نارڊڪ برف کان ائٽلانٽڪ جي هير تائين: اسٽاڪھولم کان ڪئسڪائس، هڪ سفر
اڌ ننڊ ۾ مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مان پورچوگال ۾ نه پر نوابشاهه، موري، دادو، ٽنڊوالهيار يا سيهوڻ جي ڪنهن گهٽيءَ ۾ هجان. ٻاهر هڪ ڪڪڙ لڳاتار ٻانگون ڏئي رهيو هو، جنهن جو آواز ڄڻ سنڌ مان آيل ڪو قاصد هجي. مون بي اختيار مرڪي ڏنو
عبدالله عثمان مورائي
برفيلي اتريورپ کي ڪجهه ڏينهن لاء الوداع ڪيم! اسٽاڪهولم برف جي هڪ ٿلهي اڇي چادر ۾ ويڙهيل ۽ خاموش بيٺل هو ۽ گرمي پد ڪاٽو هو جنهن جي ڪري سيءُ به صفا ڪاٽو هو. شام جو جڏهن مان پورچوگال جي قومي ايئر لائن ٽيپ ايئر پورچوگال (TAP Air Portugal) ۾ لزبن لاءِ سوار ٿيس، تڏهن برف ڇتين، رستن ۽ يادن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي چڪي هئي. جهاز ۾ مسافر گهٽ هئا جيڪو سياري جي سفر لاءِ هڪ پرسڪون ۽ سُک واري ڳالهه هئي. هن اڏام ۾ هڪ خاص احساس سمايل هو ته هي نئين شروع ٿيندڙ سال 2026 جي منهنجي پهرين اڏام هئي. اها هڪ آبهوا مان نڪري ٻي ۾ داخل ٿيڻ جي هڪ علامتي شروعات هئي.

سفر چار ڪلاڪ ۽ پنجويھن منٽن جو هو جيڪو يورپي روٽ جي لحاظ کان حيرت انگيز طور تي وڏو ۽ طويل هو پر وقت يادن ۽ اميدن جي جوش ۾ گذرندو ويو جيڪو رڳو سفر ئي پيدا ڪري سگهي ٿو.
لزبن: جتي سيارو اونهاري جهڙو لڳي ٿو
لزبن جي همبرٽو ڊيلگاڊو ايئرپورٽ تي لهڻ سان منهنجو استقبال برف بدران هڪ اهڙي تازي هوا ڪيو جنهن ۾ جشن جهڙو احساس هو. اتي گرمي پد 15 سينٽي گريڊ جي لڳ ڀڳ هو، جيڪو هڪ اهڙي شخص لاءِ جيڪو سئيڊن مان آيو هجي، اونهاري کان گهٽ نه هو.

اڳواٽ بڪ ڪيل ٽئڪسي منهنجي انتظار ۾ هئي جيڪا مونکي اولهه طرف ڪئسڪائس(Cascais) کڻي وڃڻ لاءِ تيار هئي. ڪئسڪائس هڪ سامونڊي شهر آهي، جتي پراڻيون دوستيون ۽ واقف ٽهڪ منهنجي انتظار ۾ هئا. اهو سفر (ڊرائيو) پنهنجي پاڻ ۾ انتهائي پرسڪون، هموار ۽ قدرتي منظرن جي خاموش خوبصورتي سان ڀريل هو.
رستي تان ويندي ٽئڪسي ڊرائيور سان ڪچهري
ٽئڪسي ڊرائيور برازيل جو هڪ نوجوان هو جيڪو ٻه سال اڳ پورچوگال لڏي آيو هو. پورچوگال ۾ انسان کي جلد ئي اهو احساس ٿئي ٿو ته پورچوگال هاڻي لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ئي ماڻهن جو گهر بڻجي چڪو آهي جيڪي ٻولي، تاريخ ۽ موقعن جي ڪري پاڻ ۾ جڙيل آهن. هن جي انگريزي روان هئي ۽ دنيا بابت سندس تجسس متاثر ڪندڙ هو. بلڪل انهن ماڻهن وانگر جيڪي دل سان مسافر هوندا آهن. هن پنهنجي خوابن بابت ڳالهايو ته ترڪي ۽ مراڪش سندس گهمڻ واري لسٽ ۾ سڀ کان مٿانهان هئا. اسان جي اها مختصر گفتگو مونکي ياد ڏياري رهي هئي ته ڪيئن سفر اڪثر منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي شروع ٿي ويندا آهن. اڌ ڪلاڪ اندر اسين ڪئسڪائس ۾ مقرر هنڌ تي پهچي وياسين.

ڪئسڪائس: گهر کان پري هڪ ٻيو گهر
پيرز گيسٽ هائوس (Peers’ Guest House) تي دوستن سان ملاقات فاصلا ۽ جاگرافيائي فرق مٽائي ڇڏيا. علي پلهه، سڪندر بلوچ، شڪيل پلهه، خالد رند ۽ گيسٽ هائوس مينيجر اقبال چانڊيو مونکي اهڙي سچي خلوص سان مليا جو هڪ پل لاءِ ائين لڳو ڄڻ مان پورچوگال ۾ نه پر سنڌ جي ڪنهن حصي ۾ لٿو هجان.
اتان جا ٽهڪ، قصا، کاڌا، چانهه جا اڻکٽ دور ۽ پنهنجن ماڻهن جي وچ ۾ پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ جو اهو اڻ مٽ سڪون بي مثال هو. ديسي کاڌي جي ڀرپور مزي کان پوءِ اسين ائٽلانٽڪ جي رات جي آسمان هيٺ تازي هوا سان ذهن کي تازگي ڏيڻ ۽ کاڌي کي هضم ڪرڻ لاءِ ٿوري پنڌ لاءِ ٻاهر نڪتاسين.

اهو ڄاڻيندي ته اسان جي ايندڙ ڏينهن جي شروعات هڪ گهمڻ جو پروگرام رٿيل هئڻ جي ڪري صبح جو سوير ٿيڻي هئي سو اسان جلدي آرام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن مان ليٽيس ته سڄو ڏينهن نارڊڪ برف کان وٺي آئيبرين (پورچوگال) جي گرميءَ تائين ۽ اڪيلي سفر کان وٺي گڏيل پنهنجائپ جي احساس تائين منهنجي ذهن ۾ هڪ فلم وانگر هلڻ لڳو. پهريون ڏينهن وڏي سڪون سان پڄاڻيءَ تي پهتو، پر ان ۾ اهڙن قصن جي اميد هئي جيڪي اڃا سامهون اچڻا هئا.
سنڌي ڪڪڙ کان وٺي مقدس درگاهن ۽ ائٽلانٽڪ جي ديون تائين
عقيدو، سمنڊ ۽ هڪ قرون وسطي يعني وچين دور جو خواب
صبح جو ڏينهن جي شروعات انتهائي غير متوقع انداز ۾ ٿي. اڌ ننڊ ۾ مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مان پورچوگال ۾ نه پر نوابشاهه، موري، دادو، ٽنڊوالهيار يا سيهوڻ جي ڪنهن گهٽيءَ ۾ هجان. ٻاهر هڪ ڪڪڙ لڳاتار ٻانگون ڏئي رهيو هو، جنهن جو آواز ڄڻ سنڌ مان آيل ڪو قاصد هجي. مون بي اختيار مرڪي ڏنو. يادگيريون اڪثر بنان اطلاع جي اينديون آهن. ڪجهه گهڙين بعد حقيقت موٽي آئي ۽ مان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪئسڪائس جي پيرز گيسٽ هائوس واري ڪمري ۾ هئس. سفر اڪثر جاگرافيائي حدن کي مٽائي ڇڏيندو آهي ۽ ان صبح پورچوگال ڄڻ سنڌ کان اهو آواز اڌارو ورتو هو.
ايوينيدا دا لبرڊيڊ (Av. da Liberdade): جتي سفر هڪ روپ اختيار ڪيو
نيرن کان پوءِ اسان ڪو به وقت وڃائڻ مناسب نه سمجهيو. اسين سڌو لزبن جي ايوينيدا دا لبرڊيڊ ڏانهن روانا ٿياسين جيڪو ‘ماڊرن ٽورز پورچوگال’ پاران اسان جي هڪ ڏينهن واري گائيڊڊ ٽوئر لاءِ مقرر ڪيل ملاقاتي ماڳ هو. اسين وقت کان ڪافي اڳ اتي پهچي وياسين. اتي ويجهو ئي ٻه خوبصورت نوجوان ڇوڪرين ويٺي پاڻ ۾ ڪچهري ڪئي. اسان شروع ۾ سمجهيو ته شايد اهي به اسان وانگر مسافر آهن پر پوءِ خبر پئي ته اهي ٽور ڪمپني جي عملي مان هيون جن جلد ئي اسان جي ٽڪيٽن جي تصديق ڪئي.
اسان جي گروپ ۾ چار سنڌي مسافر هئا يعني ادا علي، ڀاءُ سڪندر، ادا شڪيل ۽ مان. اسان کانسواء هڪ پرسڪون جوڙو پنهنجي ننڍڙي ٻار سان گڏ سفر ڪري رهيو هو جيڪي گهڻي قدر اٽليءَ کان آيل هئا ۽ هڪ ٻيو اڪيلو مسافر هو جيڪو شايد فلپائن جو هو. هي هڪ ننڍڙو گروپ هو جيڪو مختلف پس منظرن سان تعلق رکڻ باوجود رڳو هڪ تجسس جي ڪري پاڻ ۾ جڙيل هو.

چلي جو ميٽ ۽ منظم سفر جو فن
اسان جو گائيڊ ۽ ڊرائيور لاطيني آمريڪا جي ملڪ چلي سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان ميٿياس هو جنهن پاڻ چيو ته اوهان مون کي ميٽ سڏي سگهو ٿا. هو هڪ تجربيڪار شخص پي لڳو. پرسڪون، پراعتماد ۽ خوش گفتار. ميٽ اسان کي ان ڏينهن جي شيڊول بابت ٻڌايو ترتيب وار ڪاڏي ڪاڏي هلبو ۽ هر هنڌ ڪيترو وقت ڏنل آهي. هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽي وڏيون منزلون ڪرڻ اهو ٻڌڻ ۾ ته ٿورو ڏکيو پي لڳو پر اهڙا گائيڊيد ٽوئر يا دورا تمام گهري سوچ ۽ ويچار سان ترتيب ڏنل هوندا آهن ته جيئن انهن کي گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ گهمي سگهجي. جيڪڏهن اسين اڪيلي سر پنهنجو پاڻ گاڏي هلائي وڃو هان ته پارڪنگ، رستن جي ڳولا ۽ وقت جي پابنديءَ سان اهي جايون گهمڻ جي ڪوشش ڪريون ها ته شايد تمام گهڻو ٿڪجي پئون ها. ان لاء اهڙا ٽوئر تمام بهترين هجن ٿا جن کي سڀ خبر هوندي آهي ته ڪاڏي وڃڻو آهي، ڪٿي ڪيترو وقت بيهڻو آهي ۽ گاڏي ڪٿي پارڪ ڪرڻي آهي.
بهرحال خير جو سفر شروع ٿيو ۽ جيئن ئي لزبن آهستي آهستي اسان جي پٺيان رهجي ويو ته رستو سرسبز چراگاهن، چرندڙ گهوڙن، آبپاشي جي جديد نظامن، ڇڙوڇڙ بيٺل وڻن ۽ سياري جي چمڪندڙ اس هيٺ لِيڪ وانگر پکڙيل هموار رستن ۾ تبديل ٿي ويو. ٽريفڪ گهٽ هئي ۽ هوا ۾ تازگي هئي. اسان جي پٺيان هڪ ٻي سياحتي وين به ساڳئي رستي تي اچي رهي هئي، جيڪا ان ڳالهه جو خاموش ثبوت هئي ته اسين تجسس جي هڪ وڏي قافلي جو حصو هئاسين. ميٽ ٻڌايو ته اهو ٻي وين وارو منهنجو پراڻي ڪمپني ۾ ڪليگ رهيو آهي. ٻنهي هڪ ٻئي کي سلام ڪيو جيئن وينن وارا سنڌ ۾ به هٿ مٿي ڪري هڪ ٻئي کي سلام ڪندا آهن.
فاطمه (Fátima): جتي عقيدو گوڏن ڀر هلي ٿو

اسان جي پهرين منزل فاطمه جو شهر هو جيڪو دنيا ۾ ڪيٿولڪ عيسائين جي مقدس ترين ماڳن مان هڪ آهي. ميٽ نهايت احترام سان ان جي تاريخ بيان ڪئي. سندس مطابق ته 1917ع ۾ ٽن ٻارن لوسيا ڊوس سانتوس ۽ سندس سئوٽن جيسنٽا ۽ فرانسسڪو مارٽو اها خبر ڏني ته کين هڪ بلوط جي وڻ هيٺان بيبي مريم جو ديدار ٿيو آهي. عقيدي موجب بيبي مريم امن، توبهه ۽ ايمان جا پيغام پهچايا. ان واقعي فاطمه شهر کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو.
ميٽ وڌيڪ ٻڌايو ته سينچري آف آور ليڊي آف فاطمه هڪ وسيع روحاني مرڪز آهي جيڪو رڳو هڪ عمارت ناهي. ان ۾ باسيليڪا آف آور ليڊي آف دي روزيري، عبادت لاء هڪ تمام وڏو کليل ميدان، ننڍيون عبادت گاهون ۽ عقيدت جي اظهار لاءِ ڊگها لنگهه شامل آهن. اسان اتي اهڙا منظر ڏٺا جن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي مثال طور مرد ۽ عورتون پنهنجي عقيدي تحت سنگ مرمر جي رستن تي گوڏن ڀر هلي رهيا هئا، ڏڪندڙ هٿن ۾ تسبيحون هيون، ميڻ بتيون خاموشيءَ سان ٻري رهيون هيون جتي ماڻهن جي ڪافي رش هئي، دعائون سسڪين ۽ سڏڪن ۾ گونجي رهيون هيون.
لوسيا جي مزار يا يادگار ويجهو مون هڪ نوجوان ڇوڪريء جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا جيڪا رڳو ظاهري طور خوبصورت نه هئي پر پنهنجي روحاني تعلق جي شدت ۾ بي مثال پي لڳي. ان گهڙيءَ مونکي محسوس ٿيو ته عقيدو آفاقي هوندو آهي. اسان مقرر وقت ۾ ان ماڳ جو سير ڪيو، ڪجهه سوکڙيون ورتيون، تصويرون ڪڍيون ۽ آهستي آهستي خاموش سوچن ۾ ٻڏل ۽ عاجزيءَ جي احساس سان واپس پنهنجي ملاقاتي هنڌ تي پهتاسين.

نازاري (Nazaré): جتي سمنڊ ننڍو ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو
واپس رستي تي چڙهندي ميٽ اسان کي ايندڙ منزل يعني نازاري کان واقف ڪرايو ته نازاري، ائٽلانٽڪ سمنڊ جو اهو تاريخي شهر آهي جيڪو ڌرتيءَ تي سڀ کان وڏيون ۽ سرفنگ (surfing) جي لائق لهرن پيدا ڪرڻ جي ڪري مشهور آهي. اهي لهرون نازاري ڪينيئن (Nazaré Canyon) جي ڪري جنم وٺنديون آهن جيڪو سمنڊ جي اندر هڪ جاگرافيائي عجوبو آهي جيڪو سمنڊ جي طاقت کي خاص طور تي سياري ۾ ڪئين ڀيرا وڌائي ڇڏيندو آهي.
نازاري ۾ پهچڻ سان ئي اسان سڌو سائو ميگوئل آرڪانجو لائيٽ هائوس ويجهو جبل جي چوٽيءَ تي موجود مشاهدي واري هنڌ (viewpoint) ڏانهن وياسين. اسان مٿي چڙهياسين ته جيئن ائٽلانٽڪ سمنڊ کي بلنديءَ تان ڏسي سگهون. سمنڊ جون لهرون تمام وڏيون هيون، جيتوڻيڪ اهي پنهنجي رڪارڊ توڙ بلنديءَ تي نه هيون پر پوءِ به اهي اهڙي طاقت سان اڀري رهيون هيون جيڪا انسان کي احترام ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسان کي ٻڌايو ويو ته سيارو انهن وڏين ۽ تيز لهرن لاءِ بهترين موسم هوندو آهي.
لائيٽ هائوس جي ننڍڙي عمارت اندر سرفنگ جي هڪ نمائش پڻ لڳل هئي جتي انهن نامور سرفرس جون يادگيريون رکيل هيون جن نازاري جي خطرناڪ پاڻيءَ کي للڪارڻ جي جرئت ڪئي هئي.

نازاري جي لڪل هيري يعني غار ڏانهن پنڌ
مون ۽ ادا سڪندر فيصلو ڪيو ته اسين ويتر هيٺ سمنڊ جي ڪناري ڏانهن وينداسين. اسان صدين کان سمنڊ جي لهرن جي تراشيل هڪ قدرتي غار گروٽا ڊو فورنو ڊي اورڪا ڏسڻ لاءِ هيٺ لٿاسين. هي غار جيڪو ڪنهن زماني ۾ مهاڻا پناهه لاءِ استعمال ڪندا هئا، هاڻي قدرت جي صبر ۽ طاقت جي هڪ شاندار علامت طور بيٺو آهي.
اتي هيٺ سياح خاموشيءَ سان ويٺا هئا، سندن ڪيمرائون آرام ۾ هيون ۽ چهرا مٿي اڀريل هئا. لهرن جو آواز ڪنهن زنده دل جي ڌڙڪڻ وانگر گونجي رهيو هو. اسان مرڪي ڏنو پر اها مرڪ فوٽو ڪڍائڻ لاءِ نه هئي پر رڳو اتي ان قدرتي جاء تي موجود هجڻ جي سچي خوشيءَ جي ڪري هئي. اسان لاءِ اهو هيٺاهينءَ جو پنڌ هن پوري سفر جي سڀ کان يادگار گهڙي بڻجي وئي.
رنگن ۾ رڱيل هڪ شهر

واپس مٿي اچي اسان نازاري شهر جي گهٽين ۾ گهمياسين، جيڪو جبل ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ائين بيٺو آهي ڄڻ ڪنهن چترڪار جو شاهڪار هجي. شهر جي چوڪ تان منظر ڪنهن تصوير وانگر پکڙجي ويو، ڳاڙهين ڇتين وارا گهر، اڻ کٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ، سمنڊ جي ڇولين تي ٽٻڪن وانگر نظر ايندڙ سرفرس ۽ ڪٿي ڪٿي جهڙ ۽ نيري آسمان جي وچ ۾ اڏامندڙ پکي.
مانجهاندي لاءِ اسان هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ پاسٽلاريا داس اسڪيڊيناس کي چونڊيو. هيءَ ريسٽورنٽ هڪ وچولي عمر جي عورت هلائي رهي هئي، جنهن سان گڏ هڪ 66 سالن جو بزرگ مددگار طور پڻ ڪم ڪري رهيو هو. ان بزرگ وڏي فخر سان پنهنجي ڪم ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سفر جا قصا ٻڌايا. سندن مڇيءَ جو سوپ گرم، لذيذ ۽ دل کي راحت ڏيندڙ ۽ ڪڏهن به وسرڻ جهڙو نه هو.
اوبيڊوش (Óbidos): وچين دور جو هڪ قصو جيڪو اڃا تائين زنده آهي
نازاري کان وقت سر نڪري اسان پنهنجي آخري منزل يعني اوبيڊوش گهمڻ لاء روانا ٿياسين. اوبيڊوش جيڪو قرون وسطيٰ يعني وچين دور جي دور جو هڪ خوبصورت، وڏين ڀتين سان گهيريل قلعي اندر هڪ شهر آهي جيڪو اڄ به پنهنجي اصل حالت ۾ محفوظ آهي. جڏهن اسان ويجهو پهتاسين ته ميٽ آڱر سان اشارو ڪندي سامهون مٿانهين تي موجود قلعو ڏيکاريو.

انهن قديم ڀتين جي اندر وقت ڄڻ سست ٿي وڃي ٿو. اڄ قلعي جي اندر رڳو پنجاهه ٻاونجاهه جي لڳ ڀڳ رهواسي رهن ٿا. ٽي سوڙهيون گهٽيون اندرئين طرف وڃن ٿيون جن مان هر هڪ لڳ ڀڳ شهر جي ساڳئي مرڪز ڏانهن وٺي وڃي ٿي. اوبيڊوش پنهنجي مقامي پيداوار جنجينها (Ginjinha) جي ڪري مشهور آهي، جيڪو چيريءَ مان ٺهيل هڪ مشروب آهي ۽ اڪثر چاڪليٽ جي ننڍڙن ڪوپن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.
پٿرن جي فرش وارين گهٽين ۾ سوکڙين جا دڪان، ڪيفي، بار، ڪليسا ۽ عبادت گاهون قطارن ۾ لڳل آهن. اسان گهمندي گهمندي آئس ڪريم جو مزو ورتو، قلعي جي ٿلهين پٿريلين ڀتين تي چڙهياسين ۽ اتان بلنديءَ تان ٻنيون، جديد هاءِ ويز ۽ ماضي توڙي حال جو هڪ پرسڪون ميلاپ ڏٺوسين. اسان قلعي جي اندر هڪ ننڍڙي ڪيفي ۾ ٿوري ساهي پٽي آرام ڪيو ۽ هن هڪ ڊگهي ڏينهن جي آخري لمحن کي پنهنجي يادن ۾ قيد ڪيو.
واپس ڪئسڪائس ڏانهن: اهي ڳالهيون جيڪي دل کي ڇهن ۽ محسوس ٿين ٿيون
تقريباً نون ڪلاڪن جي سير ۽ سفر کان پوءِ اسين شام جو 5:30 وڳي لزبن موٽياسين ۽ اتان واپس ڪئسڪائس ڏانهن روانا ٿياسين. پيرز گيسٽ هائوس تي پهچڻ تي ادا اقبال ۽ خالد رند اسان کي ڀليڪار ڪيو. اتي اسان جي ملاقات لاهور کان آيل عمران راڻا ۽ وحيد بٽ سان به ٿي جيڪي تمام مهربان ۽ نيڪ خصلت انسان پي لڳا.
جيئن ئي رات پنهنجا پير پکا ڪيا ته گيسٽ هائوس جي لائونج جو منظر هڪ واقف روايت ۾ تبديل ٿي ويو يعني سنڌي ڪچهري. ڳالهين جا ڳوٺ لڳي ويا، قصا، خيال، تجربا ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون وڏي آزاديءَ سان ونڊيون ويون. ديسي کاڌا، چانهه جا اڻکٽ پيالا، رات جو پنڌ ۽ ٽهڪ، هي هڪ ڊگهي، ڀرپور ۽ روح کي تازگي ڏيندڙ ڏينهن جي هڪ مڪمل پڄاڻي هئي.

لزبن جا پنڌ، ڏکڻ ايشيائي گهٽيون ۽ هڪ الوداع
گهر جا آواز، دنيا جون گهٽيون
سنڌ جي صبح جا پڙلاءَ هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿيا يعني صبح جو اعلان الارم جي گهنٽيءَ سان نه پر انهن واقف آوازن سان ٿيو جيڪي روح ۾ سمايل هئا. ٻاهر ڪڪڙ لڳاتار ٻانگو ڏئي رهيا هئا ۽ ان ڏينهن هڪ ڪتو به هڪ خاص لئي ۾ ڀونڪي کين جواب ڏئي رهيو هو، ڄڻ ٻنهي جي وچ ۾ ڪا اهڙي گفتگو هلي رهي هجي جيڪا صرف اهي ئي سمجهي سگهيا ٿي. اسان لاءِ، انهن آوازن کي ڪنهن تشريح جي ضرورت نه هئي. اهي سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ پرهه ڦٽيءَ جي پهر جا آواز هئا. سفر شايد جسم کي تمام پري کڻي وڃي سگهي ٿو پر ڪجهه آواز پٺيان رهجي وڃڻ کان انڪار ڪندا آهن.
فجر جي نماز کان پوءِ ادا علي سوير لزبن لاءِ روانو ٿي ويو هو. اڄوڪو ڏينهن پاڻ سان گڏ موڪلاڻيء واريون گهڙيون به کڻي آيو هو. ادا سڪندر ۽ ادا شڪيل کي دبئي رستي واپس گهر روانو ٿيڻو هو. نيرن کان پوءِ محترم وحيد بٽ پنهنجي روايتي مڙس ماڻهپي ۽ مهربانيءَ سان کين ايئرپورٽ تي ڇڏي آيو.
ٽرين کان اڳ چانهه جو ڍڪ
مون ڪجهه ڪلاڪ آرام ڪيو ته جيئن ٻن ڏينهن جي لڳاتار گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ جسم کي ڪجهه راحت ملي سگهي. ڪجهه دير کان پوءِ مان ۽ ادا اقبال ڪئسڪائس جي ريلوي اسٽيشن ڏانهن پنڌ ئي پنڌ روانا ٿياسين جتان مونکي لزبن وڃڻ لاءِ ٽرين پڪڙڻي هئي ته جيئن ادا علي پلهه سان ملي شهر جو هڪ ڀيرو ٻيهر سير ڪري سگهان.
ٽرين جي روانگي ۾ اڃا ڪجهه وقت باقي هو تنهنڪري اسين اسٽيشن جي ڪيفيٽريا ۾ اچي چانهه ڍڪ پيئڻ لاء ويهي رهياسين. اسان جي چوڌاري ماڻهو اخبارون پڙهي رهيا هئا، ڪافي جا ڍڪ ڀري رهيا هئا، پيسٽريز مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي خاموش دنيا ۾ وقت گذاري رهيا هئا. مسافرن لاء اسٽيشنن جي اهڙن ڪيفيٽيرياز جي اندر هڪ پنهنجي ئي لئي هوندي آهي يعني اڌ انتظار ۽ اڌ حرڪت.
گاديءَ واري شهر ڏانهن ريل جو سفر
ريل جو اهو سفر لڳ ڀڳ 45 منٽن تي ٻڌل هو جيڪو انتهائي هموار ۽ سڪون ڏيندڙ هو. آهستي آهستي ريل ڀرجندي وئي. ٻه انگريز ڇوڪريون پاڻ ۾ وڏي واڪي ڳالهائي رهيون هيون. مقامي ماڻهن کي گرم ڪپڙا پاتل هئا ۽ مون کي وري ڪو خاص سيء محسوس نه پي ٿيو. لزبن پهچڻ تي مان ۽ ادا علي پاڻ ۾ ملياسين ۽ اسان ٽرام ذريعي بيليم (Belém) ڏانهن روانا ٿياسين. هي سمنڊ جي ڪناري تي واقع هڪ تاريخي علائقو آهي جتي مان اڳ ۾ به وڃي چڪو هئس پر ٻيهر گهمڻ جي خيال مون کي خوش ڪري ڇڏيو.

بيليم: جتي تاريخ سمنڊ سان ملي ٿي
بيليم هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي پورچوگال جو سامونڊي روح اڄ به ساهه کڻي ٿو. ٽيگس درياهه (Tagus River) پنهنجي وسعت ۽ سڪون سان وهي رهيو آهي جنهن ڪڏهن سياحن ۽ سامونڊي ملاحن کي اڻڄاتل دنيا ڏانهن لهرن تي کنيو هو. عظيم الشان يادگار، کليل رستا، ميوزيم ۽ تاريخي بيڪريون هن علائقي جي سڃاڻپ آهن. موسم به ڏاڍي مهربان هئي جيڪا پنڌ ڪرڻ لاءِ بلڪل مناسب هئي.
اسان بنا ڪنهن تڪڙ جي آرام سان هلندا رهياسين، ڪڏهن پنڌ پي ڪيوسين ته ڪڏهن چانهه لاءِ بيٺاسين ته ڪڏهن وري آئس ڪريم جو مزو پي ورتوسين ته ڪڏهن وري آرام ڪري وري پنڌ پي ڪيوسين. آخرڪار سفر رڳو نيون جايون ڳولڻ جو نالو ناهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهو واقف جڳهين کي وڌيڪ گهرائيءَ سان ڏسڻ جو نالو به هوندو آهي.
سمنڊ جي ڪناري سان شهر جي اندر تائين
بيليم کان اسان ٽرام ذريعي واپس شهر ڏانهن روانا ٿياسين ۽ سامونڊي پٽي سان گڏ پنڌ جاري رکيوسين جتي وڏا ڪروز (Cruise) ٻيڙا ڪنهن ترندڙ شهر وانگر لنگر انداز ٿيل هئا. آهستي آهستي اسان لزبن جي انهن مک رستن تي پهچي وياسين جيڪي خاص طور تي پنڌ گهمندڙ ۽ هلندڙن لاءِ هئا.
شهر زندگيءَ سان ڀرپور پي لڳو. پيلي رنگ جون ٽرامون ڄڻ هلندڙ پوسٽ ڪارڊن وانگر اسان جي ڀرسان گذري رهيون هيون. گهٽين ۾ ڳائڻ وارن پنهنجي موسيقيءَ سان ڪنڊ ڪڙڇ کي ڀري ڇڏيو هو. سياح، مقامي رهواسي ۽ خوابن جو پيڇو ڪندڙ نئين زندگي ۽ روزگار جي ڳولا وارا بنا ڪنهن تعارف جي هڪ ٻئي جي ڀرسان لنگهي رهيا هئا. ان گهڙيءَ لزبن هڪ ئي وقت آفاقي به پي لڳو ته بنا ڪنهن فاصلي ۽ فرق جي پنهنجو به.

مارٽم مونيز ۽ ڏکڻ ايشيا جو ذائقو
شام ٿيڻ واري هئي ته اسين مارٽم مونيز (Martim Moniz) پهتاسين جيڪو لزبن جو هڪ اهڙو پاڙو آهي جتي ڪيتريون ئي ثقافتون گڏ رهن ٿيون. اتان کان اسان ان گهٽيءَ ڏانهن وڌياسين جنهن کي غير رسمي طور تي بنگالي، انڊين يا پاڪستاني اسٽريٽ چيو ويندو آهي. هڪ اهڙي جڳهه جتي ڏکڻ ايشيائي زندگيءَ پنهنجو هڪ الڳ رنگ ڄمايو آهي. اتي جي هوا ئي بدليل هئي. ائٽلانٽڪ جي ٿڌي هير جي جاءِ تي هاڻي مصالحن، چانهه ۽ ٻرندڙ باهه تي تيار ٿيندڙ کاڌن جي خوشبو هئي. دڪانن ۾ واقف شيون رکيل هيون ۽ ٻولين جو لهجو به تبديل ٿي چڪو هو.
اسان رات جي مانيء لاء بني گالا نالي هڪ ريسٽورنٽ چونڊيو جنهن جو مالڪ هڪ پاڪستاني هو. اندر ڀتين تي عمران خان جون وڏيون تصويرون لڳل هيون، ٽيليويزن تي بالي ووڊ جا گانا هلي رهيا هئا ۽ اتي ڪم ڪندڙ ويٽريس وري هڪ سِک ڇوڪري هئي. گراهڪن ۾ اڪثر پاڪستاني ۽ سِک هئا، جن سان گڏ ڪجهه پورچوگالي مقامي ماڻهو ۽ آفريقي به ويٺل هئا. لزبن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي وسعت ۽ رنگارنگي پي ڏيکاري.
گوشت جي ٻوڙ ۽ ڪڪڙ ۾ بريانيءَ نه رڳو اسان جي بک ختم ڪئي پر ڪيترن ئي ڪلاڪن جي پنڌ جو ٿڪ به لاهي ڇڏيو. کاڌو جڏهن يادن سان جڙيل هجي ته اهو رڳو کاڌو ناهي رهندو پر هڪ روحاني علاج بڻجي ويندو آهي.
ماني کائڻ کان پوءِ مون ۽ ادا عليءَ هڪ ٻئي کان موڪلايو ۽ انشاءَ الله ٻيهر جلد ملڻ جو واعدو ڪيوسين. هو مونکي اسٽيشن تائين ڇڏڻ آيو جتان مون واپس ڪئسڪائس لاءِ ٽرين پڪڙي ۽ خيريت سان پيرز گيسٽ هائوس پهتس.
رات جو دير تائين مان، ادا اقبال ۽ ڀاءُ خالد چانهه جي چسڪين تي گڏ ويٺا رهياسين. ڳالهين جو سلسلو فطري انداز ۾ هلندو رهيو، قصا، ويچار ۽ ٽهڪ. هڪ گهڙيء لاءِ ته ائين لڳو ڄڻ اهو گيسٽ هائوس نه پر لزبن ۾ سنڌ جي ڪا اوطاق هجي.

ائٽلانٽڪ جي گرمائش کان نارڊڪ جي سرديءَ تائين
ٻئي ڏينهن مونکي واپس اسٽاڪهولم لاءِ اڏام ڀرڻي هئي. موسم جو فرق يقينن حيران ڪندڙ هو. پورچوگال ۾ واڌو 15 هو ۽ سئيڊن ۾ وري ڪاٽو 11. چمڪندڙ اس کان برف تائين ۽ ائٽلانٽڪ جي هوائن کان نارڊڪ جي خاموشيءَ تائين جو هي هڪ وڏو بدلاءُ هو.
پرانهن ٽن ڏينهن جي گرمائش، دوستي، خوبصورت نظارا ۽ اهي گڏ گذاريل گهڙيون منهنجي روح ۾ سمائجي مون سان گڏ واپس آيون. سفر ختم ٿي ويندا آهن پر جيڪي ڪجهه اهي اسان کي ڏئي ويندا آهن اهو خاموشيءَ سان اسان جي اندر هميشه لاءِ رهجي ويندو آهي.
جڏهن سفر رڳو فاصلي کان وڌيڪ بڻجي وڃي
اسٽاڪهولم جي برفاني خاموشيءَ کان پورچوگال جي ائٽلانٽڪ گرمائش تائين جو هي ٽن ڏينهن جو سفر رڳو جايون بدلائڻ بابت نه هو پر هي دل جي موسمن کي پار ڪرڻ جو نالو هو. برف جي جاءِ سج جي روشنيءَ ورتي، اڻواقف گهٽيون واقف گهٽين ۾ بدليون ۽ پرديس جي ڌرتي گهر جي آوازن سان گونجڻ لڳي.
ڪئسڪائس، لزبن، فاطمه، نازاري ۽ اوبيڊوش ۾ جاگرافيائي منظر ته مسلسل بدلجندا رهيا پر هڪ شيءِ پنهنجي جاءِ تي اٽل رهي ۽ اهو هو انساني تعلق. چاهي اهو فاطمه ۾ گوڏن ڀر هلندڙ عقيدتمندن جو خاموش ايمان هجي، نازاري جي ائٽلانٽڪ لهرن جو گجندڙ اعتماد هجي، اوبيڊوش جو قديم دور وارو سڪون هجي يا وري لزبن جي گهٽين جي رنگا رنگي هجي، هر هنڌ هڪ ڪهاڻي هئي ۽ هر ڪهاڻي کي معني اتي جي ماڻهن ذريعي ملي.

هن سفر کي انهن دوستين وڌيڪ مالا مال ڪيو جن سرحدن کي مٽائي ڇڏيو. گڏجي کاڌل کاڌا، دير تائين هلندڙ سنڌي ڪچهريون، چانهه جا پيالا، ٽهڪ ۽ گهريون ڳالهيون، انهن شين گيسٽ هائوس کي گهرن ۾ ۽ اتي موجود انسانن کي ساٿين ۾ بدلائي ڇڏيو. انهن گهڙين ۾ لزبن هڪ سنڌي اوطاق ۾ تبديل ٿي ويو جنهن ثابت ڪيو ته ثقافت سُوٽ ڪيسن ۾ نه پر دلين ۾ سفر ڪندي آهي.
ڪاٽو يارهن درجن کان واڌو پنڌرهن درجن تائين جو سفر، نارڊڪ جي ضبط کان آئيبرين جي گرمجوشي تائين ۽ اڪيلائيء کان ملاقات تائين هي سڀ ڪجهه ان ڳالهه جو تجربو هو ته ڪيئن سفر اسان جي شعور کي تيز ڪري ٿو. اهو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته آواز، خوشبو، عقيدو، کاڌو ۽ يادون اسان کي اسان جي اصل سڃاڻپ سان ڪيئن جوڙين ٿيون، چاهي اسين دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ بيٺا هجون.
جڏهن جهاز واپس سئيڊن لاءِ اڏام ڀري ۽ ائٽلانٽڪ جا ڪنارا توڙي سج جي روشنيءَ ۾ وهنجيل گهٽيون پٺيان رهجي ويون ته اهو جهاز رڳو هڪ مسافر کي گهر واپس نه کڻي وڃي رهيو هو پر پاڻ سان گڏ هڪ نئون شڪرانو، وسيع سوچ ۽ معنيٰ سان ڀرپور يادون به کڻي وڃي رهيو هو.
ڇاڪاڻ ته آخر ۾ سفر ڪلوميٽرن يا ڏينهن سان نه پر ان ڳالهه سان ماپيا ويندا آهن ته انهن اسان جي روح کي ڪيتري گهرائيءَ سان ڇهيو ۽ اسان کي ڪيترو بدلايو ۽ واپسيءَ کان پوءِ ڪيتري دير تائين خاموشيءَ سان اسان جي اندر موجود رهيو.
_______________
سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



