Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

مان نئين سال جي آجيان ڪيئن ڪيان؟ ھن پاڻ سان ڪوبه پِرھه جو پيغام نه آندو آھي

ساڳيا ڏينھن، ساڳيون راتيون آھن . اُھائي غلامي، اُھائي پرماريت آھي. اڄ به پورھيت کي اُجرت ڏيڻ بجاءِ رت جا ڍُڪ پياريا وڃن ٿا ۽ ھاري سونا سنگ اُپائڻ کانپوءِ به بُکيو سمھي ٿو

نصير اعجاز

2026 جو نئون سال اڄ کان شروع ٿيو آھي. ان موقعي تي مان 42 ورھيه اڳ جو لکيل پنھنجو مختصر ڪالم ھتي پيش ڪريان ٿوجيڪو ھلالِ پاڪستان اخبار جي ھفتيوار مئگزين ۾ ”زندگي اي زندگي“ جي عنوان ھيٺ ڇپيو ھو ۽ پوءِ ان نالي سان ڇپيل مختصر ادبي ڪالمن جي مجموعي ۾ به شامل ھو. ڪالم ان وقت يورپ جي ھڪ جيل ۾ قيد ھڪ دوست سان خطن جي ڏي وٺ تي ٻڌل آھي . پڙھندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته ان وقت جي سنڌ جي حالتن ۽ اڄ جي حالتن ۾ ڪو فرق محسوس ڪن ٿا؟ (نصير اعجاز)

____________________

ھزارين ميل پري ھڪ ڏورانھين ديس جي قيدخاني مان ھڪ قيدي دوست خط لکيو:

”1983 جو نئون سال اچي ويو. نئين سال منھنجي لاءِ آزاديءَ جو پيغام آندو آھي. منھنجي قيد جا ڏينھن ختم ٿي ويا آھن.“

ھن پنھنجي خط ۾ ڪنھن يورپي مفڪر جي حوالي سان لکيو:”قانون ڳجھو انتقام وٺندا آھن. دنيا تي انھن جو راڄ ھوندو آھي. ھُو پشم جھڙا نرم سينڊل پائي ايندا آھن ۽ فولادي ھٿ سان وار ڪندا آھن.“

مون کيس جواب ۾ لکيو آھي:”نئين سال توکي آزاديءَ جو پيغام ڏنو آھي. توکي آزادي مبارڪ ھجي. پر ساڳئي سال اسان کي ڇا ڏنو آھي؟ مان ڪيئن سندس آجيان ڪريان؟ اسان جا قانون به نرالا آھن _ توھان جا قانون پشم جڙا نرم سينڊل پائي ايندا آھن پر اسان جي قانونن کي لانگ بُوٽ پاتل ھوندا آھن ۽ سندن ھٿن ۾ سنگينون ھونديون آھن. نئون سال ته اھي لانگ بُوٽ به لاھي نه سگھيو آھي.“

”مان ڪيئن نئين سال جي آجيان ڪريان؟ ھن پاڻ سان ڪوبه پِرھه جو پيغام نه آندو آھي _ ساڳيا ڏينھن، ساڳيون راتيون آھن _ اُھائي غلامي، اُھائي پرماريت آھي. اڄ به پورھيت کي اُجرت ڏيڻ بجاءِ رت جا ڍُڪ پياريا وڃن ٿا ۽ ھاري سونا سنگ اُپائڻ کانپوءِ به بُکيو سمھي ٿو.“

”توکي خبر آھي ته ھن بيگار ڪئمپ ۾ پورھيت پورھيو ڪندي اڄ به خواب ڏسي ٿو ــــ پر آُھو ڪو سُھانو سپنو ناھي ـــــ ھُو خواب ۾ به پاڻ کي پورھيو ڪندي ڏسي ٿو. “

”مان نئين سال جي آجيان ڪيئن ڪريان؟ اھو ته پورھيت جي زندگي ۽ خواب ۾ به ڪو فرق نه آڻي سگھيو آھي ۽ اسان جو پورھيت اڄ به آسمان ڏانھن نھاري سوال ڪري ٿو:”اَي فرشتو! ڇا اھوئي اسان جي پورھئي جو صِلو آھي؟ ڇا اھوئي ڇَٽُ اسان مسڪين ۽ مٺڙن ماڻھن کي پارائڻ جو وعدو ڪيو ويو ھو؟ ڪٿي آھن اُھي سونا سنگ، جيڪي ڌرتيءَ جي سخت سيني کي کيڙي اسان اُپايا؟ اِھي ته وکريل پَن آھن! ڇا اھو ئي اسان جو صِلو آھي؟“

مون پنھنجي دوست کي لکيو:”اسين وقت جا غلام ٿيڻ به نٿا چاھيون. اسين وقت کي پنھنجو غلام بنا.ئينداسين. اسان کي خبر آھي ته اسان جي ڇوٽڪاري لاءِ ڪو نبي ڪونه لھندو. تنوير چواڻي ــ ڪو عيسى اچي مسيحا نه ٿيندو، اسين پاڻ پنھنجا پيغمبر.“

”منھنجا دوست ھي بحران ئي شايد اسان لاءِ پرھه جو پيغام آھن، اھي بحران ئي اسان کي وقت سان ويڙھاند لاءِ تيار ڪندا. “

______________  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button