Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جِيوَن سفر: حادثن، سازشن، انصاف، قانون، عوام جي درد جون ڪھاڻيون

آفتاب احمد ميمڻ جي ڪتاب جِيون سفر ۾ سگھاري تخليق، تحقيق، ادب موسيقي، ڏاهپ، رومانس ۽ سائنس جو سنگم پڙهڻ لاءِ ملي ٿو

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

آفتاب ميمڻ صاحب ڪتاب ”جِيوَن سفر“ مون کي تحفي طور موڪلي ڏنو. آءُ سندس ٿورائتو آهيان. نه ڪڏھن ملاقات ٿي نه وري دوستي. گهڻي وقت کان پوء ڪو سٺو ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليو آهي. پاڻ سينئر سول سرونٽ رھيو ۽ روايتي سنڌي خاندان جو فرد آهي. ڪتاب ۾ ماڳ مڪان، لاهور سول سروس اڪيڊمي، پوء پريان جو پنڌ ڀلوجهڙا عنوان ڏئي پڙهندڙن لاءِ دلچسپي پيدا ڪري ٿو. قلندر شهباز جو فقير، مادام نورجهان ۽ مالا بيگم جو قلندر جي درگاھ تي راڳ رنگ ۾ رس ۽ چس ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ سگھاري تخليق، تحقيق، ادب موسيقي، ڏاهپ، رومانس ۽ سائنس جي ميلاپ جو سنگم پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ڪارونجھر جي مورن جا ٽھوڪا ۽ حُسناڪيون، ڪينجھر ڍنڍ جي ڪناري کي ڇھندڙ ڇولين ۽ نوريءَ جو ناز پڙهي محسوس ڪري سگھجي ٿو.

هڪڙي آفتاب ميمڻ ۾ ڪيترائي دلچسپ داستان ۽ ماڻهو ملن ٿا. ھُو پاڻ کي ترقي پسند ۽ روشن خيال ليکڪ مڃرائي ٿو. برجستو ۽ عوام دوست آفيسر رھيو ۽ قاعدا قانون ڄاڻي ٿو. ٽريننگ اڪيڊمي ۾ نمايان ڪاميابي ۽ اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر کي متاثر ڪندڙ سنڌي آفيسر2017 ۾ رٽائر ڪيو. کيس ايڪسٽينشن مليو پر انڪار ڪري ڇڏيائين. هي راجپوت ميمڻ اصل ديبل ۽ ٺٽي نگرجا رهاڪو واپاري بعد ۾ سنڌ ۾ ٽڙي پکڙي ويا ۽ پوءِ ڏيپلي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ وڃي آباد ٿيا. سندس وڏا واپاري سکيا ستابا هئا جن مان پوءِ ڪن پڙھي نوڪريون ورتيون.

ليکڪ جو جنم 19 جون 1950 تي ڏيپلي ۾ ٿيو. ستن پٽن ۽ پنجن نياڻين جي اولاد ۾ پاڻ سڀني کان وڏو آهي. پرائمري ڳوٺ ۾ ڪيائين. ميرپورخاص مان  ميٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ بعد 1973 ۾انجنيئرنگ جي ڊگري سنڌ يونورسٽيءَ مان ورتائين. سي. ايس. ايس جي امتحان ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ماڻڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين.

آفتاب ميمڻ لکي ٿو تہ صبح جو انٽر ويو هجي. نظر ڪمزور ھئي.  ڊاڪٽر صالح ميمڻ وٽ وڃڻ لاءِ راتو رات حيدرآباد پهچي ايمرجنسيءَ ۾ ملاقات ڪري اکيون چيڪ ڪرائي نمبر ورتم. ڊاڪٽر صاحب چشمي واري دڪاندار کي فون ڪري پارت ڪئي ۽ مونکي چيو تہ صبح جو چشمو وٺي انٽرويو تي وڃجان. ڊاڪٽر صاحب فيس به نه ورتي.

والد صاحب محمد موسي مختيارڪار هو. ريٽائر ٿي وڪيل ٿيو. ميرپورخاص ۽ ساماري ۾ سوا ٻه سئو ايڪڙ زمين ورتائين. اخلاق ۽ ماڻھپي وسيلي زميندارن، معززن آفيسرن سان دوستيءَ جا تعلقات قائم ڪيائين. تر ۾ اثر رسوخ وارو ٿيو. آصف علي زرداري جو ٽنڊو الهيار ۾ زرعي فارم ۽ انبن جو باغ هو. انبن جي مند ۾ زرداري صاحب انبن جي ٽوڪرن جون سوکڙيون آفتاب جي بابا جي گھر موڪلي ڏيندا هئا.

سول سروس لاهور اڪيڊمي ۾ پنج مهينا ٽريننگ ڪيائين ۽ نون تجربن ۽ نين ڳالھين سکڻ جا موقعا مليس. بين الاقوامي قانون، علائقي جا سياسي جاگرافي ماڊيول ڪورسز ڪيائين. اڪيڊميءَ ۾ گذاريل وقت جو ذڪر ڪندي آفتاب ميمڻ لکي ٿو تہ اُتي موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون هيون. تفريح لازمي ھئي. ھڪ ڀيري موسيقار نظير جي معرفت هنن کي قلندر لعل شهباز جي جي مينديءَ جي رسم جي دعوت ملي. لال داس درگاھ جو متولي آهي. ميڊم نورجھان ۽ مالا بيگم جو پروگرام هو. اڪيڊمي مان چار پنج دوست موسيقار نظير علي جي معرفت شامل ٿيا. نظير علي ”سائين لال شاهه بادشاهه“ ڪري تعارف ڪرايو. آفتاب احمد کي لال داس جي ڀر سان ويھاريو ۽ ٻڌايو ويو ته هي سنڌ جو سنڌي آهي. ارشاد احمد سبزواريءَ آفتاب کي ٻڌايو ته “لال داس وڏڙن کان ڏيئي ٻارڻ جي ريت ۽ قلندر شهباز جي مينديء جي رسم وارو حيادار ماڻهو آهي.” جواب ۾ ھُن چيو آءُ آل رسول ﷺ جي جُتيءَ برابر ڪونه آهيان.” هن کان پوء ميڊم نورجهان محفل جي فرمائش تي لال داس ۽ نظير علي جي اجازت سان ”سڀ تون سُوهنيا هائي ري من موهنيا” نظير علي جي موسيقي ۾ ڳائيندي محفل ۾ ولوڙ مچائي ڇڏيو. ڇا ته جادو ۽ سحر ھو هن صدا ۾.

ان دور ۾ قلندر شهباز جي فقير سائين لال داس جي لاهور آمد، مصنف جي فلمي دنيا جي ستارن مالا بيگم ۽ ان جي دوست شهزادي سان ميل جول وڌي. نورجھان جي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ آفتاب احمد شريڪ ٿيو جتي ميڊم، آفتاب کي پنهنجي ڀر ۾ ويھاريو.

کيس اُهي گهڙيون نٿيون وسرن. ليکڪ “پاڻ کي شاڪيا مني جي پنڌ جو پانڌيئڙو سمجهي ٿو جنهن کي هر ويل تياڳي ٿيڻ جا اڌما اٿندا آهن”. ڇا سچ! ڇا ڇايا! ڇا ڇڏيو موه ڄاڻندي به نه ڄاتم.” اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر سان Encounter ڪيائين جيڪو 1952جو سي. ايس. ايس سنڌين کي جاهل ۽ نااهل سمجهي ٿو. ان کي اکيون ڏيکاري سورھيائي ڪري ٿو. آفتاب گهڻا فن ڄاڻي ٿو. دوستن جا هٿ ڏسي سڀني کي حيران ڪري ڇڏي، قسمت جو حال ٻڌائي ٿو. ماڻھوءَ ۾ ڪيترائي جهان وسن ٿا. ڪي اجرا ته ڪي ميرا. اهرمن يزدان جي جنگ جاري رهندي.

سال 1981 ۾ بهاولپور ڇانوڻي۽ ٽن مهينن جي ڪامياب فوجي ٽريننگ ڪيائين. تربيت کان پوء پاڻ کي اعلي اتم نٿو سمجهي. ھُو عوام جي خدمت لاءِ تيار ٿيو. هن لکيو Civil are often known as uncivil serpents جن کي خبر ناهي ته ڪيڏي مھل ڪنهن کي ڏنگين ٿا، پر ايئن به ناهي. سول سرونٽ خدا ترس به آهن، توڻي تعداد ۾ گهٽ آهن. سندس پوسٽنگ سنڌ ۾ ٿي پر عنايت الله هن جي پوسٽنگ پنجاب ۾ ڪرائي خوش ٿيو. فورٽ عباس ۾ سال 1983 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. ٿڌي هل اسٽيشن واري علائقي ۾ ميان عبدالستار لاليڪا سندس ويجهو دوست ۽ سنڌ دوست شخصيت هو، علائقي جو وڏو زميندار اثر وارو ماڻهو هو. آگسٽ 1984 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر تي سندس گهريلو نوڪرياڻي سان زنابالجبر جي الزام آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. عورت عاليه  اي. سي جي گهر ۾ ملازم هئي. ايس. ايڇ. او فورٽ عباس ڪيس داخل ڪرايو. هاء ڪورٽ پنجاب چيو سڀ کان اڳ ۾ ڪمشنر ملتان  جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري. آفتاب جواب ڏنو ته “هن وٽ ڪا به گهريلو نوڪرياڻي ڪانهي، چيئرمين يونين ڪائونسل ولهر راڻا اصل ۾ هن سازش جو هڪ بدڪردار ماڻهو شامل آهي.” ڏسو ايماندار بهادر افيسرن کي هن ريت سازشن جي ڄار ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. راڻا آفتاب کي ڪنهن دوست وسيلي ٽويوٽا ڪار ۽ ٻه لک روپيا غلط ڪم ڪرڻ لاءِ آڇيا جيڪي هن انڪار ڪيو. آفتاب اسلام آباد ۾ پنھجي دوست امجد ۽ جي. ڊي ميمڻ سان مليو هن چيو،” مهاجر ۽ پنجابي آفيسر توکي وڌڻ ڪونہ ڏيندا، ڄنگهون ڪپڻ جي ڪوشش ڪندا.”وڙهڻو آهي توکي ثابت ڪرڻو آهي ته تون هنن کان بهتر آهين”. هي تاريخي سپورٽ ۽ آٿت جي. ڊي ميمڻ هالا واري جي هئي. ٻئي پاسي گورنر پنجاب يزداني چيف سيڪريٽري پنجاب کي صبح سان فون ڪري سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ دٻ پٽي. هن انٽيليجنس رپورٽ گهرائي پڙهي تہ سڀ ڪوڙ آهي! هن سنڌي ڇوڪري کي  جي ڪجه ٿيو آءُ توهان ڊي. سي بهاول نگر کي ڪونه ڇڏيندس.  منهنجا آفيسر ڊڄڻا ۽ لاپرواھ آهن پر آءُ هن ڇوڪري جو ڪيس وڙهندس، انڌير ٿيڻ ڪونه ڏيندس.  هي تاريخي جملا غلام جيلاني گورنر جا آهن . ڇا ته سنڌين لاءِ دل ۾ عزت ۾ احترام رکي ٿو. ھُن آفتاب کي ٻڌايو ته ٻن ڏينهن ۾ ڪيس ختم ڪرائيندو. پوء ايف آر خارج ٿي ۽ داخل ڪيل ڪيس ختم ٿيو. ڪوڙيون تهمتون رد ڪري آزمائش بھادري سان مقابلو ڪيائين.

آفتاب جا پنج پيارا ستار لاليڪا، صديق ڪانجو، نعيم ملڪ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو سڀ دوست ثابت ٿيا. عيساڻي صاحب سندس بدليءَ جي مخالفت ڪئي ته  “آفتاب کي ڪم سکڻ ڏيو. پنجاب طاقت آهي، هن کي پنجاب ۾ رهڻ ڏيو. سٺي آفيسر کي نٿا ڇڏين.

مخدوم سجاد حسين قريشي ۽ مخدوم حميدالدين قريشي اهڙي ته ٺيٺ سنڌي ڳالهائيندا هئا جو آفتاب احمد حيران ٿي ويندو هو. هن احترام جو اظهار ڪتاب جي پويان ٽائيٽل تي ڏنو آهي. آءُ سمجهان ٿو ته گهڻي وقت کان پوء اهڙي خوبصورت آتم ڪٿا پڙهڻ لاءِ ملي، جنهن ۾ حادثن، سازشن، انصاف قانون جي حڪمراني، عوام جي درد جا دل ۾ جذبا ملن ٿا. اهڙي روشن ضمير ڪردار کي وساري نٿو سگهجي . آفتاب احمد هڪڙو مثالي ڪردار آهي جنهن ڇهن سالن جي عمر تائين گلاب جو گل نه سنگهيو هو ۽ 31 سالن جي عمر ۾پھريون دفعو مخملي گل دائودي ڏٺو. تڏهن به حسن پرستي آرٽ فن جي ليگيسي هن جي شخصيت جو سحر ۽ حصو آهي . شيخ اياز اهڙي خوبصورت تحريرن واري جيون سفر لاءِ چيو: جهومندڙ هوائن ۾، رات ڄام شوري جي، ڪنهن رباب وانگر آ، عمر ايئن اڏامي ٿي،  ڄڻ پکي پرن تي آ وقت خواب وانگر.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. آفتاب احمد ميمڻ صاحب سينيءر سول سرونٽ جي بلوڙ جنم ڪٿا جيون سفر هڪ منفرد ڪتاب جيڪو هڪ دفعو هٿ ۾ کنيون ته مڪمل ڪري پڙهڻ کان سواءِ ڪون رکبو. هن ۾ ادبي تسلسل تخيلقي سگهه، تحقيق طريقي سان تجزين بحث ۽ پڄاڻي جو شعور شامل آهي آفتاب احمد هڪ بهادر سنڌ دوست عوامي محبتن سبب پنجاب ۽ سنڌ ۾ بهترين آفيسر طور ڪاميابيون ماڻيون ۽ سرخرو ٿيو. زنا الجبر هيٺ ڪوڙا ڪيس ٿيا جيڪي ڪوڙا الزام ثابت ٿيڻ تي سرخرو ٿيو. گورنر پنجاب غلام رباني يزداني ڪمشنر بهاول نگر ڊپٽي ڪمشنر کيس سنڌ جو بھترين آفيسر سمجھي بچائي ٿو.جيون سفر، چانڊوڪي پ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button