ ڪافي هئا. هن مظلوم طبقن کي پنهنجي داستانن جو هيرو بڻائي وقت جي ڏاڍ خلاف هڪ خاموش پر اثرائتي جنگ وڙهي.

اھڙي طرح  ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيل لوڪ داستان (نوري ڄام تماچي، دودو چنيسر وغيره) سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جا اهم باب آهن، جن کي هن شاعريءَ جي روپ ۾ محفوظ ڪيو.

ڀٽائيءَ وٽ فطرت جا سڀئي عنصر ٻوٽا، جانور، پکي ۽ مڇيون، احترام جي لائق آهن. هو ڪونج جي ولر کان وڇڙڻ تي تڙپي ٿو ۽ هرڻن جي تڙ تي پاڻي پيئڻ جو منظر چٽي ٿو. اها ماحولياتي سڃاڻپ اڄ جي دور جي “ڪلائميٽ چينج” جي شعور سان ميل کائي ٿي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام رڳو تڪئي ۽ تسبيح تائين محدود ناهي. هو سنڌ جي زمين جو اهڙو نقشي نويس آهي، جنهن جي قلم مان نڪتل هڪ هڪ لفظ سنڌ جي جاگرافيائي حدن، موسمن جي تپش ۽ ماڻهن جي ارادن جي گواهي ڏئي ٿو. ڀٽائيءَ کي سمجهڻ لاءِ رڳو زاهد هجڻ ضروري ناهي، پر هن کي هڪ عالم، جاکوڙي ۽ وطن پرست جي اک سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.

آخر ۾ دل چوي ٿي تہ صوبائي وزير سردار شاھ جوحوالو ڏيان، جنھن  ڪجھ سال اڳ ڪنھن پروگرام ۾ چيوھو تہ سنڌ جو ادب 1960 واري ڏھاڪي کان اڳتي وڌي نہ سگھيو آھي. ممڪن اھي تہ منھنجي ڳالھ گھڻن  کي نہ وڻي، پر حقيقت ھيءَ آھي تہ اسان جي ادب جھڙي صورتحال ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اڀياس سان بہ لاڳو ٿئي ٿي. مٿس جيڪا تحقيق پراڻي زماني ۾ ٿي سا ٿي.  انھيءَ کانپوءِ تہ حال انھن ڪاليجي ۽ يونيورسٽي استادن جھڙو آھي جيڪي پنھنجي شاگرديءَ واري زماني جا نوٽس سنڀالي ڪلاسن ۾ پڙھائڻ لاءِ اچي بيھندا آھن. مون ڪيترن ئي ليکڪن کي ڏٺو آھي تہ ڀٽائيءَ تي پُراڻا لفاظيءَ تي ٻڌل مضمون، ھر سال لفظن جي ھيراڦيري ڪري اخبارن ۾ ڇپرائن يا پروگرامن ۾ پڙھي ايوارڊ وٺن ٿا. ڪا نئين شئي آڏو نٿي اچي. ڀٽائيءَ جا پارکو ۽ حافظ سڏائيندڙ اھڙن ليکڪن کي گذارش آھي تہ  جديد دور جي حساب سان ۽ تحقيق جي نئين انداز سان ڀٽائيءَ جي ڪلام جو نہ رُڳو اڀياس ڪن پر اُن کي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ بہ منتقل ڪن تہ جيئن ڀٽائي دنيا جي آڏو ھڪ عظيم شاعر طور اُڀري اچي.    

_____________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button