سنڌ پوليس اندر ويٺل ڦورن، قاتلن ۽ ٻين ڏوهارين کي پڪڙڻ جي ضرورت
سنڌ پوليس ۾ ڀرتيءَ کان اڳ اُميدوارن جي ڪردار ۽ نفسياتي جاچ لازمي ٿيڻ گھرجي
ڪراچيءَ آيل ھيئر پلانٽ ٽيڪنيشن مهمير تنيو جو قتل پوليس جي ڪردار توڙي انصاف لاءِ سوال بڻيل
عبدالله عثمان مورائي
مهمير تنيو (Hair Transplant Technician) جو ڪراچيءَ ۾ پوليس اهلڪارن جي هٿان انتهائي ظالماڻو ۽ وحشيانه قتل هڪ اهڙو واقعو آهي، جنهن نه رڳو هڪ معصوم نوجوان جي زندگي کسي، پر پوري سنڌ پوليس جي ادارتي ساک کي به وڏو نقصان پهچايو آهي. هي واقعو سنڌ جي هر ذي شعور ماڻهو جي دل ۾ هڪ گهرو غم ۽ صدمو پيدا ڪري ويو آهي. هڪ اهڙي رياستي اداري جنهن جو بنيادي فرض محافظت آهي، ان جي هٿان بغير ڪنهن سبب جي هڪ معصوم شهريءَ جو قتل ٿيڻ اهو واضح ڪري ٿو ته نظام اندر ڪجهه اهڙا نفسياتي مريض ۽ مجرم ويٺل آهن، جيڪي يونيفارم جي طاقت کي ظلم جي تلوار طور استعمال ڪري رهيا آهن.
هن افسوسناڪ ۽ دردناڪ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. مهمير تنيو جي خاندان سان اسان جي دلي همدردي آهي. رياست جي ذميواري آهي ته هو نه صرف هنن الزام هيٺ آيل ڏوهارين کي فوري ۽ سخت سزا ڏياري، پر ان کان به وڌيڪ ضروري آهي ته اهي سوراخ ڳولي، جن ذريعي اهڙا ڏوهاري ۽ شڪاري پوليس جهڙي اهم ۽ طاقتور اداري ۾ داخل ٿي ويا. هي وقت رڳو جذباتي مذمت جو نه پر نظامي سڌارن تي ڌيان ڏيڻ جو آهي. اڄ جو سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته پوليس جي ڀرتي ۽ تربيت جي عمل ۾ ذهني ۽ نفسياتي ڇنڊڇاڻ (Psychological Screening) جي ضرورت ڪيتري اهم آهي؟

پوليس جي نوڪري ۽ غير معمولي ذهني دٻاءُ
پوليس جو ڪم ٻين عام نوڪرين وانگر نه آهي. هي هڪ اهڙو پيشو آهي جنهن ۾ عملي کي هر وقت سخت دٻاءُ ، خطرناڪ ماحول ۽ تڪڙا فيصلا ڪرڻا پون ٿا. هن نوڪري ۾ هڪ عام انسان به وقت سان گڏ ذهني طور تي ٿڪجي يا بدلجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن بنيادي طور تي ئي ڪنهن شخص جو مزاج تشدد پسند ، اختيار جو غلط استعمال ڪندڙ، يا تاريخي طور تي ڏوهاري يا مجرماڻو رجحان هجي ته يونيفارم ۽ اختيار ملڻ سان هو عوام لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻجي ويندو.
اهڙن ماڻهن کي پوليس ۾ شامل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ صرف روايتي جسماني امتحان، تعليمي قابليت يا لکت ۾ امتحان پاس ڪرڻ ڪافي نه آهن. هڪ ظالم ۽ ذهني مريض (Psycho) به فزيڪل پاس ڪري سگهي ٿو ۽ امتحان ۾ سٺا نمبر به کڻي سگهي ٿو، پر هن وٽ جذباتي استحڪام ، همدردي ۽ ڪاوڙ تي ڪنٽرول جهڙن لازمي انساني خوبين جو فقدان هوندو آهي. مهمير تنيو جو واقعو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پوليس کي هاڻي نه رڳو سڌي رستي (Physical Fitness) پر صاف ذهن (Mental Fitness) وارا ماڻهو گهرجن.
عالمي معيار: ترقي يافته ملڪن ۾ ڀرتي جو عمل
سڄي دنيا ۾، خاص ڪري ترقي يافته ملڪن جهڙوڪ آمريڪا ، برطانيا ، ڪئناڊا ۽ جرمني ۾ پوليس جي ڀرتيءَ جو عمل انتهائي سخت ۽ گهرائي ۾ ٿيندڙ نفسياتي جاچ تي ٻڌل هوندو آهي. هي جاچ صرف هڪ مرحلو نه پر هڪ جامع ۽ گهڻن مرحلن وارو نظام آهي جنهن ۾ هيٺيان مرحلا شامل هجن ٿا.
معياري شخصيت جا امتحان جنهن ۾ شروعات ۾ اميدوارن کي وڏي پيماني تي لکت ۾ نفسياتي سوالناما (Questionnaires) ڏنا ويندا آهن، جيڪي سندن ايگريشن ليول يعني ڪاوڙ جي سطح ، ضابطي جي پيروي، دٻاءُ ۾ رد عمل ۽ سماجي روين جي جانچ ڪن ٿا. مشهور امتحانن ۾ MMPI (Minnesota Multiphasic Personality Inventory) شامل آهن.
ان کان پوء جيڪو مرحلو اچي ٿو ان ۾ شارٽ لسٽ ٿيل اميدوارن کي لازمي طور تي هڪ لائسنس يافته ڪلينڪل نفسياتي ماهر سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي آهي. انٽرويو ۾ انهن جي ماضي جي تاريخ، ڏکين حالتن ۾ فيصلا ڪرڻ ۽ اخلاقي چئلينج تي سوال ڪيا ويندا آهن. ان جو مقصد اهو معلوم ڪرڻ هوندو آهي ته ڇا اميدوار جو ماضي يا ذهني ساخت هن جي ڪم کي ڪنهن به طرح خراب ڪري سگهي ٿي.
ڪيس اسٽڊيز ۽ رول پلي واري مرحلي ۾ ڪيترائي ادارا اميدوارن کي فرضي حالتن (Mock Scenarios) ۾ وجهي انهن جي عملي فيصلي سازي جو مشاهدو ڪندا آهن، خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ جتي طاقت جي استعمال جو خطرو هجي.
اميدوارن کي لازمي طور تي پنهنجي ذهني صحت جي ماضيءَ جي تاريخ ۽ علاج جو مڪمل انڪشاف ڪرڻو پوندو آهي. ڪنهن به قسم جي ذهني بيماري (مثال طور شديد ڊپريشن، پي ٽي ايس ڊي، يا تشدد جي بيماري) جي مناسب تشخيص ٿيڻ کان پوءِ ئي سندن ڪيس تي غور ڪيو ويندو آهي.

سنڌ لاءِ عملي قدم ۽ فوري تجويزون
سنڌ پوليس جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت کي هن نازڪ وقت ۾ رڳو روايتي حلن تي ڀروسو ڪرڻ بدران عالمي معيارن کي اپنائڻ گهرجي. سڌارا هيٺين عملن سان شروع ٿي سگهن ٿا جن ۾ پوليس ۾ شامل ٿيندڙ هر اهلڪار (ڪانسٽيبل کان وٺي اعليٰ آفيسرن تائين) لاءِ نفسياتي ماهر کان ڪلئيرنس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو وڃي. هن جاچ کي مالي اثر ۽ سياسي مداخلت کان مڪمل طور تي آزاد رکڻ گهرجي.
ان کانسواء بنيادي جاچ جا پيمانا (Tools) اهڙا استعمال ڪيا وڃن جيڪي سنڌ جي مقامي ثقافت، ٻولي، ۽ سماجي ساخت جي لحاظ کان حساس هجن ۽ صحيح نتيجا ڏيئي سگهن. هن لاءِ صوبي جي بهترين ماهر نفسيات جو هڪ آزاد بورڊ جوڙڻ گهرجي.
هڪ ٻي اهم ڳالهه ته پوليس ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ به نوڪري جي هر ٽئين يا چوٿين سال ۾ موجوده اهلڪارن لاءِ وقفي وقفي سان اهلڪارن جي دٻاءُ ، تشدد جي رجحان ۽ عاجزي يا همدردي جي سطح معلوم ڪرڻ لاءِ مختصر نفسياتي جائزي (Mental Health Reviews) جو بندوبست ڪيو وڃي. جيڪي اهلڪار شديد دٻاءُ يا ذهني مسئلن جو شڪار هجن، انهن کي فوري طور تي فرسٽ لائن ڊيوٽي تان هٽائي علاج ۽ مشاورت فراهم ڪئي وڃي.
ان سان گڏوگڏ تربيت جي نصاب ۾ عوامي سهڪار (Public Service) ۽ انساني حقن جي احترام جي موضوعن تي خاص ليڪچر ۽ عملي تربيت شامل ڪئي وڃي ته جيئن اهلڪارن کي اهو سمجهه ۾ اچي ته اختيار رڳو فرض جي ادائيگي لاءِ آهي، نه ڪي ذاتي انا ۽ غصي جي تسڪين لاءِ.
آخر ۾ حاصل مقصد ته مهمير تنيو جو افسوسناڪ قتل اسان لاءِ هڪ آخري خبرداري آهي. هڪ رياست جيڪا پنهنجي شهرين کي پنهنجي محافظن کان بچائي نٿي سگهي، اها پنهنجي بنيادي وجود جي ذميواريءَ کان ڀڄي رهي آهي. سنڌ جي حاڪمن کي اهو قبول ڪرڻو پوندو ته جسماني طاقت ثانوي آهي ۽ ذهني استحڪام ئي پوليس جي ڪارڪردگي ۽ عوامي اعتماد جو حقيقي بنياد آهي.
جيستائين اسان اهڙن نفسياتي فلٽرن کي پنهنجي ڀرتيءَ واري نظام ۾ مضبوط نه ڪنداسين، تيستائين يونيفارم جي آڙ ۾ لڪل مجرم ۽ ڏوهاري شهرين کي نقصان پهچائيندا رهندا. سنڌ جو سڌارو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان جو نظام هر سطح تي بنا ڪنهن سمجهوتي جي اخلاقي ۽ ذهني فٽنيس کي اوليت ڏيندو.
________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُوناميارو ليکڪ آھي ۽ انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو آھي



