Editor's pickMain Slideدنياڪالم

جنگ کي روڪڻ ۾ علم جي ناڪامي: قديم بربريت زنده آهي، صرف هٿيار بدلجي ويا آهن

علم، انسان کي مھذب ته ڪيو، پر غير مھذب جبلت کي ختم نه ڪري سگهيو. تلوار جي جاءِ توپن ورتي، توپن جي جاءِ ميزائلن ورتي، ۽ هاڻي ميزائلن جي جاءِ الگورٿمن ورتي آهي

انسان پنهنجو دماغ ته تعليم سان تيز ڪيو، پر پنهنجو ضمير نه جاڳايو. علم، جمهوريت ۽ منڊيءَ جي آزادي جنگ جي ڀُوت کي زنجير ۾ وجهڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آھن. جيڪي اوزار امن لاءِ ٺاهيا ويا، سي طاقت جا هٿيار بڻجي ويا.  

غارن کان وٺي پارليامينٽن تائين، جنگ انسان سان گڏ هلي آهي. اها هر حڪومتي صورت ۾ رچي وئي آهي ــ بادشاهت، مذهبيت، جمهوريت. اها هر نقاب ۾ ظاهر ٿي آهي ــ مذهب، نظريي، آزادي ۽ امن جي نالي ۾.

نور محمد مَري

انساني تهذيب جي شروعات کان وٺي انسان اهو يقين رکندو رهيو آهي ته علم ۽ تعليم انسان جي روح کي پاڪ ڪري ڇڏيندا، ۽ جذبات کي نظم ضبط ۾ آڻيندا. قديم فلسفين جو خيال هو ته جڏهن عقل، جھالت تي غالب ايندو ۽ تعليم ذهن کي روشن ڪندي، تڏهن انسان جنگ جي بربريت کان مٿاهون ٿي ويندو. انهن سوچيو ته جنگ، اونداهيءَ جي پيدائش آهي؛ تنهنڪري علم، امن جي زماني جو پيغام بڻجندو.

پر تاريخ هن خواب کي شرمنده ڪيو. جيئن جيئن انسان سکيو، تيئن تيئن سندس جنگيون وڌيڪ خونريز ٿي ويون. علم، انسان کي مھذب ته ڪيو، پر غير مھذب جبلت کي ختم نه ڪري سگهيو. تلوار جي جاءِ توپن ورتي، توپن جي جاءِ ميزائلن ورتي، ۽ هاڻي ميزائلن جي جاءِ الگورٿمن ورتي آهي. انسان پنهنجو دماغ ته تعليم سان تيز ڪيو، پر پنهنجو ضمير نه جاڳايو. قديم بربريت اڃا تائين زنده آهي ـــ صرف هٿيار بدلجي ويا آهن.

منھنجي راءِ ۾ انسان وسعت پسند آهي. سندس اندر ۾ غلبو حاصل ڪرڻ جي خواهش ــ زمين، وسيلن يا خيالن تي ــ سدائين موجود رهي آهي. قبيلن کان سلطنتن تائين، نوآبادين کان جديد رياستن تائين، هيءَ جبلت هر دور ۾ ورثي طور منتقل ٿي آهي. سياسي نظام بدلجن ٿا، پر بنيادي محرڪ ساڳيو رهي ٿو: طاقت. رياستون، ماڻهن جيان، اخلاقيات نه پر طاقت، خوف ۽ مفاد تي هلن ٿيون.

هر رياست جو بنياد طاقت آهي، تنهنڪري اهي هر شئي کي طاقت جي ماپ سان پرکين ٿيون. بغير طاقت جي سفارتڪاري رڳو تقرير آهي، ۽ طاقت کان خالي امن هڪ وهم آهي. دنيا جي رياستن جو نظام پاڻ ۾ بيٺل آهي، ڇو ته سڀ خودمختيار آهن، ۽ ڪنهن مٿان ڪو حاڪم ادارو ناهي. اهڙي حالت ۾ بي‌اعتمادي ۽ خوف مستقل ساٿي بڻجي وڃن ٿا، ۽ جنگ هڪ ممڪن نه پر لازمي حقيقت بڻجي وڃي ٿي.

ڪڏهن اهو نظريو هو ته واپار ۽ اقتصاديات جنگ کي ختم ڪري ڇڏيندي. اقتصاديات جي ماهرن چيو ته جڏهن قومون هڪ ٻئي تي دارومدار رکنديون، تڏهن انهن کي نفعي ۾ دلچسپي رهندي، نه تباھيءَ ۾. پر تاريخ ان وهم کي بار بار ٽوڙيو آهي. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان اڳ يورپ جون معيشتون گڏيل واپار ۾ عروج تي هيون، پوءِ به انهن هڪ ٻئي کي تباهه ڪيو. عالميت ۽ منڊيءَ جي آزاديءَ به امن نه ڏنو، بلڪه نون اختلافن کي جنم ڏنو ــ تيل، ٽيڪنالاجي ۽ اثر رسوخ تي.

ساڳي دعوي جمهوريت بابت ڪئي وئي. لبرل مفڪرن چيو ته جيڪڏهن دنيا جمهوريت قبول ڪري وٺندي، ته جنگ ختم ٿي ويندي. پر جڏهن سرد جنگ ختم ٿي ۽ جمهوريت غالب آئي، تڏهن دنيا ۾ جنگين جو سلسلو وڌي ويو ــ عراق، افغانستان، لبيا، يوڪرين تائين. جمهوريت به انسان جي جارح مزاجيءَ کي نه روڪي سگهي، صرف ان جي جواز کي نون لفظن ۾ بيان ڪيو. بادشاهه هاڻي سلطنت جي نالي تي نه پر آزادي ۽ تحفظ جي نالي تي حملو ڪن ٿا.

تعليم، علم، جمهوريت ۽ منڊيءَ جي آزادي ــ سڀ ناڪام ٿيا آهن جنگ جي ڀُوت کي زنجير ۾ وجهڻ ۾. انساني روين کي مهذب ضرور بڻايائون، پر اندر جي انساني جبلت ساڳي رهي. الميو اهو آهي ته جيڪي اوزار امن لاءِ ٺاهيا ويا، سي طاقت جا هٿيار بڻجي ويا. علم، سائنسدان کي هٿيار ڏنا، پر عارف کي بصيرت نه ڏني.

جنگ، انساني وجود جو مستقل جزو آهي ــ اهو نه ايمان سان واسطو رکي ٿو نه انڪار سان، نه جمهوريت ان کي روڪي سگهي ٿي نه آمريت، نه واپار جي عروج سان، نه زوال سان؛ ڇو ته اهو نظامن مان نه، پر انسان جي اڻ ‌مھذب فطرت مان جنم وٺي ٿو.

فلسفي طور ڏسجي ته فطرت کي تربيت سان تبديل نٿو ڪري سگهجي. تھذيب انسان کي سنواريو ضرور آهي، پر بدلائي نه سگهي آهي. جبلتون عقل کان پراڻيون آهن. هٿيار بدلجن ٿا، پر مقصد ساڳيو رهي ٿو ــ غلبو حاصل ڪرڻ. تعليم ذهن وڌايو آهي، پر ضمير کي بيدار نه ڪيو. عقل تيزي وڌائي، پر دل کي قابو ۾ نه آندو.

تاريخ جا مفڪر به انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هابز چيو ته قدرتي حالت ۾ زندگي “اڪيلائيءَ واري، غريب، ظالم ۽ مختصر” آهي. جديد تمدن به ان حالت کان پري ناهي، رڳو ان کي قانون ۽ سفارت سان لڪايو ويو آهي. فرائيڊ به چيو ته تهذيب جبلتن جي دٻاءَ تي قائم آهي، انهن جي خاتمي تي نه. سماجي امن جي سطح هيٺ جارحيت سدائين انتظار ۾ ويٺي هوندي آهي.

جديد رياست به اهڙي تضاد جو عڪس آهي. اها امن جي ڳالهه ڪري ٿي، پر ان جو بنياد منظم تشدد تي آهي. هر رياست هٿيار بڻائي ٿي، فوجون تيار ڪري ٿي، خوف پيدا ڪري ٿي ــ ڇو ته اها امن تي اعتماد نٿي ڪري. اهڙيءَ طرح بي‌اعتماديءَ مان تياري پيدا ٿئي ٿي، تياريءَ مان خوف، ۽ خوف مان جنگ.

اخلاقي طور به هيءَ المناڪ حقيقت آهي. انسان واحد مخلوق آهي جيڪا پنهنجي ظلم تي سوچڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پر پوءِ به ان کي جواز ڏئي ٿي ــ مذهب، آزادي، يا قوم جي نالي تي. ميدان بدلجن ٿا، پر رت ساڳيو وهي ٿو.

غارن کان وٺي پارليامينٽن تائين، جنگ انسان سان گڏ هلي آهي. اها هر حڪومتي صورت ۾ رچي وئي آهي ــ بادشاهت، مذهبيت، جمهوريت. اها هر نقاب ۾ ظاهر ٿي آهي ــ مذهب، نظريي، آزادي ۽ امن جي نالي ۾. تاريخ جو الميو اهو آهي ته جنگ انسان سان امن کان وڌيڪ وفادار رهي آهي.

علم کي کيس آزاد ڪرڻو هو، پر ان کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو. ٽيڪنالاجي انسان جو بار گهٽائڻ بدران سندس خوف وڌايو. سائنس کيس فطرت تي حڪمراني ڏني، پر پاڻ تي نه. عقل جي روشنيءَ دنيا کي روشن ڪيو، پر جارحيت جي ڇانوَ اڃا به قائم آهي.

حقيقت ۾ اصل جنگ قومن يا نظريائن ۾ نه، پر انسان جي اندر آهي. هن جبلن، سمنڊن ۽ ايٽم تي فتح حاصل ڪئي، پر پنهنجي تشدد تي نه. جيستائين هو پنهنجي اندر جي سلطنت کي قابو ۾ نٿو آڻي، تيستائين ڪو به فلسفو، ڪوبه نظام ۽ ڪابه تعليم کيس بچائي نه سگهندي.

جنگ سياست جو حادثو نه، پر انسان جي فطرت جو اظهار آهي. اها انسانيت جو آئينو آهي، جنهن ۾ تھذيب پنهنجو ناڪام چهرو ڏسي ٿي. جيستائين انسان طاقت جي پوڄا ڪندو ۽ امن تي شڪ ڪندو، هيءَ تڪرار جاري رهندو ــ رڳو جهنڊا بدلندا.

تاريخ دراصل عقل ۽ جنون جي وچ ۾ هڪ ڊائلاگ آهي، ۽ اڃا تائين جنون غالب آهي.

______________

ايڊووڪيٽ نور محمد مري فريلانس ليکڪ آھي ۽ اسلام آباد ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button