Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوِندر

ڪراچيءَ ۾ قومي رانديون 6 ڊسمبر کان ٿينديون، 9000 رانديگر شريڪ ٿيندا

32 قومي رانديون شھر جي 23 مختلف ھنڌن تي 13 ڊسمبر تائين ھلنديون. اففتاحي ۽ پُڄاڻيءَ واريون تقريبون نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿينديون. راندين جي ڏينهن دوران شهر ۾ ثقافتي پروگرام ڪوٺايا ويندا

سنڌ قومي راندين جي ميزبانيءَ تي 500 ملين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪندي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه هڪ اجلاس ۾ 35 هين قومي راندين جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو.

ڪراچي

سنڌ حڪومت 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ ٿيندڙ 35 هين نيشنل گيمز ڪرائڻ لاءِ انتظامن کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. انھن راندين ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان 9 هزار رانديگرن جي شرڪت جي اميد آهي.

ان سلسلي ۾ اڄ سومر ڏينھن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت ۾ هڪ اعلي سطحي اجلاس ٿيو جنھن ۾ ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، سيڪريٽري اسپورٽس منور مهيسر، احمد علي راجپوت، سيڪريٽري جنرل سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن، نائب صدر سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن ثنا علي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راندين جي انتظامن جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتو ويو، جن ۾ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، ثقافتي سرگرميون ۽ پبلسٽي تياريون شامل آهن.

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته نيشنل گيمز شهر جي 23 مختلف هنڌن تي ڪرايون وينديون، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان 9000 کان وڌيڪ رانديگر 32 راندين ۾ حصو وٺندا. افتتاحي ۽ پڄاڻيءَ واريون تقريبون نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ ٿينديون.

چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 35 هين نيشنل گيمز هڪ تاريخي تقريب ثابت ٿيندي. هن سيڪريٽري اسپورٽس ۽ سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن کي هدايت ڪئي ته تقريب کي وڌيڪ پرڪشش ۽ شاندار بڻائڻ لاءِ اجتماعي جمناسٽڪ شوز کي تقريب ۾ شامل ڪيو وڃي. ان سان گڏ، هن ثقافت کاتي کي هدايت ڪئي ته راندين جي ڏينهن دوران شهر ۾ ثقافتي سرگرميون منعقد ڪيون وڃن ته جيئن رانديگرن، مهمانن ۽ شهرين کي ڪراچيءَ جي مهمان نوازي ۽ ثقافت کان آگاهه ڪري سگهجي.

چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته نيشنل گيمز لاءِ خاص شاهراهن ۽ اهم هنڌن تي روشني، برانڊنگ ۽ اشتهاري مهم ھلائي وڃي، جنهن لاءِ هن ڪمشنر ڪراچي ۽ ميونسپل ڪمشنر کي خاص هدايتون جاري ڪيون.

اجلاس ۾ سيڪيورٽي تي به تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ چيف سيڪريٽري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته رانديگرن، آفيسرن ۽ مهمانن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائين ۽ سڀني هنڌن تي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن.

چيف سيڪريٽريءَ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هن تقريب لاءِ 500 ملين رپيا مختص ڪيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ فنڊ فراهم ڪيا ويندا ته جيئن عالمي معيار مطابق انتظام ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته اهي رانديون نوجوانن ۾ هڪ صحتمند راندين جي ثقافت کي فروغ ڏينديون، قومي يڪجهتي کي مضبوط ڪنديون ۽ ڪراچي کي نه رڳو ملڪ جي راندين جي گادي جي حيثيت سان پر ثقافتي ۽ تفريحي سرگرمين جو مرڪز پڻ ثابت ڪنديون. (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button