سارين جو اگھ گهٽائڻ خلاف وارھ ۾ سنڌي هاري تحريڪ جو مارچ
سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ست ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو. وارھ شھر ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. 4000 روپيا سارين جو مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو.
وارهه، سنڌ
پيپلز پارٽي سرڪار ۽ منافعي خور واپارين جي ڳٺ جوڙ سان سارين جا اگھ گهٽائي هارين جو معاشي قتلام ڪرڻ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن اڱاري ڏينھن ڳوٺ گل ٻرڙو کان وارهه تائين 7 ڪلوميٽر شارٽ مارچ ڪيو.
مارچ دوران سارين جو اگھ وڌائڻ، هارين آبادگارن کي بچائڻ جا نعرا ھنيا ويا. شارٽ مارچ ۾ هارين، آبادگارن سميت ڳوٺاڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئر. قافلي جو وک وک تي آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.

زرعي جنسن جي اگھن ۾ هٿرادو لاٿ خلاف گل ٻرڙو کان نڪتل احتجاجي مارچ وارهه شهر جي مختلف چونڪن، چوراهن ۽ رستن کان ٿيندو شهيد فاضل راهو چونڪ تي پهتو جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، عرفان منان، عبدالنبي بروهي، نوريز چانڊيو، غفار ميرجت، نجيب چانڊيو، خان چانڊيو، مجيب چانڊيو، پسند علي، نواب ٻرڙو، اڪبر لاشاري، لياقت ٻرڙو، فهد ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته هر فصل جي مند ۾ سنڌ جي هاري ۽ آبادگار سان ناجائزي ٿيندي پئي اچي، واپارين مارڪيٽ ۾ هڪ هٽي قائم ڪري هاري ۽ پورهيت طبقي سان ڏاڍ ۽ جبر ڪيو آهي، هٿ سان زرعي جنسن جا اگهه ڪيرائي هتان جي مسڪين هارين کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي.
هن وقت جيئن ئي ساريون مارڪيٽ ۾ پهتيون آهن ته واپارين هڪ هٽي قائم ڪري اگهه ئي ڪيرائي ڇڏيو آهي جنهن سبب سنڌ جي هارين جو استحصال پيو ٿئي. تنهن جي ڪري هي شارٽ مارچ گهر ڪري ٿو ته هاري ۽ آبادگار سان ظلم بند ڪري سارين جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ چار هزار رپيا مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت هي احتجاجي مارچ، جلسا ۽ جلوس جاري رهندا.
اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرمائيندار ۽ جاگيردار طبقو پورهيت ماڻهن کان سمورا وسيلا ۽ شيون کسڻ جي ڪوشش ۾ آهي. هن وقت ان جي اک زراعت ۾ آهي جنهن تي هو قبضي جي ڪوشش ۾ آهي پر سنڌ جا هزارين لکين هاري پنهنجي جيئاپي جي واحد وسيلن زراعت ۽ خاص ڪري پاڻي ۽ زمينن تي ٿيندڙ هر غير قانوني عمل خلاف سياسي ڍال بنجي وطن جي وارثي لئه اڳتي ايندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جڏهن سنڌ جي هارين جو ٽماٽو لهي ٿو ته ٽماٽو 5 روپيا ڪلو ٿو وڪامي پر هن وقت ٽماٽو 400 کان 600 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي جيڪو حڪومت جي هاري ۽ مزدور دشمن پاليسين جو ثبوت آهي. (پريس رليز)
____________



