پاڪستان جو پسني بندرگاهه: نيٺ ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر نڪري آئي…
برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي عسڪري قيادت، آمريڪي صدر کي ملاقات کان اڳ ئي بلوچستان جي انتهائي حساس هنڌ پسنيءَ ۾ معاشي سرگرمين لاءِ اڏي جي آڇ ڪئي ھئي
ٻنهي ملڪن جا عملدار کُلي ڪري ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن، پر ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اهڙي آڇ ڪئي ھئي. پاڪستان ٽيليويزن جي ھڪ رپورٽ موجب ھڪ سيڪيورٽي عملدار پسني بندر ڏيڻ واري آڇ جي خبرن کي غلط سڏيو آھي
الهه بخش راٺوڙ
ان کان ڪنهن کي انڪار ناهي ته نه صرف آمريڪا پاڪستان جي حساس هنڌن تي فوجي ۽ معاشي طور جاهه ۽ جلال سان رهڻ چاهي ٿو، پر ملڪ جا اصل حڪمران به چاهين ٿا ته هيءَ عالمي طاقت موجود هجي، ته جيئن پاڙيسري ملڪن کي ڊيڄاري سگهجي ۽ انهن کي اکيون ڏيکارڻ ۾ به آساني ٿئي. هي پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي ته آمريڪا، پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ رهڻ جو خواهشمند آهي، ان کان اڳ ڪيترائي ڀيرا آمريڪا کي سهولتون فراهم ڪيون ويون ھيون.
هاڻ برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي عسڪري قيادت، آمريڪي صدر کي ملاقات کان اڳ ئي بلوچستان جي انتهائي حساس هنڌ پسنيءَ ۾ معاشي سرگرمين لاءِ اڏي جي آڇ ڪئي ھئي. هيءُ معاملو توڙي جو شروعاتي مرحلي ۾ آهي، انڪري ٻنهي ملڪن جا عملدار کُلي ڪري ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن، پر ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اهڙي آڇ ڪئي ھئي. هيءُ ساڳيو پاڪستان آهي، جيڪو افغانستان ۾ بگرام ايئر بيس آمريڪا کي ڏيڻ واري معاملي تي مخالفت ڪري چڪو آهي، پر پاڻ انڪل سام جي خدمت ۾ پسني بندرگاهه جي سوکڙي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.! ٻئي پاسي ھڪ سيڪيورٽي عملدار جو حوالو ڏيندي پاڪستان ٽيليويزن خبر نشر ڪئي آھي تہ پاڪستان پسني بندر ڏين جي ڪا بہ آڇ نہ ڪئي آھي.

برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز پنهنجي اسپيشل رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته پاڪستان غير رسمي تجويز سان رابطو ڪيو آهي. اهو انڪري جو سرڪاري طور تي هيءُ معاملو بحث هيٺ نه آيو آهي. اخبار مطابق جيڪڏهن آمريڪا کي هي بندرگاهه، جيڪو انتهائي حساس جاءِ تي موجود آهي، ملي وڃي ته ان کان هو ٻٽو ڪم وٺي سگهي ٿو. هڪ طرف بلوچستان جي قدرتي وسيلن کي اتان منتقل ڪري سگهي ٿو ته ٻئي پاسي فوجي موجودگي ذريعي ڪڏهن جنگي ۽ سامونڊي مشقون ڪندو ته ڪڏهن وري پاڙيسرين تي به نظر رکندو. هي بندرگاهه ٻن ٻين بندرگاهن ۾ اهم جاءِ والاريندو. هڪ طرف آمريڪا پسني تي موجود هوندو ته ٻئي پاسي چيني نيول بيس گوادر ۾ هوندو. ٽئين پاسي وري ايران جي چاهبار بندرگاهه تي چين ۽ ڀارت موجود هوندا. ان سان گڏ بندرعباس جيڪو گڏيل عرب امارتن جو آهي، اهو به بندرگاهن جي نيٽ ورڪ جو حصو هوندو.
رپورٽ مطابق پسني ايران کان صرف 100 ۽ گوادربندرگاهه کان 70 ميلن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ اڪيلو بندر گاهه ناهي، پر هي مختلف سامونڊي بندرگاهن جي Chain آهي، جن تي آمريڪا جو اثررسوخ هوندو. هڪ سينئر آمريڪي عملدار جو چوڻ آهي ته پسنيءَ کي انهن جي حوالي ڪرڻ واري معاملي تي ٽرمپ ۽ ان جي صلاحڪارن ڪا باضابطا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي، پر هن کي افغانستان جي فوجي سهولت جو متبادل سمجهيو پيو وڃي. اخبار مطابق آمريڪا ۽ پاڪستان جي حڪمرانن ۾ تازوئي پريم جو ٻنڌڻ قائم ٿيو آهي، جنهن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٻئي ڌريون هڪٻئي کي رام ڪرڻ ۾ پوريون آهن. منصوبي مطابق پسني بندرگاهه کان نئين ريلوي لائين به وڇائي ويندي،جنهن ذريعي پاڪستان مان ڪوپر، سون ۽ ٻيا قدرتي وسيلا آمريڪا نيا ويندا. هن منصوبي تي لاڳت جو ڪاٿو هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن تائين لڳايو ويو آهي. ظاهري طور چيو ويو آهي ته هن بندرگاهه جو ڪنٽرول پاڪستان جي اختيارين وٽ هوندو، پر مختلف ڌريون، ان جي ابتڙ راءِ رکن ٿيون.
دستاويزن ۾ڄاڻايو ويو آهي ته پسني جاگرافيائي طور تي ايران ۽ وچ اوڀر تائين آمريڪي اثر رسوخ کي وڌائيندي، پاڪستان جا سڪيورٽي حلقا چون ٿا ته ان بندرگاهه کي آمريڪا حوالي ڪرڻ سان خطي ۾ توازن پيدا ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن علائقي ۾ وڏيون طاقتون اڳ ئي موجود آهن. انهن ذريعي آمريڪا جو اثررسوخ عربي سمنڊ ۽ وچ اوڀر تائين وڌندو. ٽرمپ انتظاميا به اهو ئي چاهي ٿي. ان منصوبي جي حوالي سان چين جو ڪهڙو ردعمل هوندو، اهو پڻ انتهائي اهميت لائق هوندو. پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ جي چيئرمين حسين عابديءَ جو چوڻ آهي ته اِھا آمريڪا سان اسان جي لاڳاپن جي نئين شروعات آهي. هن ڀيري فوجي نه پر معاشي بنيادن تي لاڳاپا قائم ڪيا پيا وڃن،جيڪي وڌيڪ پائيدار هوندا.
پسني ساڳيو علائقو آهي جتي پاڪستان آمريڪا کي فوجي سهولتون فراهم ڪري چڪو آهي، ان جو موقف رهيو آھي ته هو روس کي پاڪستان تائين پهچڻ کي روڪيندا، خاص ڪري ڪميونسٽ روس کي،پر هاڻ معاملا تبديل ٿي ويا آهن.
1950 کان 1981 جو سرد جنگ وارو دور
ان دور ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تمام گهڻا ويجها هئا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان SEATO ۽ CENTO جهڙن اولهه جي فوجي اتحادن جو حصو هو۔
بلوچستان جي سامونڊي پٽي، خاص طور پسني، جيوڻي ۽ اورماڙا جا علائقا آمريڪي فوجي نگراني لاءِ استعمال ٿيندا هئا۔
جيوڻي (Jiwani) ۾ آمريڪي نيوي جي هڪ سگنل مانيٽرنگ اسٽيشن ڪجهه وقت لاءِ موجود رهي، جنهن جو مقصد سوويت نيوي جي چرپر تي نظر رکڻ هو۔
پسني ۽ گوادر ٻنهي کي فوجي لحاظ کان اهم سمجهيو ويندو هو، گوادر 1958ع تائين اومان جي قبضي هيٺ هو۔
1980کان 2001ع تائين: افغان جنگ جو زمانو
جڏهن1979 ۾ سوويت يونين افغانستان ۾ ثور انقلاب آندو، تڏهن بلوچستان جي هوائي ۽ سامونڊي علائقن کي سي آءِ اي ۽ آمريڪي فضائيه طرفان مددگار مشنن لاءِ استعمال ڪيو ويو۔
شمسي ايئربيس (ضلع واشڪ) ۽ پسني ايئرفيلڊ جي وچ ۾ لاجسٽڪ ۽ رابطي جو نظام جوڙيو ويو۔
آمريڪا فوجي رسد لاءِ مڪران سامونڊي علائقي کان نوشڪي ۽ قلات تائين استعمال ڪيا، جن ذريعي افغان ويڙهاڪن کي هٿيار ۽ سامان پهچايو ويندو هو۔هي اهي هٿيار هئا، جيڪي پاڪستان، خاص ڪري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي پهتا، هيروئن به انهن ڏينهن ۾ متعارف ڪرائي وئي، جنهن جي اسان کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي ۽ هينئر به دهشتگردي جي جهڙي لعنت کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
2001ع کان 2011ع تائين: نائين اليون کان پوءِ جو دور
نائن اليون جي واقعن کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا جا ڪيترائي اڏا آمريڪا استعمال ڪيا.
شمسي ايئربيس: ڊرون آپريشن لاءِ استعمال ڪيو ويو.
پنجگور، تربت ۽ پسني جي ڀرپاسي واريون هوائي پٽيون لاجسٽڪ ۽ refueling لاءِ محدود وقت تائين استعمال ٿيون۔
پسني۾ باضابطه آمريڪي اڏو نه رهيو، پر آمريڪي نيوي جا جهاز عربي سمنڊ ۾ گشت ڪندي ڪڏهن ڪڏهن هتان جي سامونڊي علائقن ۾ سهولتون حاصل ڪندا هئا.
وڪي ليڪس مطابق 2009ع ۾ آمريڪي نيوي پاڪستان کان عارضي طور پسنيءَ ويجهو ميري ٽائيم جي اجازت گهري هئي، پر ان بابت ڪو رسمي معاهدو نه ٿيو۔
انهن ئي ڏينهن ۾ جيڪب آباد ۾ شهباز ايئر بيس به آمريڪا کي استمال ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو.
2011ع کان پوءِ: پسني جو خاموش فوجي دور
شمسي ايئربيس بند ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان آمريڪي فوجي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي۔
ان کان پوءِ مڪران جي سامونڊي پٽي تي آمريڪي يا نيٽو جي سڌي مداخلت نه هئي.
آمريڪي نيوي جا جاسوسي جهاز هيل تائين عربي سمنڊ جي بين الاقوامي علائقن مان نگراني ڪندا رهيا آهن، جتي پسني،گوادر،چابهار جو سامونڊي علائقو پڻ اچي ٿو۔
موجودهه حالتون
جيڪڏهن موجودهه پسني پورٽ منصوبي ۾ آمريڪا جو سيڙپڪاري وارو ڪردار وڌي ٿو، ته ممڪن آهي واشنگٽن ٻيهر دفاعي لحاظ سان سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي جيئن maritime logistics base يا joint training center قائم ڪري سگهجن. هاڻ اهو نتيجو ڪڍڻ آسان آهي ته عوام جي نظرن کان اوجهل آمريڪا کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو هي سلسلو جاري آهي…
________________

الھ بخش راٺوڙ سنڌ جو سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو