راحت سعيد : سنڌ جو سفير، جنھن سدائين سنڌي ۽ اردو آباديءَ کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي
راحت سعيد سدائين پاڻ کي اردو ڳالھائيندڙ سنڌي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو پُٽ سمجھيو۔ منجھس ڪڏھن تِر جيتري بہ تعصب جي بوءِ محسوس نہ ٿي۔ راحت سعيد صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو سفير ھو۔
يوسف سنڌي
جناب راحت سعيد منھنجو اھڙو دوست ھو جھڙو ڀاڳن وارن کي ملندو آھي، نہ رڳو ذاتي حوالي سان ھمدرد، مھربان ۽ ھڏ ڏوکي، پر تنظيمي حوالي سان پڻ رھنمائي ڪندڙ۔
اسان جي ويجھڙائپ تڏھن ٿي جڏھن آئون ۲۰۰۸ کان ۲۰۱۰ تائين سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ھئس۔ ان عرصي دوران نہ رڳو سنگت ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ۾ تنظيمي حوالي سان وجھڙائپ ٿي، پر اسان گڏيل طور تي سنڌ جي چئن شھرن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ عمر ڪوٽ ۾ “ترقي پسند تحريڪ جا ٻولي ادب ۽ سماج تي اثر” جي عنوان سان ڪانفرنسون ڪوٺايون، جن ۾ سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جي ليکڪن شرڪت ڪئي ۽ پنھنجا ويچار ونڊيا، جنھن ڪري سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جي ليکڪن ۾ ويجھڙائپ وڌي ۽ دوريون گھٽيون۔

جناب راحت سعيد جي سھڪار ۽ ڪوشش سان سال ۲۰۰۹ ۾ اسلام آباد ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ميزباني ۾ سنڌي ادبي سنگت، بلوچ لٽرري سوسائٽي، عالمي پشتو ڪانفرنس ۽ پنجاپي قومي ڪاؤنسل جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ اردو ٻوليءَ جي قومي ٻولي واري اسٽيٽس کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ سنڌي، پنجاپي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين کي آئيني ترميم وسيلي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي گھر ڪئي وئي ۽ اھڙا ترميمي ڊرافٽ ٺاھي قومي اسيمبلي جي ۳۶ ممبرن مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ قومي اسيمبلي ۾ اھڙو ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو پوء سردخاني جي حوالي ٿي ويو۔
جناب راحت سعيد سدائين سنڌي ۽ اردو آبادي کي ويجھو آڻڻ جي لاء ڪوشان رھيو۔ سندس اھا ڪوشش رھي تہ سنڌ ۾ رھندڙ انھن ٻنھيءَ ٻولين جي رھاڪن ۾ ويجھڙائپ ٿي۔ ان سلسلي ۾ دانشوراڻن بحثن وغيرہ ۾ جناب راحت سعيد سدائين اڳ ڀرو رھيو۔
ھن سدائين پاڻ کي اردو ڳالھائيندڙ سنڌي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو پُٽ سمجھيو۔ مون منجھس ڪڏھن تر جيتري بہ تعصب جي بوءِ محسوس نہ ڪئي۔ راحت سعيد صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو سفير ھو۔

راحت سعيد جو وڇوڙو نہ رڳو تنظيمي ۽ تحريڪي حوالي سان نقصانڪار آھي پر سنڌ پڻ پنھنجي ھڪ حلالي فرزند کان محروم ٿي وئي آھي، جيڪو صدائين
ڳنڍن سارو ڏينھن، ڇنڻ مور نہ سکيا واري لطيف سائين جي ڏنل سبق تي عمل ڪندو رھيو۔
اڄ ڪامريڊ راحت سعيد کي اسان کان وڇڙي ھڪ سال ٿي ويو آھي، ان موقعي تي کيس ياد ڪندي “سرخ سلام” پيش ڪريان ٿو۔
_______________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل آھي. ھُو ھن وقت نئننگ عوامي جمھوريہ چين ۾ رھيل آھي



