ڇا 27ھين آئيني ترميم جو ميلو جمهوري ادارن جو پٽڪو چورائڻ لاءِ مچايو ويو آهي؟
آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم کان پوء فوج جو سپريم ڪمانڊر ڪوئي سينئر جنرل ھوندو، فوج سول حڪومتن کان الڳ ۽ خود مختار ادارو بڻجي ويندو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جو عمل دخل مڪلمل طور تي ختم ٿي ويندو.
حيدر ملاح
بظاهر ن ليگ جي حڪومت 27 آئيني ترميم جا بنيادي ست نقطا پنهنجي سامهون آندا آهن.
اهي ست نقطا هيٺيان آهن
١: .فيلڊ مارشل جو رياست ۾ مستقل عھدو ۽ ان جا فوجي اسٽبلشمينٽ ۾ اختيار/مدو ۽ مقرري جو طريقو
٢:.تعليم ۽ آباديءَ جي ڪنٽرول جون وزارتون وفاق کي واپس ڪرڻ.
٣:.اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي مليل مالي فائدن /حصي جي تحفظ جي وفاق ڏانهن واپسي.
٤:.هر صوبي کي ٽن صوبن ۾ ورهائڻ.
٥:.آئيني عدالتن جو قيام
٦:.انتظامي اختيارن ۽ ايگزيڪيٽو ميجسٽريٽس جو نظام بحال ڪرڻ
٧.اليڪشن جي طريقيڪار ،اليڪشن ڪميشن جي مقرريءَ جو نئين سر طريقڪار طئہ ڪرڻ.
مٿين ستن ترميمن کي گڏي 27 آئيني ترميم جو نالو ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف پارٽين سان رابطا ڪيا ويا جن ۾ ايوانن ۽ حڪومت ۾ شامل پارٽين کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم27 آئيني ترميم جي مڪمل حمايت ڪندي هر صوبي کي ٽن صوبن ۾ ورهائڻ بابت سنڌ لاء تجويز ڏني تہ سنڌ مان سکر ۽ ڪراچي جا الڳ صوبا ٺاهيا وڃن.

جڏهن ته پ پ پنهنجي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي جمعي رات واري اجلاس ۾ ستاويھين ترميم جي آرٽيڪل 243 جي مڪمل حمايت ڪندي فيلڊ مارشل جي عهدي، اختيارن ۽ مقرريءَ جي طريقيڪار جي مڪمل حمايت ڪندي ۽ آئيني عدالت جي قيام جي مشروط حمايت ڪندي چيو آهي تہ جيڪڏهن چئني صوبن جي نمائندگيءَ جي بنياد تي آئيني عدالت ٺاهي وئي ته پ پ ان جي حمايت ڪندي.
آئين جو آرٽيڪل 243(2) ڇا آهي؟
آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم کان پوء فوج جو سپريم ڪمانڊر ڪوئي سينئر جنرل ھوندو، فوج سول حڪومتن کان الڳ ۽ خود مختار ادارو بڻجي ويندو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جو عمل دخل مڪلمل طور تي ختم ٿي ويندو.
پاڻ ڄاڻون ٿا ته وفاق ۾ ن ليگ جي حڪومت پ پ جي حمايت تي بيٺل آهي ان ڪري اهو چئي سگهون ٿا ته جيسين 27ھين آئيني ترميم جي پ پ حمايت نه ڪندي تيسين اها ترميم قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ مان پاس نه ٿي سگهندي.
پاڻ کي هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ارڙهين آئيني ترميم دوران لڳ ڀڳ هڪ سئو آئيني آرٽيڪلز ۾ تبديلي آندي ويئي هئي. جنهن ڪري اهو ممڪن ٿيو ته 73 جي آئين ۾ موجوده ڪنڪرنٽ لسٽ مان سترنھن کاتا صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا پر وفاق مٿيان سترنھن کاتا مختلف نالن سان پوءِ به پاڻ وٽ برقرار ئي رکيا.
هن وقت ملڪي اسٽيبلشمينٽ صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ رقم کي هڙپ ڪرڻ جو پلان جوڙي چڪي آهي.
ان سلسلي ۾ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته صوبا وفاقي پُول ۾ ٽيڪسن جي وصوليءَ مان مقرر رقم فراهم نٿا ڪن ۽ پنجوڻو مٿي مالي ايوارڊ وصول ڪن ٿا جنهن ڪري وفاق عالمي قرضن جي دٻاءَ مان نه پيو نڪري سگهي. قرضن مان نڪرڻ لاءِ صوبن جي مالي ايوارڊ مان ڪٽوتي ڪري سمورا اختيار وفاق جي حوالي ڪيا وڃن.
جڏهن تہ حقيقت ۽ سچ اهو آهي تہ وفاق وڏي چالاڪيءَ سان صوبن جي حصي جا به پاڻ ٽيڪس وصول ڪري وڃي ٿو جيئن پيٽرول ليوي جي نالي تي وفاق ٽيڪس جي وصولي ڪري ٿو.
منهنجو ذاتي خيال آهي ملڪي اسٽبلشمينٽ وٽ اها ضرور ڄاڻ هوندي ته حڪومت جو اهم ٿنڀ پ پ 27ھين آئيني ترميم جي ڪهڙن آرٽيڪلز جي حمايت ڪري سگهي ٿي.
سو محسوس ائين ٿئي ٿو ته فيلڊ مارشل جي عهدي /مقرري ۽ اختيارن سان گڏ آئيني عدالت اصل حڪمرانن جون اهم ايجنڊائون آهن جن تي ايوانن ذريعي پيش رفت ۾ کين ڪاميابي ملندي.
باقي صوبن جي ورهاست، اين ايف سي ايوارڊ جي ڪٽوتي ،تعليم ۽ آبادي جي ڪنٽرول جو کاتو، مئجسٽريٽن جي اختيارن جي واپسي سميت اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ جا آرٽيڪل جوڙ توڙ طور پيش ڪيا ويا هئا. جن تي اڳتي به ملڪي اسٽيبلشمينٽ پيش رفت جاري رکندي.
سو مٿين صورتحال تي پاڻ چئي سگهون ٿا 27ھين آئيني ترميم جو ميلو ئي فيلڊ مارشل جي عهدي ۽ اختيارن توڙي آئيني عدالت جي قيام لاءِ لڳايو ويو هو.
هتي هيءَ به ڳالهه وسارڻ نه گهھرجي ته پ پ جي موجوده موقف پويان سنڌ جو پريشر آهي. جيڪڏهن سنڌ جو گذريل هفتي کان ردعمل ٿڌو هجي ها ته پ پ ٻن آرٽيڪلز کان به مٿي اڃان ڪجهه ٻين نقطن تي به حمايت ڪري ڇڏي ها.
پ پ اقتدار، اختيار ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي مزاج جو ڏهن ڏهاڪن کان به مٿي تجربو رکي ٿي سو پ پ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو موڊ ڏسي فيصلا ڪري ٿي. جمعي نماز کانپوءِ پوءِ وارو اجلاس به ملڪي اسٽيبلشمينٽ لاءِ بارگينگ لاءِ سڏايو ويو ھو. فيصلا ته خميس تي رات واري ئي اجلاس ۾ ڪيا ويا هئا. وڌيڪ جلد ئي خبر پئجي ويندي ته سنڌ کي پ پ ڇا ڏنو ۽ ڇا پ پ سنڌ کان ڦريو.
_________________
حيدر ملاح سنڌ جي ھڪ سياسي پارٽيءَ جو اڳوان آھي. سندس ھيءُ تجزيو سوشل ميڊيا مانيٽرنگ پروگرام ھيٺ شائع ڪيو ويو آھي.



