فلم رِنڪل: سنڌ جي ھڪ ليکڪ جو بالي ووڊ تي اسڪرپٽ چوري ڪرڻ جو الزام
ليکڪ مُصور چوھاڻ الزام ھنيو آھي تہ سندس اردوءَ ۾ لکيل ٻہ سئو صفحن جي تحقيقي فلمي اسڪرپٽ آمريڪا ۾ رھندڙ هڪ اڳوڻي سنڌي صحافيءَ بداعتمادي ڪندي بالي ووڊ کي وڪرو ڪئي آهي.

ڪراچي
سنڌ جي ھڪ نوجوان ليکڪ ۽ محقق مصور چوهاڻ دعوي ڪئي آهي ته سندس ٻن سالن جي محنت سان اردوءَ ۾ لکيل 200 صفحن تي مشتمل تحقيقي فلمي اسڪرپٽ آمريڪا ۾ رھندڙ هڪ اڳوڻي سنڌي صحافيءَ بداعتمادي ڪندي بالي ووڊ کي وڪرو ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي رکيل پنهنجي هڪ بيان ۾ مصور چوهاڻ چيو ته اٽڪل ٽي سال اڳ ڏينھن رات جي محنت سان هن ڀورو ڀيل ۽ رنڪل ڪماريءَ جي زندگيءَ تي هڪ تحقيقي اسڪرپٽ I am Bhooro Bheel تيار ڪئي هئي. هن اسڪرپٽ جو پي ڊي ايف فائل رڳو ٻن ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ ڏنو ويو هو، جن مان هڪ وفات ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ٻيو شخص هن وقت آمريڪا ۾ رهندڙ آهي، جنهن اها محنت چوري ڪري بالي ووڊ کي وڪڻي ڇڏي آهي.
ليکڪ موجب، تازو رليز ٿيل انڊين فلم ”رِنڪل“ جي ٽريلر ۾ رنڪل ڪماريءَ جي اغوا، مذهب جي تبديلي ۽ ٿاڻي جا منظر بلڪل سندس اسڪرپٽ جي عڪاسي ڪن ٿا. هن الزام هنيو ته صرف ڊائلاگ تبديل ڪري فلم ۾ انڊين پروپيگنڊا شامل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسڪرپٽ چوري ڪندڙ اڳوڻي صحافي جو نالو فلم جي ٽريلر ۾ “خاص مھرباني” طور پڻ شامل ڪيو ويو آهي.
مصور چوهاڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلم رليز ٿيڻ بعد وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون. هن اعلان ڪيو آهي ته هو جلد ئي ڪراچيءَ ۾ سمورن ثبوتن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندو ۽ اسڪرپٽ چوري ڪندڙ شخص کي قانوني نوٽيس موڪلي هرجاڻي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو، جنهن سندس ڪم هڪ انڊين پروڊيوسر کي وڪرو/گفٽ ڪري ساڻس تاريخي بداعتمادي ڪئي آهي.
واضح ھجي تہ فلم رِنڪل جي ٽريلر ۾ ھڪ شخص اسد چانڊئي جو نالو ۽ سندس ٿورو مڃيل آھي.
__________



