گل پلازا سانحو: هڪ سبق، هڪ سوال، اڻکٽ ذميواريون ۽ تبديليءَ جي گھرج
هيءُ واقعو رڳو هڪ عمارت جي تباهي نه هو پر اهو اسان جي زندگين، شهرن ۽ سسٽم ۾ موجود سنگين خاميُن ۽ خالن جو آئينو آهي
ترقي يافته ملڪن ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي بنيادي حيثيت ڏني ويندي آهي. اسان کي هاڻي رڳو ماتم نه پر عملي قدم کڻڻ گهرجن.
عبدالله عثمان مورائي
ڪراچي جي دل بندر روڊ تي گل پلازا ۾ تازو لڳل خوفناڪ باهه هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي سامهون ڪيترائي سوال اٿاري وئي آهي. هيءُ واقعو رڳو هڪ عمارت جي تباهي نه هو پر اهو اسان جي زندگين، شهرن ۽ سسٽم ۾ موجود سنگين خاميُن ۽ خالن جو آئينو آهي. منهنجي دلي همدردي انهن سمورن ماڻهن سان آهي جن پنهنجون زندگيون وڃائي ڇڏيون ۽ سندن وارثن سان گهري تعزيت پيش ڪجي ٿي. اهو دردناڪ واقعو اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسين پنهنجي ماضيءَ مان سبق سکون ۽ مستقبل لاءِ پڪا قدم کڻون.

ترقي يافته ملڪن جو ماڊل: حفاظت جو فلسفو
ترقي يافته ملڪن ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي بنيادي حيثيت ڏني ويندي آهي. اتي عمارتون ٺاهڻ وقت خاص طور تي شاپنگ سينٽرز ۽ پبلڪ هنڌن تي هيٺيون شيون يقيني بڻايون وينديون آهن مثال طورايمرجنسي ۾ نڪرڻ جا رستا (Emergency Exits) ، اهي هميشه فنڪشنل ۽ کليل رکيا ويندا آهن ۽ هڪ ٻئي کان گهٽ فاصلي تي ٺاهيا ويندا آهن. ٻيو وري باهه وسائڻ وارا ننڍا اوزار يعني Fire Extinguishers ٿوري ٿوري فاصلي تي موجود هوندا آهن ته جيئن باهه لڳڻ جي صورت ۾ فوري طور استعمال ڪري سگهجن. ان سان گڏوگڏ جديد ۽ اثرائتو فائر الارم سسٽم نصب هوندو آهي جيڪو باهه لڳڻ جي صورت ۾ فوري طور تي ماڻهن کي خبردار ڪري ٿو.
نه رڳو اهو پر اتي عمارتن ۾ باهه کان بچاءُ ۽ ايمرجنسي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت يافته عملو موجود هوندو آهي ۽ باقاعده بنيادن تي فائر ڊرلز ڪرايون وينديون آهن ته جيئن سسٽم جي افاديت ۽ ماڻهن جي تياري کي چيڪ ڪري سگهجي. اسڪيپ ويز ۽ ايمرجنسي دروازا عمارتن جو حصو هجن ٿا جن کي اهڙي طرح ڊزائين ڪيو ويندو آهي جو ماڻهو سولائيء سان ٻاهر نڪري سگهن. نڪرڻ جا نشان (Exit Signs) واضح طور تي لڳل هوندا آهن جيڪي ايمرجنسي جي صورت ۾ رهنمائي ڪن ٿا.
انهن قدمن جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏيون باهيون لڳڻ باوجود جاني نقصان گهٽ ٿيندو آهي. مثال طور، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪيترين ئي عمارتن ۾ باهيون لڳنديون آهن پر جديد سسٽم ۽ تربيت سبب ماڻهن کي وقت سر نڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي.

دنيا جا مثال جتي حفاظتي انتظامن جانيون بچايون
دبئي جي دي ايڊريس هوٽل ۾ سن 2015ع ۾ وڏي باهه لڳي پر ڪنهن به ماڻهو جي جان نه وئي ڇاڪاڻ ته عمارت ۾ الارم، اسپرنڪلر ۽ ايمرجنسي ۾ ٻاهر نڪرڻ جا رستا موجود هئا.
آمريڪا جي جديد شاپنگ سينٽرن ۾ به باهه لڳڻ باوجود ماڻهن کي محفوظ نموني ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هر شيءِ اڳواٽ تيار هوندي آهي.
اهي شيون ٻڌائين ٿيو ته اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ لاء اڳواٽ تياري ڪيتري ضروري آهي.
اسان جا سوال ۽ سبق
گل پلازا جهڙا واقعا اسان کي هڪ اهم سوال ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ته ڇا جاني نقصان ٿيڻ کان پوءِ ئي اسين سکنداسين؟ حفاظتي قانون ڇو نظرانداز ڪيا وڃن ٿا؟ ڇا اڳيان به اهڙا سانحا ٿيندا رهندا؟
اسان کي هاڻي رڳو ماتم نه پر عملي قدم کڻڻ گهرجن. اسان جي ملڪ ۾، خاص ڪري شاپنگ سينٽرن ۽ گهڻ ماڙ عمارتن ۾ فائر سيفٽي جي معياري اصولن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ايمرجنسي ايگزٽس اڪثر ڪري بند هوندا آهن يا انهن تي سامان رکيل هوندو آهي. Fire Extinguishers غائب هوندا آهن يا اڻ استعمال ٿيل حالت ۾ هوندا آهن. الارم سسٽم ناڪاره يا انسٽال ٿيل ئي نه هوندا آهن.
مستقبل جي عمارتن جو ڊزائين ۽ حفاظتي اپاءَ
اسان کي هاڻي ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي ۽ هيٺين قدمن تي فوري عمل ڪرڻ گهرجي
نيون عمارتون، خاص طور تي شاپنگ سينٽر ۽ پبلڪ گڏجاڻين جا هنڌ، باهه کان بچاءُ جي بين الاقوامي معيارن (International Fire Safety Codes) مطابق ڊزائين ڪيا وڃن. انهن ۾ لازمي طور تي ايمرجنسي ايگزٽس، اسڪيپ ويز ۽ فائر اسٽاپ والز (Fire Stop Walls) شامل هجن.
فائر سيفٽي جو سامان مثال طور Fire Extinguishers باقاعدگي سان چيڪ ڪيا وڃن ۽ هر منزل تي مناسب فاصلي تي نصب هجن. ان سان گڏوگڏ آٽوميٽڪ اسپرنڪلر سسٽم هئڻ ضروري آهي، اهو هڪ خودڪار نظام آهي جيڪو باهه لڳڻ جي صورت ۾ پاڻهي پاڻي ڇڏي ٿو ۽ باهه کي وسائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان کانسواء جديد الارم سسٽم ۽ سموڪ ڊيٽيڪٽرز هر ڪمري ۽ گيلري ۾ نصب ٿيڻ گهرجن. ٻيو وري هر عمارت ۾، خاص طور تي وڏين عمارتن ۾ مضبوط پاڻيءَ جو پريشر فراهم ڪندڙ فائر هائيڊرنٽ سسٽم لازمي هجڻ گهرجي. اهو فائر فائٽرز لاءِ باهه کي جلدي وسائڻ جي لاء انتهائي اهم آهي.
سڀ کان اهم ته عملي کي باقاعده فائر سيفٽي جي تربيت ڏني وڃي ۽ فائر ڊرلز کي هر ٽن يا ڇهن مهينن اندر ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. ايمرجنسي ايگزٽس کي هر وقت صاف ۽ کليل رکيو وڃي. نڪرڻ جا نشان (Exit Signs) واضع ۽ روشنيءَ وارا هجن جيڪي باهه جي دونهين ۾ به نظر اچي سگهن.
عمارتن جي تعمير کان اڳ ۽ پوءِ فائر سيفٽي جي قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. باقاعده انسپيڪشن ۽ سيفٽي آڊٽ ڪرايا وڃن ۽ خلاف ورزي ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.
پاڻ ڪڏهن سکنداسين؟
جڏهن اسان هر وڏي واقعي کان پوءِ رڳو افسوس ڪري اڳتي وڌي وينداسين ته اهڙا سانحا پيش ايندا رهندا. ضروري آهي ته حڪومت، بلڊر ۽ عام عوام هر فرد پنهنجي ذميواري سمجهي. رڳو قانون ٺاهڻ ڪافي ناهي، انهن تي عمل ڪرڻ، ڪرائڻ ۽ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي. اسان کي مستقبل جي عمارتن کي زندگيءَ جي حفاظت جو ضمانت ڏيندڙ ڍانچو بڻائڻو پوندو، نه ڪي موت جو ڄار.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



