Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ترقي پسند، وطن دوست، سنڌ ۽ سنڌين جو عاشق اديب ڊاڪٽر نجم عباسي

ڊاڪٽر نجم عباسيءَ ڪھاڻين سان گڏ ناول به لکيا، ڪافي پرڏيھي ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا تہ سياسي مضمون به لکيائين. سندس ڪتابن جو تعداد ٽيھارو کن آھي

پروفيسر سرور سيف          

محترم ڊاڪٽر نجم عباسي 18 آڪٽوبر 1927 ۾  خانواهڻ ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. 1953 ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم بي بي ايس پاس ڪيائين ، ھُن 1953 کان سرڪاري نوڪري شروع ڪئي پر ونج سالن کانپوءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي خانگي ڪلنڪ کوليائين. سنڌ جي ڪافي ھنڌن تي ميڊيڪل آفيسر ٿي رھيو. 1970 واري ڏھاڪي ۾ حيدرآباد اچي گاڏي کاتي ۾ پنھنجي خانگي ڪلنڪ شروع ڪيائين پر 1988ع ۾ نسلي فسادن جي ڪري سندس ڪلنڪ بند ٿي وئي.

ڊاڪٽر نجم عباسي 1944ع کان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ حياتيءَ جي آخري ڏينھن تائين لکندو رهيو. سندس پھرين ڪھاڻي 1946ع ۾ ٽماھي مھراڻ ۾ شايع ٿي جنھن جو نالو ھو ”کنڊ جي چوري“. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”طوفان جي تمنا“ 1969 ۾ شايع ٿيو جنھن تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ  ۽ سنڌيالاجي شعبي پاران کيس  انعام مليا.

نجم عباسيءَ جي مشھور ڪھاڻين ۾ تحفو، ڇُوڏو، پٿر تي ليڪو ، طوفان جي تمنا، دُعا، تاڙيون، نہ گھر جو نه گھاٽ جو، شيشي ڀڳل دليون ڳنڍجي ويون، ٻہ خبرون، ڄار، ۽ لطيفيات شاھڪار ڪھاڻيون آهن.

سندس  ڇپيل ڪتابن جو وچور ھيٺ ڏجي ٿو:

طوفان جي تمنا ، پٿر تي ليڪو ، جيڪي منھنجي من ۾ ، ناچڻي ، ايڏو سور سھي، سورج ھوندي مرجھايل، للڪار ، پيار ڪھاڻي، بلنديون ، داررون ھن ديواني جو، ڪھاڻيءَ جو قافلو ،گانڌي، تلاش، ڳاڙهو لالٽين، جي ماريا نه موت ، اڪيلا نہ آھيون، پاڻ ۾ ويٺا آهيون، منھنجون بھترين ڪھاڻيون ۽ ٻيا شامل آهن، جن جو تعداد ٽيھارو کن آھي.

ڊاڪٽر نجم عباسي معروف ليکڪ ھيو. کيس اھو بہ اعزاز حاصل آهي ته ھن ورھاڱي کان اڳ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون جھنڪري چئي سگھجي ٿو تہ ھُو  سنڌي جي بنيادي ڪھاڻيڪارن ۾ شامل آهي. ھُو اُڻويھ سئو نوي واري ڏهاڪي تائين مسلسل لکندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب ھر موضوع تي لکيو ، کيس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان بي انتھا عشق ھو. ھن ڪھاڻيءَ سان گڏ ناول به لکيا. ان کان سواءِ ڪافي پرڏيھي ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا تہ سياسي مضمون به لکيائين.

نجم عباسيءَ جون اڪثر ڪھاڻيون مڪالماتي آھن. ھن واقعات تي ڪافي لکيو. سندس لکڻين جا خاص موضوع سنڌ جا سماجي مسئلا ھئا. ھن وٽ سنڌ ۽ سنڌين لاء بي انتھا محبت ھئي، ان ڪري سندس لکڻين ۾ خاص طور تي ترقي پسندي، وطن دوستي ۽ مظلومن جي حمايت جو ڏس ملي ٿو. ڊاڪٽر نجم عباسي مٿان 1989ع ۾ فالج جو حملو ٿيو.جنهن سبب ڪلينڪ بند ڪري گھر ۾ رهڻ لڳو.هو ڇھ سال بيمار رهڻ کان پوء 25 آڪٽوبر 1995ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر نجم عباسي 25 آڪٽوبر 1995 تي وفات ڪئي. سندس آخري آر خانواهڻ ۾ آھي.

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button