Editor's pickMain Slideثقافت

جپان جي شھر اوساڪا ۾ سنڌ جي ملھ پھلوانن ۽ جپاني سومو پھلوانن جو مقابلو

سنڌ مان ملھ پھلوانن محمد صديق ۽ قربان ھوٿيپوٽي مقابلي ۾ حصو ورتو. پھلوان محرم مجيداڻي ريفريءَ جو ڪردار ادا ڪيو.

مقابلو چئن رائونڊن ۾ ٿيو. پھرين رائونڊ ۾ سومو مقابلو پيش ڪيو ويو، ٻئي رائونڊ ۾ ملھہ مقابلو پيش ڪيو ويو، جيڪو صديق بگٽيءَ کٽيو، ٽئين رائونڊ ۾ سومو ۽ ملھہ پھلوانن جو مقابلو سومو جي انداز ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو سومو پھلوان کٽيو، جڏھن تہ چوٿون رائونڊ سومو ۽ ملھہ پھلوانن جي وچ ۾ ملھہ واري انداز ۾ ٿيو، جنهن ۾ پڻ صديق بگٽي سوڀارو ٿيو.

اوساڪا، جپان

پاڪستان جپان  ايسوسيئيشن ڪانسائي پاران جپان جي شھر اوساڪا ۾ عالمي پاڪستان اوساڪا ڪلچرل فيسٽيول جي پھرين ڏينهن واري تقريب ڪانسائي جي ھڪ شاندار ھال ۾ ٿي، جنهن ۾ جپان ۾ رھندڙ پاڪستانين ۽ مقامي شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

جپان ۾ پاڪستان جي سفير عبدالحميد ۽ ڪانسائي جي ميئر ھن فيسٽيول جو افتتاح ڪيو.

شروعات ۾ سنڌ مان آيل صابري قوال جي گروپ قوالي پيش ڪري رنگ ڄمائي ڇڏيو. تنهن بعد سنڌ جي قديمي ثقافتي راند ملھہ ۽ جپان جي قديمي ثقافتي راند سومو جا گڏيل مقابلا ٿيا. شرڪت لاءِ سنڌ مان آيل ملهه پھلوانن محمد صديق ۽ قربان ھوٿيپوٽي مقابلي ۾ حصو ورتو. جڏھن تہ پھلوان محرم مجيداڻي ريفريءَ جو ڪردار ادا ڪيو.

سعيدمنگي ۽ قربان منگي پھلوانن سان گڏ

مقابلو چئن رائونڊن ۾ ٿيو. پھرين رائونڊ ۾ سومو مقابلو پيش ڪيو ويو، ٻئي رائونڊ ۾ ملھہ مقابلو پيش ڪيو ويو، جيڪو صديق بگٽيءَ کٽيو، ٽئين رائونڊ ۾ سومو ۽ ملھہ پھلوانن جو مقابلو سومو جي انداز ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو سومو پھلوان کٽيو، جڏھن تہ چوٿون رائونڊ سومو ۽ ملھہ پھلوانن جي وچ ۾ ملھہ واري انداز ۾ ٿيو، جنهن ۾ پڻ صديق بگٽي سوڀارو ٿيو.

فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙن وڏي دلچسپيءَ سان ھي مقابلا ڏٺا ۽ پھلوانن کي ڀرپور داد ڏنو. سنڌ مان گروپ ڪوآرڊينيٽر ناميارو سفرنامہ نگار ۽ پبلشر قربان منگي، گروپ ليڊر ناميارو مصور ۽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جو ڊائريڪٽر سعيد منگي، سنڌ جي ثقافتي لباس شلوار قميص،اجرڪن ۽ سنڌي ٽوپين ۾ ملبوس ھن موقعي تي شريڪ ٿيا.

پاڪستاني سفير، اوساڪا جو ميئر ۽ ٻيا مھمان

سعيد منگيءَ ھن موقعي تي ملھہ راند جي تاريخ جي حوالي سان تفصيل سان بيان ڪيو. ھن موقعي تي سعيد منگيءَ پاران ملھہ راند جي موضوع تي ھڪ ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي وئي.

قربان منگيءَ جپان جي سفير کي، سعيد منگيءَ شھر ھي ميئر کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپين جا تحفا ڏنا. ملھہ پھلوانن سومو پھلوانن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، جڏھن تہ سومو پھلوانن پڻ کين جپان جون ثقافتي سوکڙيون ڏنيون.

جاپاني ميزبان علي جوھر زيديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ھن تقريب جو اھتمام ٿيو، جيڪو بنيادي طرح، لقمان ،خيرپور ميرس، سنڌ ، پاڪستان جو رھواسي آھي. ھن موقعي تي علي جوھر زيديءَ پاران آجياڻو پيش ڪيو ويو ۽ پڻ سنڌ مان آيل مھمانن کي سوکڙيون پيش ڪيون ويون.

پاڪستان ايسوسئيشن ڪانسائي جي اڳواڻ علي جوھر زيديءَ ھن موقعي تي چيو تہ سنڌ مان مھمانن جي آمد اسان لاءِ خوشين جا خزانہ کڻي آئي آھي. سنڌ جو ملاکڙو ۽ جپان جي سومو راند يڪجا ٿيڻ سان محبتن ۽ عالمي ثقافتي يڪجھتيءَ جا رنگ نروار ٿيا آھن ۽ پاڪستان جاپان دوستي مضبوطيءَ جي سفر ڏانهن وڌي آھي.

ھن اھو بہ چيو تہ جاپان جي سومو پھلوانن کي پڻ سنڌ پاڪستان ۾ اچي ھن قسم جا مقابلا ڪرڻ گهرجن جنهن لاءِ پاڪستان حڪومت کي اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي.

جپان جي هن فيسٽيول ۾ سنڌ پاڪستان جي ثقافتي وفد کي موڪلڻ جو اهتمام پاڪستان جپان ڪلچرل ايسوسيئشن سنڌ پاڪستان چيپٽر جي اڳواڻ محمد عظمت  شگيوڪي اتاڪا طرفان ڪيو ويو آهي. جنهن جي اڻٿڪ محنتن سان هي وفد جاپان پهتو. (پريس رليز)

_______________  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button