Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙن کي متحد ٿي پنھنجي حقن لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي

اختلافن سبب طاقتور حلقا اسان تي مسلط ٿي ويا آھن. اسان ھاڻي به اکيون نه پٽيون ته اسان جا وسيلا ۽ جياپي جا ذريعا اسان کان ڦرجي ويندا.

انجمن ترقي پسند مصنفين جي چيف آرگنائيزر ۽ ارتقا جي روح روان راحت سعيد مرحوم جي پھرين ورسيءَ جي تقريب ۾ تقريرون

ڪراچي, سنڌ

ھن وقت سڄو معاشرو وڏين مشڪلاتن ۾ وڪوڙجي ويو آھي ۽ ملڪ جليانوالا باغ بڻجي چڪو آھي ـ ھاڻي گڏجي ويھي انھن مصيبتن مان نڪرڻ ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاء رستو ڳولڻ جي ضرورت آھي ـ ھڪ طرف رتوڇاڻ ۽ نفرت عروج تي آھي ته ٻئي طرف معاشي مسئلا ۽ پاڙيسري ملڪن سان به لاڳاپا سٺا نه ھجڻ، ڇڪتاڻ ۽ جنگ جو ماحول موجود آھي ـ انھيء صورتحال سبب معاملا ڏينھون ڏينھن گنڀير ٿيندا پيا وڃن ۽ غريبن ۽ ڏتڙيل طبقن لاء زندگي کي زھر بڻايو ويو آھي ـ

اھڙو اظھار سنڌ جي ناليوارن ليکڪن پروفيسر اعجاز قريشي, ارتقا جي صدر ڪليم دراني, انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو, ندا واحد بشير, سيد ڪرم علي شاھ ڪرم, منظور ٿھيم, لطيف راولاڻي, نديم سبطين, عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ضياء ڀٽي, صحافي وارث رضا, شمس الدين ۽ ٻين انجمن ترقي پسند مصنفين جي چيف آرگنائيزر ۽ ارتقا جي روح روان راحت سعيد مرحوم جي پھرين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪا ارتقا انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز ڪراچي ۾ آچر ڏينھن ڪوٺائي وئي ھئي ـ ت

پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته ھاڻي سنڌي ۽ اردو ڳالھائڻ وارن کي پنھنجا حق حاصل ڪرڻ لاء ويڇا وساري ھڪ ٿيڻو پوندوـ ھن چيو ته  اسان جي اختلافن سبب طاقتور حلقا اسان تي مسلط ٿي ويا آھن ۽ اسان ھاڻي به اکيون نه پٽيون ته اسان جا وسيلا ۽ جياپي جا ذريعا اسان کان ڦرجي ويندا ۽ پوء ھٿ ملڻ کانسواء ڪجھ به ھٿ نه ايندوـ ھن چيو ته جي ايم سيد به ھاڻي نه رھيو آھي جيڪو اسان کي گڏ ڪري ھليوـ

انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو چيو ته سنڌ ھن وقت يلغار ۽ گھيري ۾ آھي ۽ اسان جي ذميواري اڃان به وڌي وئي آھي ته پنھنجي مسڪين ماروئڙن ۽ پيڙھيل طبقن کي وڌندڙ ظلم ۽ جبر کان نجات ڏيارڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪريون ٻي صورت ۾ جھڙي ريت غير ضروري آئيني ترميمون ڪري طاقتور طبقا پاڻ کي قانون کان مٿانھون ۽ مقدس بڻائي پنھنجي ڦرمار کي تحفظ فراھم ڪري رھيا آھن ان سان ملڪ جو وڌيڪ نقصان ٿيندوـ ھن چيو ته ھنن جبر جي حالتن ۾ تبديلي جي وڏي سخت ضرورت آھي ۽ ان لاء اسان وٽ ھاڻي گڏجي ھلڻ کانسواء ڪو رستو نه رھيو آھي ـ ھن چيو ته انجمن کي ھڪ ڪرڻ لاء جاکوڙ جاري آھي ـ ھن چيو ته راحت سعيد اسان کي متحد ڪرڻ ۽ گڏ کڻي ھلڻ جي مھارت رکندو ھو ۽ اڄ اسان سڀ کيس ياد ڪري سندس خدمتن کي مڃتا ڏني آھي ـ

ارتقا جي صدر ڪليم درانيءَ چيو ته راحت سعيد اسان جو اتساھ ۽ ارتقا جو باني ھوـ ھن بيماري جي حالت ۾ به ارتقا ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين لاء وڏو ڪم ڪيو ۽ مرڻ گھڙي تائين لوچيندو ۽ سوچيندو رھيوـ ھن چيو ته اڄ ملڪ ھڪ اھڙي ٻه واٽي تي بيٺو آھي ۽ جن معاشي, سياسي ۽ سماجي حالتن تي پھتو آھي انھن مان نڪرڻ لاء ضروري آھي ته اسان گڏجي جدوجھد ڪريون ۽ ڇڙوڇڙ ٿيڻ بجاء ھڪ مٺ ٿي ھلون ـ

ندا واحد بشير چيو ته راحت سعيد ھنن جي گھر جي فرد جيان ھو ۽ ھن مزدورن, ھارين, صحافين ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۾ ڪم ڪيو, ھو ھڪ متحرڪ ڪردار ھوـ سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرز فورم جي جنرل سيڪريٽري رمضان ٻرڙو راحت سعيد جون ساروڻيون ساريندي چيو ته راحت سعيد سان سندس ڪافي ويجھڙائپ ھئي ۽ ھو بيماري جي باوجود پنھنجي جاکوڙ جاري رکندو آيوـ ھن چيو ته راحت سعيد ھڪ انمول ڪردار ۽ ڏاھو ھو جنھن وقت ۽ حالات مطابق ڏتڙيل طبقن ۽ پورھيتن لاء جدوجھد ڪئي ـ ھن چيو ته اڄ جي حالتن ۾ اسانـکي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو آھي ۽ ان لاء گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ معاشري کي اڳتي وڌائڻ لاء گڏيل لائحه عمل اپنائڻ جي ضرورت آھي ـ ھن چيو ته ملڪ 27-ھين آئيني ترميم جو متحمل نه ٿو ٿي سگھي ـ عدالتن کي حڪمران طبقن جو ڳيجھو بڻائي مرضيء جا فيصلا ورتا ويا پيا وڃن ـ انصاف جو ڳلو گھٽڻ سان معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿي رھيو آھي ۽ انجام وڏو خراب نڪرندوـ م

لطيف راولاڻي چيو ته راحت سعيد پنھنجي راحت قربان ڪري عام ماڻھن ۽ ڏتڙيل طبقن جي راحت لاء اونو رکندڙ عظيم انسان ھوـ ھن چيو ته ھاڻي اسان لاء سياسي ڪم ڪرڻ واسطي بھتر حالات آھن ۽ نجات جو رستو جبر کي ختم ڪري حاصل ڪرڻ جو دڳ نظر اچي رھيو آھي ـ ھن چيو ته اسان کي فرقيوارانه سوچ ۽ مصنوعي اختلاف وساري ھڪ مٺ ٿي ھلڻو آھي ـ

منظور ٿھيم چيو ته انجمن ترقي پسند مصنفين سڀني ترقي پسند ۽ روشن خيال قوتن کي ھڪ پليٽ فارم تي جمع ڪري ۽ پنھنجو تاريخي ڪردار ڪري ـ ھن چيو ته انجمن ھڪ ڪرڻ لاء پيش رفت ٿيڻ گھرجي ـ

ان موقعي تي شمس الدين, وارث رضا, نديم سبطين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيوـ جڏھن ته ھن تقريب ۾ پروفيسر ساجده چنه, شاھد علي صوف ابڙو, انجمن ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري نعيم شيخ, رشيد تاج, الياس حسيني, طفيل شيخ, ارشاد پيرزادو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button