Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جاڳو جاڙيجا: ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ خلاف سنڌ جو مزاحمتي ڪردار ٻيهر زنده ٿيڻ گهرجي

ظلم کي خاموشيءَ سان ئي طاقت ملندي آهي. جيترو اسان ماڻهو پوئتي هٽنداسين، اوترو ئي با اثر قوتون وڌيڪ مضبوط ٿينديون.

جيستائين اسان کي اهو احساس ٻيهر نه ٿيندو ته ڪنهن هڪ نياڻي، ڪنهن هڪ هاري يا ڪنهن هڪ غريب خاندان تي ٿيندڙ ظلم اصل ۾ اسان سڀني لاءِ هڪ گڏيل زخم آهي، تيستائين ڪجھ بہ ممڪن ناهي.

آصف خاصخيلي

سنڌ ۾ هميشه کان مزاحمتي ڪردار رھيا آھن، جيڪي ظلم، ڏاڍ، جبر، پرماريت ۽ تشدد خلاف آواز اٿاريندا رهيا آھن. سچ پڇو تہ مون لاءِ حيرت جي ڳالھ آھي تہ اهي ڪردار وڏن محلن ۾ رھندڙ ماڻھو نہ ھئا، پر انھن ۾گھڻو تعداد ڳوٺن ۽ ٻھراڙين سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو آھي، جيڪي ظلم خلاف اُٿيا ۽ پنهنجي همت ۽ انصاف جي جذبي سبب غير معمولي بڻجي ويا. انهن وٽ ڪا ٻي طاقت يا دولت نہ ھئي پر انھن جي طاقت، انھن جي سچائي ھئي، انھن جا جذبہ ھئا، عام ماڻھن جو پيار ھو. انھن جي اخلاقي جرئت ۽ گڏيل ذميوارين جو احساس ئي سندن حقيقي طاقت هئي.

سنڌ جي ھڪ انتھائي اھم خاصيت ھاڻ ھر گذرندڙ ڏينھن سان گھٽبي پئي وڃي. اڳي ايئن ٿيندو ھو تہ سنڌ جي ڳوٺن جون نياڻيون سڀني جون نياڻيون سمجهيون وينديون هيون، جيڪڏهن ڪنهن ھڪ نياڻيءَ سان زيادتي يا نا انصافي ٿيندي هئي ته سڄو ڳوٺ بنا ذات پات يا طبقي جي فرق جي ان خاندان سان گڏ بيهندو هو. اهو اجتمائي ۽ گڏيل ڪوششن وارو رويو اهڙو تہ مضبوط هٿيار هو، جو اثر رسوخ رکندڙ ماڻھوءَ لاءِ ڪنهن گھر جي عزت ۽ آبرو کي لتاڙڻ آسان نه هوندو هو. ڳوٺاڻن جي اها گڏيل غيرت ۽ همدردي ڪمزور کي تحفظ ڏيندي هئي.

مزاحمتي ڪردار ڪو هڪ فرد نه پر اسان جي معاشري يا سماج جي هڪ روحاني طاقت هئي. ڪڏهن ڪو هاري، ڪو مزدور، ڪو عام ڳوٺاڻو مزاحمتي ڪردار ٿي اُڀرندو ھو ۽ پنهنجي عزتن تان قربان ٿي ويندو ھو پر ظلم خلاف ضرور اٿي بيھندو ھو. ڪڏهن ڪا ماءُ هوندي هئي، جيڪا پنهنجي ننگن لاءِ سچائي سان بيهندي هئي، ڪا نياڻي پنھجي مائٽن لاءِ اُٿي کڙي ٿي ظلم سان مھاڏو اٽڪائيندي ھئي. اڃ بہ سوشل ميڊيا تي اھڙيون نياڻيون ڏسون ٿا جيڪي پنھنجي ارادن ۾ اٽل ۽ جبر سان جنگ جوٽي ويٺيون آھن. ڪڏهن ڪو استاد هوندو ھو، جيڪو نوجوانن کي حقن جو درس ڏئي اھو ياد ڏياريندو ھو تہ ھي مسئلو ڪنھن ھڪ جو نہ پر اسان سڀني جو آھي. يا ڪڏهن ڪو پيرسن ظالمن جي آڏو بيهي رھندو ھو. سنڌ جا اهي سڀئي ڪردار صبر، قرباني ۽ گڏيل مزاحمت جي علامتون رھيا آھن.

اڄ تمام گھڻي تڪليف محسوس ٿئي ٿي جو سنڌ جو اهو روح آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهيو آهي. ساڳيا سنڌي، ساڳيا اسين، ساڳيا ڳوٺ، جيڪي ڪڏهن هر گھر جي حفاظت لاءِ گڏ ٿيندا هئاسين، هاڻي پنهنجي ئي ذات ۽ ڪٽنب جي مظلومن لاءِ به آواز نٿا اٿاريون. بااثر ماڻهن جي ظلم هيٺ ايندڙ خاندان اڪيلا ٿي ويا آهن. اسان جو عورتون ۽ نياڻيون حراسان ٿين پيون، ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿي رهيون آهن، پر اسان خاموش آھيون، اسان کي افسوس تہ ان ڳالھ تي بہ آھي تہ اسان لاءِ مثالي ڪردار بڻيل بہ ھاڻ ماٺ ۾ آھن. ايئن اسان متاثر خاندانن، فردن خاص طور تي نياڻين کي بي سهارو ڇڏي ڏنو آهي. غريب ۽ بي وس خاندان نئين نسل جي بااثرن جي هٿان بار بار نشانو بڻجي رهيا آهن، ۽ ڪو به کين بچائڻ لاءِ اڳتي نٿو اچي.

مونکي لڳي ٿو تہ اڄ جي ھيءَ صورتحال اخلاقي جرئتمندي جي بحران جي نشاني آهي. انصاف جي لاءِ گڏيل جدوجھد پنھنجا آخري پساھ کڻي رھي آھي. ھڪ زمانو ھو جڏھن پاڙيسري هڪ ٻئي لاءِ جان ڏيندا ھئا، پر هاڻي اھو چيو وڃي ٿو تہ هي اسان جو مسئلو يا معاملو ناهي. اسان کي سمجھڻو پوندو تہ اھا باھ ڪنھن ھڪ گھر کي ناھي لڳي پر اتان کان پکڙجڻ جو عمل شروع ٿيو آھي جنھن ۾ ھڪ گھر کان ٻئي گھر ۽ وڌي اسان جي ڳوٺڻ جي سڙي وڃڻ جا امڪان آھن. اهڙي خاموشي يا خوف جي لھر حقيقت ۾ ظالمن کي ھٿي ورٺرائڻ آھي، جنھن ۾ اسان سڌي يا اڻسڌي طرح خود ذميوار آھيون.

شايد مزاحمتي ڪردار اڄ به زنده آھن. پر ھاڻ اھو مزاحمتي ڪردار ڪنڊ ۾ ڌَڪيَل ان ماءُ جي ڏَڪيَل آواز ۾ آهي، جيڪا پنهنجي ڌيءَ لاءِ انصاف ڪنھن کان گهري نہ ٿي سگھي. اھو مزاحمتي ڪردار ان نياڻيءَ جي بيوسي ۾ بہ آھي جنھن کي جرئت ڪرڻي پوندي، جنھن سان اھو ظلم ٿيو آھي. جيڪڏھن اھا خاموش رھي تہ اھا ناانصافي ان جي ڀيڻ، سئوٽ، ماسات، پاڙيواري نياڻي يا ڪنھن سھيلي سان بہ ٿيندي. مزاحمتي ڪردار تہ اھي نياڻيون بہ رھيون آھن جن ڌمڪين ھوندي بہ اسڪول وڃڻ بند نہ ڪيو. مزاحمتي ڪردار اڄ جو اهو نوجوان بہ آهي، جيڪو ٿورو ٿڪو ئي سھي پر جبر ۽ ظلم خلاف ڳالهائي ٿو. پر افسوس ان ڳالھ جو آھي تہ ھاڻ اھي آواز اڪيلائيءَ ۾ آهن، ۽ جڏهن انھن کي اسان جي سماج جي متحرڪ ڪردارن، ساڃاھوندن جو ساٿ نہ مليو، ته شايد انهن جي مزاحمت گهڻو وقت قائم نہ رهي سگھي.

سنڌ جي تاريخ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته سنڌ ڌرتي هميشه همت ۽ مزاحمت کي عزت ڏني آهي. لوڪ ڪهاڻيون، شاعري ۽ روايتون انهن عورتن ۽ سورمين جو ذڪر ڪن ٿيون، جيڪي ڌرتيءَ جون ڌيئرون سڏبيون هيون. انهن مردن ۽ نوجوانن جي ڳالھ ڪن ٿيون، جيڪي پنهنجي جان خطري ۾ وجھي بہ ڪمزور طبقي يا فردن جي حفاظت ڪندا هئا. اهو ورثو اسان کي سيکاري ٿو ته اصل عزت ۽ اسان جي بقا خاموشي ۾ نه پر ظلم خلاف بيهڻ ۾ آهي.

اڄ ڏسون ٿا تہ خاندان برداري نہ پر بس گھراڻو پاڻ تائين محدود رھجي ويو آھي. مائٽ ۽ عزيز پنهنجن کي به ساٿ نٿا ڏين. بس ايئن اسان خوف سبب ٽُڪرن ۾ ورهائجي رھيا آھيون. نتيجي ۾ ناانصافي وڌي رهي آهي، ڇو ته ظلم کي خاموشي سان ئي طاقت ملندي آهي. جيترو اسان ماڻهو پوئتي هٽنداسين، اوترو ئي با اثر قوتون وڌيڪ مضبوط ٿينديون. جيستائين اسان کي اهو احساس ٻيهر نه ٿيندو ته ڪنهن هڪ نياڻي، ڪنهن هڪ هاري يا ڪنهن هڪ غريب خاندان تي ٿيندڙ ظلم اصل ۾ اسان سڀني لاءِ هڪ گڏيل زخم آهي، تيستائين ڪجھ بہ ممڪن ناهي. گڏيل همت کي جاڳائڻ جو مطلب اهو آهي ته ٻيهر اهو خيال زنده ڪجي ته هر ڳوٺ جي نياڻي اسان سڀني جي نياڻي آهي، هر غريب اسان سڀني جو ڀاءُ آهي، ۽ انھن تي ٿيندڙ هر ظلم اسان سڀني جي تذليل آهي.

جيڪڏهن اڃان بہ خاموشي جاري رهي، ته ايندڙ نسل اهو سمجهندو ته ظلم فطري آهي ۽ مزاحمت بيوقوفي آهي. پر جيڪڏهن اسان پنهنجي ورثي، مزاحمتي ڪردارن جي يادگيرين ۽ انھن مثالي ڪردارن مان لاڀ حاصل ڪري گڏ بيھنداسين تہ ھر ڪمزور طاقتور ٿي ويندو، اھو دولت، پيسي ۽ اڪيلائي سان نہ پر اتحاد سان ئي ممڪن آھي، احساس سان ئي ممڪن آھي تہ اھو احساس تہ اھو ظلم ڪنھن ٻئي سان نہ پر مون سان ٿيو آھي، ھي وقت آھي تہ وڃائجي ويل مزاحمتي ڪردارن. کي ڳولجي ۽ ماٺ کي مات ڏئي ھڪ آواز ٿي وڌندڙ ناانصافين خلاف بيھي رھجي.

اسان جو اھو مزاحمتي ڪردار ٻيهر زنده ٿيڻ گهرجي، اڪيلو نه پر گڏيل آواز طور اسان سڀني کي بيھڻو پوندو. تڏهن ئي اسان جون نياڻيون آزاديءَ سان هلنديون، غريب عزت سان جيئندا، ۽ انصاف ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجو اصل مقام ٻيهر حاصل ڪندو.

_______________

آصف خاصخيلي سنڌ جي شھر ھالا ويجھو ھڪ ڳوٺ جو آھي ۽ سماجي مسئلن تي لکندو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button