Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

وقت جي وهڪري ۾ سنڌ جو شعور ئي اُن جي بقا آهي

وقت جي وهڪري ۾ سنڌ جو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. اڄ به نيون للڪارون، نيون آزمائشون درپيش آهن. اهو فيصلو سنڌ جي نوجوان جي هٿ ۾ آهي ته هو پنهنجي تاريخ مان روشني وٺي مستقبل جو رستو ٺاهين يا وري بي حسيءَ جي اوندهه ۾ گم ٿي وڃن .

عرفان سنڌي

وقت جيڪو انساني وجود جو سڀ کان وڏو استاد آهي، اهو ئي تاريخ جو بي آواز ليکڪ به آهي. سنڌ جي تاريخ به ان وقت جي وَھڪ ۾ اهڙيءَ طرح لڙندي رهي آهي، جيئن درياهه جي موجون ڪنارن سان ٽڪرائي ٽڪرائي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهينديون آهن. سنڌ، جيڪا تهذيبن جي ڄم ڀومي رهي آهي، ان جا نشان موهن جو دڙو جي مٽيءَ مان نڪرندڙ هر ٿانو ۽ هر اوزار جي تراش اڄ به ڳالھائي ٿي. وقت جي وھڪ ۾ سنڌ رڳو زمين نه پر فڪر، عقيدت، عشق ۽ انسانيت جو مظهر بڻجي بيٺي آهي.

قدرت سنڌ کي درياهن سان نوازيو، پر ان کان وڌيڪ ماڻهن کي محبت، مهمان نوازي ۽ علم سان سينگاريوبه اٿس. قديم دور ۾ جڏهن باقي دنيا اڃا اونداهين ۾ گم هئي، تڏهن سنڌ علم ۽ تمدن جو مينار هئي. موهن جو دڙوءَ جا ماڻهو نه صرف واپار ۾ ماهر هئا، پر شهري نظام ۽ صفائيءَ ۾ به دنيا لاءِ مثال هئا. ان وقت جو سنڌي ذهن علم ۽ عمل ۾ اهڙو مضبوط هو جو وقت به سندس عظمت اڳيان سر جهڪايو.

سنڌ جي تاريخ جو هر ورق ٻڌائي ٿو ته هيءَ ڌرتي تلوار سان نہ، پر فڪر ۽ فلسفي سان زنده رهي آهي. جتي ٻين قومن ۾ بادشاهن جا قصا ملن ٿا، اتي سنڌ جي تاريخ ۾ فڪر جا امام، روحانيت جا مسافر ۽ محبت جا علمبردار نظر اچن ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، بيدل ۽ روهڙيءَ جي ڪنارن تي ويٺل صوفي فڪر جي ڪڙين لهرن ۾ سنڌ جي سڃاڻپ سمايل آهي

اهو ئي فڪر سنڌ جي روح ۾ رچيل رهيو — وطن سان وفاداري، انسان سان محبت ۽ حق سان سچائي ۽ فڪر جا حلقا، ۽ علمي مرڪز ٺهيا. پر ساڳي وقت جي نئين هوا سان گڏ سياسي ڇڪتاڻون به وڌيون. سلطنتن جي تبديليءَ سان سنڌ جا ماڻهو هر دور ۾ امتحانن مان گذريا، پر پنهنجو تشخص نه وڃايو.

 انگريزن سنڌ تي ڪاھ ڪري  سنڌ جي تاريخ جو نئون ورق کوليو. انگريز حڪمرانيءَ جي سياست ۾ سنڌ جي سادگيءَ کي ڪمزوري پئي سمجيو ، زمينن تي قبضو ڪيو، ويو وسيلن کي لٽيو، ويو ۽ ماڻهن ۾ ورهاست جا ٻج وڌا. ويا پر سنڌ جا فڪر رکندڙ ماڻهو جهڙوڪ سيد ھاشم شاهه، صبغت الله شاهه راشدي، ۽ بعد ۾ سائين جي. ايم. سيد جهڙا فڪر جا مجاهد، انهن سامراجن جي سامهون فڪر جو علم بلند رکيو. سائين جي. ايم. سيد چيو هو ته “سنڌ نه فقط زمين جو ٽڪرو آهي، پر اهو احساس آهي جيڪو تاريخ جي شعور سان جڙيل آهي.”

جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، سنڌ پنهنجي فطري مهربانيءَ سان هن نئين ملڪ کي پنهنجو آغوش ڏنو. پر افسوس، ان محبت جو بدلو ورهاست، لوٽ ۽ محروميءَ جي صورت ۾ مليو. سنڌ جي وسيلن تي ٻيا قابض ٿيا، سنڌي ٻوليءَ کي گهٽائي ڏيکاريو ويو، ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجن ئي شهرن ۾ اجنبي بڻايو ويو.  سنڌ جي سڃاڻپ سان کيڏڻ وارا هٿ هر دور ۾ بدلجندا رهيا، پر ارادو ساڳيو رهيو — سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ.

سنڌ جي ھر فڪر رکندڙ جي فڪر ۾  اها ڳالهه صاف آهي ته قومون تڏهن زنده رهن ٿيون جڏهن هو پنهنجو شعور نه وڃائين.

سچو ره، ڪو نه ٿئين غلام،

دل ۾ رکي نام خدا، ته ٿيندو آرام.”

وقت جي وهڪ ۾ سنڌ جو شعور ئي ان جي بقا آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به سنڌي شعور بيدار ٿيو آهي، ته ڌرتيءَ جون زنجيرون پاڻ ٽٽيون آهن. سيد، لطيف، سچل ۽ سامي جهڙا ماڻهو ڪو شاعر يا مفڪر رڳو نه هئا، پر سنڌ جي اجتماعي ضمير جا جاڳندڙ شعلا هئا، جن سنڌي ماڻهن کي ياد ڏياريو ته غلاميءَ جي سڀ کان خطرناڪ صورت “خاموشي” آهي.

اڄ جڏهن دنيا ترقيءَ جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، سنڌ اڃا به وسيلن جي غيربرابريءَ، پاڻيءَ جي کوٽ، بي روزگاري ۽ سياسي لوڀ جو شڪار آهي.جنهن قوم پنهنجي ماضيءَ کان سبق نه ورتو، اها قوم مستقبل ۾ رستو وڃائي ويهي ٿي. سنڌ لاءِ به وقت جي وهيءَ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته هو پنهنجو فڪر زنده رکي، پنهنجو شعور زنده رکي، ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي احترام کي وساري نه ڇڏي.

سنڌ جي تاريخ اسان کي اهو سيکاري ٿي ته ظلم جي هر لهر جو جواب علم، اتحاد ۽ فڪر سان ئي ڏبو سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو جهاد اهو آهي ته هر سنڌي پنهنجي سڃاڻپ، ٻولي ۽ فڪر لاءِ جدوجهد جاري رکي.

وقت جي وهڪ ۾ سنڌ جو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. اڄ به نوان چئلينج، نوان امتحان ۽ نوان موقعا سنڌ جي دروازي تي بيٺا آهن. هاڻي اهو فيصلو سنڌ جي نوجوان جي هٿ ۾ آهي ته هو پنهنجي تاريخ مان روشني وٺي مستقبل جو رستو ٺاهين يا وري بي حسيءَ جي اوندهه ۾ گم ٿي وڃن . سنڌ جو نالو تڏهن زنده رهندو، جڏهن هر سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي فڪر لاءِ سچو رهندو.

اهو ئي سنڌ جي بقا جو فلسفو آهي، ۽ اهو ئي وقت جي وهڪ ۾ سنڌ جي تاريخ جو اصل سبق آهي.

___________________

Irfan Sindhi-TheAsiaN

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button