Editor's pickMain Slideدنياڪالم

نثار يوسفزئي: تاريخ جو پھريون پشتون ڪميونسٽ، جيڪو تاجڪستان جو وزير بڻيو

خيبر پختونخوا صوبي جي صوابي ضلعي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم وٺيندڙ نثار محمد يوسفزئي ٽين اينگلو افغان جنگ ۾ انگريزن خلاف وڙھيو، ڳوٺ موٽيو تہ انگريز سرڪار کيس موت جي سزا ٻُڌائي پر ھُو بچي تاشقند ھليو ويو.

نثار محمد يوسفزئيءَ تاجڪ عوام جي علمي، ثقافتي ۽ سياسي رھنمائيءَ لاءِ مُکيہ ڪردار ادا ڪيو. سندس ادبي ۽ عملي سياسي ڪوششن جي نتيجي ۾ تاجڪستان کي خودمختيار جمھوريہ جي حيثيت ملي

اسٽالن جي زماني ۾ کيس ماسڪو ۾ قتل ڪيو ويو. سال 2006 ۾ نثار محمد يوسفزئيءَ کي تاجڪستان جي سڀ کان وڏي قومي اعزاز سان نوازيو ويو. تاجڪستان جي گاديءَ واري شھر دوشنبہ جي ھڪ مشھور شاھراھ اڄ بہ نثار محمد يوسفزئيءَ جي نالي سان منسوب آھي.     

مختلف ويب سائيٽن تان ورتل معلومات

نثار محمد يوسفزئيءَ، جنھن کي تاريخ جو پھريون پشتون ڪميونسٽ سڏيو وڃي ٿو، موجودہ خيبر پختونخوا صوبي جي صوابي ضلعي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ زيدہ ۾ اول خان جي گھر ۾ 1897 ۾ جنم ورتو. فطرت کيس غير معمولي ذھانت ۽ بھادريءَ سان نوزيو ھو. نوجوانيءَ ۾ ئي ھُو روس جي بالشويڪ انقلاب کان گھڻو متاثر ٿيو ۽ سندس اندر ۾ سامراج خلاف نفرت ويھي وئي. پنھنجي وطن جي عوام کي سامراج جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ سندس ھڪ خواب بڻجي ويو جنھن جي ساڀيان لاءِ ھُن پنھنجي حياتي ارپي ڇڏي.    

سن 1919 ۾ جڏھن ٽين اينگلو افغان جنگ شروع ٿي تہ نثار محمد يوسفزئي ننڍي عمر جي باوجود افغانستان جي آزاديءَ لاءِ انگريزن جي خلاف بھادريءَ سان وڙھيو. سندس دليريءَ جي ڪري افغانستان جي بادشاھ امان اللہ خان کيس ملڪ جو سڀ کان اعلي فوجي تمغو عطا ڪيو.

جڏھن ھُو پنھنجي ڳوٺ واپس آيو تہ کيس محسوس ٿيو تہ سندس پنھنجي ڌرتي اڄ بہ سامراج ۽ اُن جي پرماري قوتن جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل آھي. اھو احساس کيس انقلاب جي دڳ تي لائي ويو. برطانوي حڪومت کيس بغاوت ۽ ڪميونزم جي پرچار جي ڏوھ ۾ موت جي سزا ٻُڌائي پر ھُو معجزاڻي نموني بچي ويو ۽ ڪابل رستي تاشقند وڃي پھتو جتي سندس حياتيءَ جي ھڪ نئين باب جي شروعات ٿي.

تاشقند پھچڻ بعد ھُن پاڻ لاءِ ھڪ روسي نالو اختيار ڪيو ۽ جلد ئي سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر بڻجي علي سياست شروع ڪيائين. سندس غير معمولي ذھانت ۽ ٻوليءَ جي مھارت سبب ھُو ويھين صديءَ جي ٻئي ڏھاڪي ۾ وچ ايشيا جي سوويت نظام ۾ اھم حيثيت والاري ويو. کيس پشتو، فارسي، ازبڪ، روسي ۽ اردو ٻوليءَ جي ھارت سبب ماسڪو يونيورسٽيءَ جي ٻولين واري شعبي ۾ پشتو جو استاد ڪري رکيو ويو.  

سن 1920 وارو ڏھاڪو وچ ايشيا ۾ سياسي ھلچل وارو زمانو ھو. وچ ايشيا جون سموريون قومون تُرڪستان سوويت ريپبلڪ ھيٺ سوويت يونين جي انتظام ھيٺ ھيون. اُزبڪن جي اڪثريت سبب تاجڪن جي قومي سُڃاڻپ کي خطرو ھو. تاجڪ قوم پنھنجي الڳ سُڃاڻپ ۽ رياستي وجود لاءِ سرگرم ھئي. نثار محمد يوسفزئيءَ تاجڪ عوام جي علمي، ثقافتي ۽ سياسي رھنمائيءَ لاءِ مُکيہ ڪردار ادا ڪيو. سندس ادبي ۽ عملي سياسي ڪوششن جي نتيجي ۾ تاجڪستان کي خودمختيار جمھوريہ جي حيثيت ملي جيڪا اڳتي ھلي 1929 ۾ مڪمل طور سوويت ريپبلڪ بڻجي وئي.  انھيءَ ڪري نثار محمد خان تاجڪستان ريپبلڪ جي بانين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. کيس 1926 ۾ تاجڪستان جو تعليم وارو وزير مقرر ڪيو ويو. ھُن تاجڪستان جي تعليمي سرشتي ۾ وڏا سُڌارا آندا، مدرسن ۽ مڪتبن کي جديد طريقن سان ھلايو، عوام ۾ تعليم ڏانھن لاڙو پيدا ڪيو۽ لساني ۽ نسلي برابريءَ جو بنياد وڌو.

اسٽالن جڏھن سوويت يونين تي پنھنجو قبضو مضبوط ڪيو تہ ٻين ھزارين دانشورن، انقلابين ۽ مفڪرن جيان نثار محمد تي بہ قومپرستي ۽ غير ملڪي سازش جا بي بنياد الزام لڳا. کيس ھڪ سازش ذريعي 1937 ۾ ماسڪو گھرائي پھرين بي انتھا تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ ماٺ ميٺ ۾ ماريو ويو.

جيتوڻيڪ پختونن ۽ صوابيءَ جي تاريخ ۾ نثار محمد جو ذڪر گھٽ ملي ٿو، پر تاجڪستان ۾ اڄ بہ نثار محمد کي فڪري اڏاوت ڪندڙ ۾ وڻيو وڃي ٿو. پختونن وقت سان گڏ باچا خان، نثار محمد، ڪالو خان ۽ ملڪ احمد خان جھڙن ترقي پسند قومي سورمن کي وساري اُسامہ بن لادن، ضياءُ الحق، ۽ صوفي محمد جھڙن رُجعت پسندن ۽ انتھا پسندن کي پنھنجو سورمو مڃڻ شروع ڪيو، جڏھن تہ تاجڪستان جي گاديءَ واري شھر دوشنبہ جي ھڪ مشھور شاھراھ اڄ بہ نثار محمد يوسفزئيءَ جي نالي سان منسوب آھي.    

تاجڪستان جي ھڪ مشھور پروڊيوسر نثار محمد خان يوسفزئيءَ تي ”نثار“ جي نالي سان ھڪ دستاويزي فلم بہ ٺاھي جڏھن تہ سال 2006 ۾ نثار محمد يوسفزئيءَ کي تاجڪستان جي سڀ کان وڏي قومي اعزاز سان نوازيو ويو. نثار محمد بيشڪ پشتون قوم جي انھن ٿورن فرزندن منجھان ھڪ آھي جن پنھنجي ذھانت ۽ مظلوم قومن جي آزاديءَ جي جذبي کي سرحدن اندر محدود نہ ڪيو بلڪ عالمي سطح تي پنھنجا فڪري نقش ڇڏيا.   

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button