ڪراچيءَ جو وساريل ورثو: تاريخي ڪلاڪ ٽاور ۽ ڏھاڪن کان بند پيل گھڙيال
اختيارين هن وقت تائين شهر ۾ 15 ڪلاڪ ٽاورن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن مان اڪثر 1882ع کان 1931ع جي وچ ۾ تعمير ڪيا ويا هئا.
ڪراچي جا تاريخي ڪلاڪ ٽاور ڪنهن زماني ۾ شهر جي رفتار جو تعين ڪندا هئا، پر اڄ اهي يادگارن جي صورت ۾ موجود آهن ۽ اسان کي ان غفلت کان خبردار ڪري رهيا آهن جيڪا تاريخ کي ميساري سگهي ٿي.

عامر لطيف ڪراچي، سنڌ
پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ کي اڪثر خبرن ۾ هڪ بي ترتيب ۽ جديد اڏاوتن ۾ گهيريل شهر طور پيش ڪيو ويندو آهي. پر آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن، ٽريفڪ سان ڀريل رستن ۽ ڳُتيل آبادين جي وچ ۾ هڪ مختلف شهر جون يادگيريون اڃا به موجود آهن – هڪ اهڙو بندرگاهه جيڪو ڪڏهن پنهنجي نظم و ضبط، نفاست ۽ طرزِ تعمير جي ڪري مشهور هو.
انهن نشانين ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان ڪراچيءَ جا تاريخي ڪلاڪ ٽاور آهن. 19هين صدي جي آخر ۽ 20هين صدي جي شروعات ۾ تعمير ٿيل اهي نارنگي ۽ گلابي رنگ جون اڏاوتون ڪڏهن شهر جي زندگي جي گهڙيال کي سنڀالينديون هيون. اڄ انهن مان گهڻا ٽاور ڀڄي ڀُري رهيا آهن، وسارجي ويا آهن يا ناجائز قبضا انهن تي ڇائنجي ويا آهن، جنهن ڪري مورخ ۽ قديم آثارن جا ماهر پريشان آهن ته شهر جي ماضيءَ جو هي ناياب باب جلد ختم نه ٿي وڃي.

صدر جي مرڪزي علائقي ۾، چيني ڏندن جي ڪلينڪن ۽ ڪرياني جي دڪانن جي وچ ۾، 19هين صدي جي ايڊلجي دنشا چيريٽيبل ڊسپنسري جو ڪلاڪ ٽاور بيٺل آهي، جيڪو هاڻي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي زيرِ انتظام آهي. هي وڪٽورين دور جي عمارت، جيڪا 1882ع ۾ ٺهي هئي، اڄ به ڊسپنسري طور استعمال ٿي رهي آهي، پر ان جون ڪڏهن اڇيون رهندڙ ڪاٺ جون دريون هاڻي دونهين سبب ڪاريون ٿي چڪيون آهن. ان جي دروازي تي لڳل گھڙيال جون سوئيون ڏهاڪن کان هڪ ئي جاءِ تي بيٺل آهن.
ڪجهه ڪلوميٽر پري، لِي مارڪيٽ جو ڪلاڪ ٽاور – جيڪو ڪڏهن ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي پسنديده جاءِ هوندو هو – ان کان به بدتر حال ۾ آهي. هتي هڪ عارضي سبزي منڊي عمارت جي اندر تائين پکڙيل آهي، جڏهن ته ڪيترائي آٽو رڪشا ان جي دروازي کي غير قانوني اسٽينڊ طور استعمال ڪن ٿا. گھڙيال جون سوئيون زنگجي چڪيون آهن ۽ 11:45 تي رڪجي ويون آهن – اهو صبح هئي يا رات، ڪنهن کي ياد ناهي.

ستر سالن جي رٽائرڊ استاد مختار بلوچ چيو ته، “هي علائقي جي نوجوانن ۽ بزرگن جي پسنديده جاءِ هئي. مون کي اڃا تائين ياد آهي جڏهن هي هنڌ سياسي ۽ سماجي بحثن جو مرڪز هوندو هو، پر وقت سان گڏ ان جي رونق ختم ٿي وئي آهي.”
’وساريل شهر جي دل جي ڌڙڪن‘
ڪراچي جي هيريٽيج ريسرچر شاهين نعمان ٻڌايو ته 2019ع تائين شهر ۾ لڳ ڀڳ 11 ڪلاڪ ٽاور رڪارڊ تي هئا. تازي سروي ۾ ڏکڻ ضلعي مان 4 وڌيڪ ٽاور مليا آهن، جنهن کانپوءِ ڪل تعداد 15 ٿي ويو آهي. انهن ۾ ميري ويدر ٽاور (1884)، هولي ٽرنيٽي ڪيٿڊرل (1885)، ايمپريس مارڪيٽ (1889)، پونا ٻائي ميميا (1889)، سڊنهم پيسنجر پيولين (1913)، لڪشمي بلڊنگ (1924) ۽ ليا مارڪيٽ (1927) شامل آهن.
شاهين نعمان موجب، انهن مان صرف ٽي ڪم ڪري رهيا آهن. “اهي ٽاور ان وقت تعمير ڪيا ويا جڏهن گهڙيال هڪ آسائش هئي جيڪا تمام گهٽ ماڻهن وٽ هوندي هئي. ان ڪري اهي ڪلاڪ ٽاور شهرين لاءِ ضروري هئا ته جيئن انهن جي گونج پري پري تائين ٻڌي سگهجي.”

تُرت بچاءُ جي ضرورت
اميد جو هڪ ڪرڻو ايمپريس مارڪيٽ مان ملي ٿو، جتي مقامي ٽيڪنيشن بلال آصف جي ڪوششن سان ڪلاڪ ٽاور ٻيهر زنده ٿي ويو آهي. 2018ع ۾ قبضا ختم ڪرڻ جي مهم کانپوءِ بلال آصف ان پراڻي گهڙيال کي ٻيهر فعال ڪيو. هي هاڻي ڪراچيءَ جو واحد هائبرڊ پاورڊ ڪلاڪ ٽاور آهي.
آرڪيٽيڪٽ ۽ هيريٽيج ايڊووڪيٽ ماروي مظهر جو چوڻ آهي ته انهن گھڙيالن کي باضابطه طور تي ورثو قرار ڏنو وڃي ۽ هر مهيني انهن جي چڪاس ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي حالت جي جوابداري طئي ٿي سگهي.

شاهين نعمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته، “اهي وساريل ڪلاڪ ٽاور ڪڏهن شهر جي دل جي ڌڙڪن هئا. جڏهن ميري ويدر ٽاور يا KMC جي عمارت جو گهڙيال وڄي ٿو، ته ان جو آواز اسان کي سئو سال پوئتي وٺي وڃي ٿو – ان دور ۾ جڏهن هي روزاني زندگي جي رفتار جو واحد ذريعو هئا.”
________________
عامر لطيف سينئر صحافي ۽ تُرڪيءَ جي ھڪ خابرو اداري اَنادولو ايجنسيءَ جو عيوضي آھي .
اَنادولو ايجنسيءَ Anadolu Agency جي ٿورن سان



