Editor's pickMain Slideاولھ ايشياڪالم

ايران مٿان مڙھيل آمريڪي اسرائيلي جنگ ۾ فٽبال راند بہ هڪ ذريعو

جنگ جي ٻئي هفتي ۾، ايراني اسٽيڊيمز کي اسرائيلي ۽ آمريڪي ميزائل حملن ۽ بمباري جو نشانو بڻايو ويو. حملي آورن دعوي ڪئي هئي ته اهي هنڌ فوجي سرگرمين لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. انهن ۾ سڀ کان اهم اسپورٽس وينيو 12،000 سيٽن وارو آزادي اسٽيڊيم هو.

ايراني قومي فٽبال ٽيم کي ٽن مهينن کان به گهٽ وقت ۾ 2026ع جي ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺڻ لاءِ آمريڪا جو سفر ڪرڻو آهي، پر 28 فيبروري کان ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي حملن کانپوءِ هي معاملو انتهائي پيچيده ٿي ويو آهي.

ايراني حڪومتي عهديدارن جي تجويز هئي تہ آمريڪا کان ميزباني کسي وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪو ملڪ ٻين ملڪن تي حملا ڪري ٿو، اهو ميزباني جو حقدار ناهي

ايران جي قومي فٽبال ٽيم نائيجيريا خلاف دوستاڻي ميچ دوران اسڪولي بيگ هٿن ۾ کنيا، جيڪو آمريڪي فوجي ميزائل حملي ۾ ايراني پرائمري اسڪول جي مارجي ويل درجنن شاگردن لاءِ هڪ علامتي اظهار هو.

تحرير: علي رضا بهرامي

تهران: ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ ايراني قومي ٽيم جي رانديگرن هڪ ميچ جي افتتاحي تقريب دوران اسڪول جا گلابي بيگ پنهنجن هٿن ۾ کڻي هڪ علامتي احتجاج ڪيو. ان علامتي عمل فيفا (FIFA) جي صدر کي مجبور ڪيو ته هو ان هنڌ جو دورو ڪري، پنهنجي خاموشي ٽوڙي ۽ هڪ واضح موقف اختيار ڪري.

ايراني قومي فٽبال ٽيم کي ٽن مهينن کان به گهٽ وقت ۾ 2026ع جي ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺڻ لاءِ آمريڪا جو سفر ڪرڻو آهي، پر 28 فيبروري کان ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي حملن کانپوءِ هي معاملو انتهائي پيچيده ٿي ويو آهي. تنهن هوندي، گذريل اڱاري تي فيفا جي صدر جي بيان صورتحال کي ڪجهه بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

جنگ جي ٻئي هفتي ۾، ايراني اسٽيڊيمز کي اسرائيلي ۽ آمريڪي ميزائل حملن ۽ بمباري جو نشانو بڻايو ويو. حملي آورن دعوي ڪئي هئي ته اهي هنڌ فوجي سرگرمين (فوجي دستن جي تعيناتي) لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. انهن ۾ سڀ کان اهم اسپورٽس وينيو 12،000 سيٽن وارو آزادي اسٽيڊيم هو.

هي اسٽيڊيم ان ڪمپليڪس جو حصو هو جيڪو 1974ع جي ايشيائي راندين لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. هن اسٽيڊيم ۾ والي بال، ريسلنگ، فوٽسل، ڪراٽي ۽ تائڪوانڊو جا ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي مقابلا منعقد ٿيا، ۽ ايران، ايشيا توڙي دنيا جي ڪيترن ئي رانديگرن جون يادون هن سان وابسته هيون.

هن جنگ ايران ۾ شوقيه رانديگرن ۽ مقامي ٽيمن کي به قتل ڪيو. ان سان گڏ ايراني رانديگرن لاءِ پرڏيهي ٽورنامنٽس ۾ حصو وٺڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيدا ٿي ويون. ايران جو واحد رانديگر جنهن کي ونٽر پيئرالمپڪ گيمز ۾ مسلسل ٽيون ڀيرو شرڪت ڪرڻي هئي، فلائيٽس جي منسوخي سبب غير حاضر رهيو.

آسٽريلين ٽورنامنٽ ۾ ايران جي عورتن جي قومي فٽبال ٽيم جي شرڪت سان لاڳاپيل خبرن ٻين ايراني ٽيمن لاءِ شرڪت ناممڪن بڻائي ڇڏي هئي. پر ورلڊ ڪپ جي صورتحال بلڪل مختلف آهي؛ هي هڪ عالمي راند جو وڏو ايونٽ آهي ۽ هڪ اهڙي تنظيم (فيفا) جو معاملو آهي جيڪا دعويٰ ڪري ٿي ته حڪومتن کي ان ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.

شروعات ۾ اها تجويز پيش ڪئي وئي هئي ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جي ڪري ايران جي گروپ اسٽيج جي ميچن کي آمريڪا مان ميڪسيڪو منتقل ڪيو وڃي (ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا 2026 ورلڊ ڪپ جا گڏيل ميزبان آهن). ميڪسيڪو جي صدر پڻ ان سان اتفاق ڪيو، پر فيفا جو تڪڙو جواب هو ته: “اهو ممڪن ناهي ڇو ته ميچن جون ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.” اهو هڪ مايوس ڪندڙ جواب هو. ڇا رڳو ٽڪيٽن جا پئسا ئي اهميت رکن ٿا؟

ان کان پوءِ صدر ٽرمپ هڪ اهڙو بيان ڏنو جنهن معاملي کي وڌيڪ منجهائي ڇڏيو. پنهنجي ٻه-غلي ڳالهين لاءِ مشهور ٽرمپ چيو: “اسان ايراني ٽيم کي خوش آمديد چئون ٿا، پر مان نه ٿو سمجهان ته انهن جو هتي هجڻ مناسب آهي؛ خود سندن سيڪيورٽي لاءِ.”

ايراني حڪومتي عهديدارن جي تجويز مختلف هئي: آمريڪا کان ميزباني کسي وڃي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪو ملڪ ٻين ملڪن تي حملا ڪري ٿو، اهو ميزباني جو حقدار ناهي. ٻئي طرف، ويسٽ ايشين ريجن ۾ ايشيائي ڪلب چيمپئن شپ جي فائنل مرحلي جو شيڊول پڻ جاري ڪيو ويو، جنهن جو ميزبان سعودي عرب آهي. ان ۾ شامل ٽيمن مان هڪ ايران جي ٽيم ‘ٽريڪٽر’ (Tractor) به آهي. سعودي عرب هن جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي آهي، ۽ ايران آمريڪي اڏن جي موجودگي جي بهاني سعودي عرب تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملا ڪري رهيو آهي.

ايران جي قومي فٽبال ٽيم ڪوسٽا ريڪا خلاف دوستانه ميچ ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي متاثرن جي تصويرن سان گڏ ميدان ۾ لٿي.

ايشيائي فٽبال ڪنفڊريشن (AFC) پاران ميچن جو هنڌ تبديل ڪرڻ جي درخواست کان پوءِ، ايران جي راندين واري وزارت هڪ بيان جاري ڪندي ايراني ٽيمن جي جنگي ملڪن ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. هن خبر هڪ ڀيرو ٻيهر ورلڊ ڪپ ۾ ايراني فٽبال ٽيم جي شرڪت بابت شڪ پيدا ڪري ڇڏيا. ان وقت گڏيل عرب امارات (آمريڪا جو هڪ ٻيو اتحادي جنهن کي ايران نشانو بڻايو هو) جي ٽيم کي ايران جي جڳهه تي شامل ڪرڻ بابت به ڳالهيون ٿيون.

هڪ طرف ايران ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ ٻي ٽيم هئي، ته ٻئي طرف فيفا صدر انفنٽينو ۽ صدر ٽرمپ جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ انفنٽينو جي خاموشي فيفا جي اصولن ۽ ضابطن لاءِ وڏو چيلنج بڻيل هئي. صورتحال ان وقت تائين غير واضح هئي جڏهن ايران جي ٽيم ترڪي ۾ تربيتي ڪيمپ لاءِ رواني ٿي. اها نائيجيريا ۽ ڪوسٽا ريڪا خلاف دوستانه ميچن لاءِ 30 ڪلاڪن جو روڊ جو سفر هو.

27 مارچ تي پهرين ميچ ۾، جڏهن ايراني رانديگر ميدان ۾ داخل ٿيا، ته بينچ تي ويٺل رانديگرن کين نائيجيريا خلاف ميچ جي افتتاحي تقريب ۾ کڻڻ لاءِ ڇوڪرين جا اسڪولي بيگ ڏنا. اهي گلابي بيگ ڏکڻ ايران جي شهر ميناب جي هڪ اسڪول جي ڇوڪرين جي ياد ۾ هئا، جتي آمريڪي ميزائل حملن ۾ 170 شاگرد ۽ استاد مارجي ويا هئا. ايراني فٽبالرن جي هن عمل کي بين الاقوامي ميڊيا ۾ وڏي ڪوريج ملي.

______________

Ali Raza Bahrami-TheAsiaN

علي رضا بھرامي تھران ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو ميمبر آھي

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button