Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ ۾ حاڪمن پنھنجي ذميواري نہ، رڳو اختيار تي قبضو ڪرڻ سکيو آهي

هتي اختيار جي چاشني ته هر ڪو چاهي ٿو پر ذميواريءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪو بہ تيار ناهي. سنڌ ۾ اسان کي اختيار جي غلط استعمال جا بيشمار مثال نظر اچن ٿا

سنڌ ۾ تعليم جي تباهي، صحت جي سهولتن جي کوٽ، ڀڳل روڊ رستا ۽ خاص طور ڪرپشن جو وڏو ڄار، اهي سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته حاڪمن رڳو اختيار تي قبضو ڪرڻ سکيو آهي

مڪمل اختيار جو مطلب آهي مڪمل ذميواري: سنڌ جي حاڪمن جي نالي هڪ پيغام

عبدالله عثمان مورائي

“Absolute power means absolute responsibility” (مڪمل اختيار جو مطلب آهي مڪمل ذميواري). هي هڪ اهڙو اصول آهي، جيڪو صرف سياسي فلسفو نه پر انساني اخلاق جو بنيادي بڻ بڻياد ۽ پٿر آهي. جتي طاقت وڌندي آهي، اتي ئي احتساب ۽ ڪم جي جوابداري لازمي ٿي وڃي ٿي. افسوس جو پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي ۽ بيوروڪريٽڪ نظام ۾ اهو اصول اڪثر پوئتي پيل آهي. هتي اختيار جي چاشني ته هر ڪو چاهي ٿو پر ان سان گڏ آيل ذميواريءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪو تيار ناهي.

اختيار ۽ ذميواريءَ جو فلسفو

ڪنهن به فرد يا اداري کي جڏهن طاقت ۽ اختيار ڏنو ويندو آهي ته اهو ڪنهن ذاتي عياشي لاءِ نه پر عوام جي ڀلائي ۽ خدمت لاءِ ڏنو ويندو آهي. جنهن وٽ جيتري وڌيڪ طاقت هوندي، اوترو ئي هن جو اثر هزارين زندگين تي پوندو. مثال طور  صوبي جي وڏي وزير وٽ سنڌ جي سڄي نظام کي سڌارڻ يا بگاڙڻ جو مڪمل اختيار آهي، تنهنڪري هن جي ناڪامي يا ڪاميابيءَ جي ذميواري به مڪمل طور سندس مٿان هوندي. ائين ئي وري هڪ چيف سيڪريٽري جي هڪ فيصلي سان هزارين ماڻهن جي قسمت جو فيصلو ٿي سگهي ٿو يا هڪ سينئر پوليس آفيسر وٽ مڪمل امن قائم ڪرڻ يا ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ جو اختيار هوندو آهي. ان ڪري مڪمل اختيار جو قانوني ۽ اخلاقي مطلب اهو آهي ته ان اختيار جو هر پل ۽ هر فيصلو عوام کي جوابده آهي.

سنڌ ۾ بنا ذميواريءَ اختيار جا عڪس

جڏهن اسين سنڌ جي پس منظر ۾ ڏسون ٿا ته اسان کي اختيار جي غلط استعمال جا بيشمار مثال نظر اچن ٿا. اڄ سنڌ اندر جيڪي به مسئلا، جيئن ته تعليم جو تباهه حال هجڻ، صحت جي سهولتن جو فقدان، روڊن ۽ رستن جو ٽٽل هجڻ ۽ خاص ڪري گهوٽڪي کان ڪراچي تائين ڪرپشن جو وڏو دٻدٻو، اهي سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته حاڪمن رڳو اختيار تي قبضو ڪرڻ سکيو آهي ۽ پنهنجي ذميواريءَ کان انڪار ڪيو آهي.

تعليم جو حال آهي ته اڄ هزارين اسڪول بند پيل آهن يا بغير استادن جي هلي رهيا آهن. اختيار رکندڙ ادارن وٽ اسڪول کولڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ جي مڪمل طاقت آهي پر اها ذميواري محسوس نٿا ڪن ته غريب ٻارن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. پاڻي ۽ صفائي جي حوالي سان ڏسجي ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جو نظام مڪمل طور ڊهي پيو آهي. اختيارن جي باوجود، عوام کي صاف پاڻي ۽ بهتر صفائيءَ جو نظام فراهم ڪرڻ کي پنهنجي ذميواري نٿو سمجهيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ بيماريون عام ٿي وڃن ٿيون.

مالياتي حوالي سان ڏسجي ته مڪمل مالياتي اختيار (Financial Power) ڏنا ويا آهن، اتي ئي مڪمل بدانتظامي (Mismanagement) ۽ ڪرپشن به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سرڪاري کاتن ۾ مڪمل اختيار جو فائدو صرف ذاتي ترقي ۽ شاهي انداز جي زندگي گذارڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي.

انهن لاءِ آئينو جيڪي ذميواري کان ڀڄن ٿا

اهي ماڻهو جيڪي سڀ کان مهانگيون گاڏيون، بهترين آفيسون ۽ پروٽوڪول جو لطف ۽ مزو وٺن ٿا پر جڏهن عوامي مسئلن تي نظر پوي ٿي ته خاموش ٿي ويهن ٿا يا ذميواري هڪٻئي تي مڙهي ڇڏين ٿا، انهن کي هي آئينو ڏسڻ گهرجي ته دنيا ۾ گهڻي قدر بادشاهيون ختم ٿي ويون آهن يا آهن به ته رڳو رسمي طور هلي رهيون آهن ۽ هي دور جمهوريت جو دور آهي ۽ توهان جا اختيار ڪنهن موروثي حق جو نتيجو ناهن پر عوام جي امانت آهن. جڏهن توهان شهرين کي ٽٽل رستن تي ڇڏي پنهنجن محل نما گهرن ۾ ويٺا آهيو ته توهان ان امانت ۾ خيانت ڪري رهيا آهيو.

توهان جي پروٽوڪول تي جيڪو پئسو خرچ ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن غريب جو آهي جنهن کي بغير علاج جي اسپتال مان موٽايو وڃي ٿو. اختيارن جو مقصد پنهنجي پاڻ کي غريبن کان مٿاهون ڪرڻ نه پر انهن جي زندگي جي سطح کي مٿاهون ڪرڻ آهي. مطلب ته عوامي پئسو عوام لاءِ ئي هجڻ گهرجي.

اختيار رکندڙ هميشه شڪايتون ڪندا آهن ته “نظام خراب آهي” يا “مون وٽ پئسو گهٽ آهي.” پر جنهن وٽ مڪمل اختيار آهي ان وٽ عذر پيش ڪرڻ جي ڪا جاءِ ناهي. پنهنجي اختيار کي سڌاري لاءِ استعمال نه ڪرڻ، بذاتِ خود مڪمل ذميواري کان ڀڄڻ آهي. مطلب ته جڏهن اختيار هجي ته پوء عذرا ڇا جو؟ جيڪڏهن مڪمل اختيارن باوجود سنڌ جي تعليم، صحت ۽ امن امان جو نظام نٿو سڌري ته ان جو سڌو مطلب اهو آهي ته مڪمل اختيارن تي قابض ماڻهو مڪمل طور تي پنهنجي ذميواريءَ نڀائڻ ۾ ناڪام آهن.

آخر ۾ حاصل مقصد ته جيستائين اسين پنهنجي حاڪمن کان اهو سوال نه ڪنداسين ته، “توهان جي مڪمل اختيارن باوجود اسان جا مسئلا مڪمل طور تي حل ڇو نٿا ٿين؟” تيستائين هي نظام نه سڌرندو. روحاني ۽ اخلاقي طور تي، سڀ کان وڏي ترقي اها آهي ته انسان پنهنجي ذميواريءَ کي تسليم ڪري. سنڌ جو سڌارو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان جا حاڪم اهو سبق دل سان قبول ڪن ته “مڪمل اختيار جو مطلب آهي مڪمل ۽ غير مشروط ذميواري.” ۽ جيڪو ان ذميواريءَ کي نه ٿو نڀائي، ان کي ان مڪمل اختيار کان پري رهڻ گهرجي.

_____________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُوناميارو ليکڪ آھي ۽ انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. Sir, Sindh dhartee khe PPPP jee hukoomat Sirf Penhje iqtidar lae ee istemal paee karee.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button