Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

وقت چوي آءُ بادشاھ: وقت جي جمهوريت ۽ ان جي استعمال ۾ اڻبرابري

هر ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي هڪ سادو پر اهم سوال اسان جي زندگين کي بدلائي سگهي ٿو، مثال طور جيڪڏهن اسان پاڻ کان اهو سوال ڪريون ته ڇا مون اڄ پنهنجو وقت شعوري طور تي استعمال ڪيو يا وقت مون کي استعمال ڪيو؟

وقت بي عملي کي خاموشيءَ سان سزا ڏيندو آهي. ڪو به الارم ناهي وڄندو، ڪا وارننگ ناهي ملندي، بس هوريان هوريان اهو احساس پيدا ٿيندو آهي ته وقت ۽ موقعا هٿن مان نڪري ويا آهن.

عبدالله عثمان مورائي

هر روز صبح جو بغير ڪنهن خلل جي دنيا ۾ هڪ ئي ساڳي خاموش رسم ادا ڪئي ويندي آهي ۽ اها آهي گهڙيال جي سُئين جو ٻيهر ٻُڙي يعني زيرو تي اچي وڃڻ ۽ اسان مان هر هڪ کي هڪ نئين سوغات ۽ تحفو ملندو آهي ۽ اهو آهي چوويهه ڪلاڪن جو وقت، نه ان کان وڌيڪ، نه ان کان گهٽ. هي ڪنهن سان به اڻ برابري وارو سلوڪ ناهي ڪندو. هي غريب تي امير کي، اڻ پڙهيل تي تعليم يافته کي ۽ نه ئي پرعزم انسان کي بي پرواهه تي فضيلت ڏئي ٿو. وقت پنهنجي خالص ترين شڪل ۾ انسانيت وٽ موجود سڀ کان وڌيڪ جمهوري وسيلو آهي.

تنهن هوندي به جڏهن اسان پٺتي هٽي پنهنجي چوڌاري ۽ اوسي پاسي جي زندگين جو مشاهدو ڪريون ٿا ته هڪ منجهيل سوال سامهون اچي ٿو ته جيڪڏهن وقت برابر آهي ته پوء ان جا نتيجا ايترا اڻ برابريء وارا ڇو آهن؟

ڇو هڪ شخص پرهه ڦٽيءَ کان اڳ بيدار ٿي علم، مقصد ۽ ترقيءَ جي پٺيان ڊوڙي ٿو، جڏهن ته ٻيو انهن ئي ڪلاڪن کي  بي مقصد ۽ غفلت جي نذر ڪري ڇڏي ٿو؟ ڇو هڪ شخص ڏينهن کي سنگِ ميل ۾ بدلائي ڇڏي ٿو جڏهن ته ٻيو سالن کي ايئن ئي گذاري ڇڏي ٿو؟ جواب پاڻ وقت ۾ ناهي پر ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان ان کي ڪيئن سمجهون ۽ استعمال ڪريون ٿا.

برابريءَ جو وهم

اهو سوچڻ تسلي ڏيندڙ آهي ته برابر وقت جو مطلب برابر موقعا آهن. پر وقت بذات خود پاڻ ۾ رڳو هڪ ٿانو آهي. اسان ان کي ڪهڙي شيءِ سان ڀرڻ جي چونڊ ڪريون ٿا، اهو ئي ان جي  قدر ۽ قيمت جو تعين ڪري ٿو۔

ٻه شاگرد هڪ ئي ڪلاس جي ڪمري ۾ ويهن ٿا، هڪ ئي ليڪچر ٻڌن ٿا ۽ هڪ ئي جهڙن ڪتابن تائين پهچ رکن ٿا. هڪ شاگرد شام جي وقت سبق ورجائڻ، سوال ڪرڻ ۽ نصاب کان ٻاهر سکڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. ٻيو وري ساڳيو وقت موبائل فون تي اسڪرول ڪندي ۽ محنت کي سڀاڻي تي ٽاري وقت گذاري ٿو. سالن کان پوءِ انهن جون زندگيون ڊرامائي ۽ مڪمل طور تي مڙي مختلف رخ اختيار ڪري وٺن ٿيون. اهو ان ڪري ناهي ته وقت انهن سان مختلف سلوڪ ڪيو اهو اصل ۾ ان ڪري آهي ته انهن وقت سان ڪهڙو مختلف سلوڪ ڪيو۔

وقت موجودگي کي نه پر ارادي کي انعام ڏئي ٿو

انساني زندگيون چونڊن جي هڪ وسيع دائري ۾ پکڙيل آهن. ڪجهه ماڻهو اعليٰ تعليم رڳو ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر سمجهه ۽ ڏاهپ لاءِ حاصل ڪن ٿا ۽ ان لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪن ٿا. ڪجهه گهٽ هجڻ تي ئي قناعت ڪن ٿا، رڳو بنيادي اميدن تي پورو لهڻ کي ئي ڪافي سمجهن ٿا ۽ ان کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نٿا ڪن ۽ ڪجهه ماڻهو وري حالتن جي وهڪري ۾ وهندا رهن ٿا، نه جدوجهد ڪن ٿا ۽ نه ئي وري مزاحمت، بس موجود رهن ٿا۔

وقت ڪنهن کي به ڪنهن خاص رستي تي هلڻ لاءِ مجبور نٿو ڪري. اهي رستا ذهنيت، نظم ۽ ضبط، ماحول ۽ سڀ کان اهم ذاتي چونڊ سان ٺهن ٿا. الميو اهو ناهي ته ماڻهو مختلف چونڊون ڪن ٿا پر ان جي ابتڙ الميو اهو آهي ته گهڻن کي اهو احساس ئي نٿو ٿئي ته انهن وٽ شروعات کان ئي چونڊ جو حق ۽ اختيار موجود هو۔

شعور جو بار

 آگاهي ۽ شعور هڪ اهم موڙ آهي. جنهن گهڙيء انسان کي اهو حقيقي ادراڪ ۽ احساس ٿي ويندو آهي ته وقت محدود ۽ ناقابل واپسي آهي تڏهن سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي. وڃايل پئسو ٻيهر ڪمائي سگهجي ٿو. ٽٽل تعلقات ۽ لاڳاپا ڪڏهن ڪڏهن بحال ٿي سگهن ٿا. پر ضايع ٿيل منٽ، ڪلاڪ ۽ ڏينهن خاموشيءَ سان تاريخ ۾ گم ٿي ويندا آهن، جيڪو ڪڏهن به موٽي ناهن ايندا.

پر تنهن هوندي به رڳو شعور يا آگاهي ڪافي ناهي. ڪيترائي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته وقت قيمتي آهي پر پوءِ به ان کي غلط استعمال ڪن ٿا. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته آساني، سولائي ۽ سڪون  دلڪش ۽ پرڪشش آهي. محنت ڏکي، مشڪل ۽ مطالبو ڪري ٿي. ترقي اڪثر ڪري تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي. وقت جو دانشمندانه ۽ صحيح استعمال اڪثر اڄ جي آرام کي ڇڏي بهتر مستقبل لاءِ اڄ جي تڪليف ۽ جدوجهد چونڊڻ جو نالو آهي ۽ اهو هڪ اهڙو واپار آهي جنهن کان ڪيترائي ماڻهو لهرائين ۽ هٻڪن ٿا.

ننڍن فيصلن جي طاقت

زندگي اڪثر ڪري وڏن ۽ ڊرامائي  گهڙين سان ناهي ٺهندي پر ننڍن ۽ هر هر ورجائيندڙ فيصلن سان تشڪيل ٿي ٺهي ٿي. مثال طور اڄ هڪ صفحو وڌيڪ پڙهڻ جو فيصلو، هڪ ڪلاڪ اڳ جاڳڻ جو فيصلو، نئين مهارت سکڻ جو فيصلو ۽ ڌيان ڀٽڪائڻ بدران نظم ۽ ضبط اختيار ڪرڻ جو فيصلو.

انفرادي طور تي اهي چونڊون معمولي لڳن ٿيون پر مجموعي ۽ گڏيل طور تي اهي تقدير بڻجي وڃن ٿيون. ڪو به شخص اوچتو ڪامياب يا ناڪام ناهي ٿيندو. اهو رڳو ان ڳالهه جو مجموعي نتيجو بڻجي ويندو آهي ته هن پنهنجو وقت ڪيئن گذاريو آهي.

ظاهر ۽ لڪل موقعا

اها به حقيقت آهي ته هر ڪنهن جي شروعات هڪ جهڙي ناهي هوندي. ڪجهه ماڻهن کي بهتر تعليم، مددگار ماحول، وسيلن تي پهچ يعني پيسي ڏوڪڙ جو هجڻ يا رهنمائيءَ تائين پهچ حاصل هوندي آهي. ٻين کي محدود حدن، ذميوارين يا سماجي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. پر هر حال ۾ ڪجهه فائدا ۽ وسيلا هر وقت موجود هوندا آهن، ڀلي اهي ڪيترا به ننڍا ڇو نه هجن، مثال طور اڄ جي دور ۾ فون جي ذريعي معلومات تائين پهچ حاصل ڪرڻ، مشاهدو ڪرڻ، سکڻ ۽ پاڻ کي حالتن موجب بدلائڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ ۽ سوچڻ، غور ڪرڻ ۽ بهتري آڻڻ جي قوت حاصل ڪرڻ وغيره.

فرق اڪثر انهن فائدن کي سڃاڻڻ ۽ انهن کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ ۾ هوندو آهي. ڪامياب اهي ناهن هوندا جن وٽ سڀ کان وڌيڪ وسيلا هوندا آهن، پر اهي هوندا آهن جيڪي پاڻ وٽ موجود وسيلن جو بهترين استعمال ڪن ٿا.

ڪجهه به نه ڪرڻ جي قيمت

 شايد وقت جو سڀ کان خطرناڪ استعمال غلطيون ڪرڻ ناهي پر ڪجهه نه ڪرڻ آهي. غلطيون سيکارين ٿيون، محنت تعمير ڪري ٿي، ناڪامي به سبق ڏئي ٿي. پر بي عملي؟ اها نه تجربو ڇڏي ٿي، نه ترقي، نه ڪا ڪهاڻي، پر آخر ۾ رڳو پڇتاءُ. سالن کان پوءِ سڀ کان ڳرو بار جيڪو ماڻهو کڻندا آهن، اهو اهو ناهي هوندو ته هنن ڪهڙي شيءِ ۾ ڪوشش ڪئي ۽ ناڪام ٿيا پر اهو هوندو آهي جيڪو هنن ڪڏهن آزمايو ئي ناهي هوندو.

وقت بي عملي کي خاموشيءَ سان سزا ڏيندو آهي. ڪو به الارم ناهي وڄندو، ڪا وارننگ ناهي ملندي، بس هوريان هوريان اهو احساس پيدا ٿيندو آهي ته وقت ۽ موقعا هٿن مان نڪري ويا آهن.

ڪاميابيءَ جي نئين وصف

وقت جي شعوري ۽ دانشمندانه استعمال جو مطلب اهو ناهي ته هر ڪنهن کي هڪ ئي جهڙن مقصدن پٺيان ڊوڙڻ گهرجي. ڪاميابي رڳو تعليمي ڪاميابين يا پيشاورانه ڪاميابين تائين محدود ناهي. ڪنهن لاءِ وقت جو بهترين استعمال بامعنيٰ تعلقات ٺاهڻ، وس آهر معاشري ۽ سماج ۾ پنهنجو حصو وجهڻ، ڪو فن تخليق ڪرڻ، مڪمل ڌيان سان خاندان جي پرورش ڪرڻ يا اندروني سڪون ۽ مقصد ڳولڻ ٿي سگهي ٿو.

اصل ڳالهه اها ناهي ته اسان ڇا چونڊيون ٿا پر اها آهي ته اسان با شعور ٿي چونڊيون. ارادي سان گذاريل زندگي، کڻي ان جو رستو ڪهڙو به هجي، بي مقصد زندگي کان گهڻو وڌيڪ قيمتي آهي۔

پڇڻ ۽ سوچڻ جي لائق هڪ اهم سوال

هر ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي هڪ سادو پر اهم سوال اسان جي زندگين کي بدلائي سگهي ٿو، مثال طور جيڪڏهن اسان پاڻ کان اهو سوال ڪريون ته ڇا مون اڄ پنهنجو وقت شعوري طور تي استعمال ڪيو يا وقت مون کي استعمال ڪيو؟

هي هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو ايمانداريء گهري ٿو ۽ ان ايمانداريءَ ۾ ئي تبديليءَ جو امڪان لڪل هوندو آهي.

وقت جي ذميواري

حقيقت ۽ جوهر اهو آهي ته وقت منصفاڻو آهي پر زندگيءَ جي منصفاڻي هجڻ جي ڪا به ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. اسان مان هر ڪنهن وٽ روزاني جي بنياد تي هڪ ئي دولت يعني وقت هوندو آهي، پر اسان ان کي مختلف طريقن سان خرچ ڪريون ٿا. ڪي ان کي سيڙپڪاري بڻائين ٿا ته ڪي وري ان کي ضايع ڪن ٿا ۽ ڪن کي ته وري اهو احساس به ناهي ٿيندو ته اهي ان ناياب دولت کي خرچ ڪري رهيا آهن.

آخر ۾ حاصل ڪلام اهو آهي ته چئلينج وقت بابت شڪايت ڪرڻ ناهي پر ان جي ذميواري کڻڻ آهي. جيڪي به موقعا توهان وٽ موجود آهن، ڀلي اهي ڪيترا به ننڍا ڇو نه هجن انهن کي استعمال ڪريو. سکو، وڌو، ڳولا ڪريو ۽ ڪجهه بامعني تعمير ڪريو. ڇاڪاڻ ته آخر ۾ زندگي ان ڳالهه سان ناهي ماپي ويندي ته اسان کي ڪيترو وقت مليو هو، پر ان ڳالهه سان ته اسان ان کي ڪيئن استعمال ڪيو.

_____________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button