Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ھٿرادو ذھانت آڌار ڀٽائيءَ جا بيت دنيا جي 230 وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿي ويا

ڀٽائي پيڊيا تي اڃا ڪم ھلي رھيو آھي، ان کي مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهہ وقت لڳندو. اڃا گهڻو ڪم رھيل آھي، عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ

حيدرآباد

 سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ قائم ڪيل سنڌ جي ثقافت کاتي جي اداري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ حيدرآباد موجب ھٿرادو ذھانت آڌار شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت دنيا جي 230 وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿي ويا آھن.

ڀٽائي پيڊيا جي ڪا ائپليڪيشن ٺاھڻ جي حوالي سان تجويزن تي جاري ڪيل ھڪ پڌرائيءَ ۾ اھا ڄاڻ ڏني وئي آھي.

انسٽيٽيوٽ پنھنجي پڌرائيءَ ۾ چيو تہ ڀٽائي پيڊيا تي اڃا ڪم ھلي رھيو آھي، ان کي مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهہ وقت لڳندو. ھن وقت مصنوعي ذھانت آڌار شاھ سائين جي بيتن کي دنيا جي 230 وڏين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آھي، پر اڃا گهڻو ڪم رھيل آھي، جيڪو ڏينھن رات وڏي محنت سان ھلي رھيو آھي.

”اسان کي ڪافي ھنڌن تي انيڪ مانوارن چيو آھي تہ ڀٽائي پيڊيا جي ڪا ائپليڪيشن ٺاھيو. ان سلسلي ۾ ھڪ وضاحت ڏيڻ ضروري آھي تہ ڀٽائي پيڊيا ھڪ تحقيقي پورٽل آھي، جتان مصنوعي ذھانت جا مختلف ماڊل (جن ۾ چيٽ جي پي ٽيءَ کان ويندي ھارورڊ يونيورسٽيءَ جي ڊيٽاورس تائين) سنڌي ٻوليءَ جي ڊيٽا تہ کڻي پنھنجي سرشتن ۾ داخل ڪن ٿا پر ان سان گڏ پوري دنيا جا مختلف محقق ڊيٽا کڻي پنھنجي تحقيقي ڪمن ۾ حوالن سميت پڻ رکن ٿا. ھن وقت تائين سڄي دنيا ۾ پورٽل جون لنڪون حوالي طور تہ ڏئي سگهبيون آھن پر ڪنھن ائپليڪيشن  جو حوالو خاص ڪري تحقيقي ڪمن ۾ ڏيڻ اڃا قبول ناھي ٿيندو. “

پڌرائيءَ موجب ڀٽائي پيڊيا تي بيتن، محاورن، ٻولن سان گڏ اندر ڀاڱن (سيڪشنن) وري انهن ڀاڱن جي ننڍڙن ڀاڱن (سب سيڪشنن)، تحقيقي لکڻين کي ملائي لڳ ڀڳ ھڪ لک ستاويھ ھزار کن صفحا ڀٽائي پيڊيا ۾ موجود آھن، ھاڻي ھي سڀ صفحا جن ۾ وير ڪافي آڊيو وڊيوز پڻ لڳل آھن اھي ھڪ ائپليڪيشن  ۾ آڻڻ اڃا مناسب ناھي.

ھڪ اھم وضاحت ڪندي چيو ويو تہ اوھان ڏٺو ھوندو تہ جيڪڏھن اوھان چيٽ جي پي ٽي يا گروڪ يا جيمنيءَ کان سنڌيءَ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ڪو سوال ڪيو ھوندو تہ اھي ماڊل تمام وڏي پئماني تي جتان ڊيٽا کڻي اوھان کي ٻڌائيندا آھن تہ انهن جو وڏو ذريعو ڀٽائي پيڊيا ئي آھي، اھو انڪري بہ تہ ڀٽائي پيڊيا نہ رڳو ”سرچ انجڻين“ لاءِ سولي ٺهيل آھي پر ھاڻي جديد سرشتن جھڙوڪ مشيني جوابن ڏيڻ (Answer Engine Optimization) جي پروگرامنگ سان تيار ڪيل آھي. ان سان گڏ انهن دوستن جيڪي ائپليڪيشنن لاءِ چوندا آھن تن جي لاءِ ڀٽائي پيڊيا پورٽل تي جديد پروگرامنگ آڌار (Progressive Web App PWA) تي بہ جوڙي اھڙي نموني سان ويب پورٽل جي جوڙجڪ ڪئي وئي آھي جو اوھان ھاڻي ان کي پنھنجي اينڊرائيڊ موبائلن تي پڻ ڊائون لوڊ ڪري ھلائي سگهو ٿا. ”بس ھڪ ڳالهہ ياد رھي تہ ھيءَ ائپليڪيشن  لکين صفحن جي ڊيٽا کي اوھان تائين پھچائڻ لاءِ آن لائين ئي ڪم ڪندي.“

ھاڻي اوھان ھن ائپ کي ڪيئن انسٽال ڪري سگهندئو؟ ان جي لاءِ ڏاڪي وار اوھان کي ھينئن ڪرڻو پوندو جو:

1. سڀ کان پھريون اوھان ڀٽائي پيڊيا کي پنھنجي موبائلن جي ڪروم برائوزر تي کوليندئو. لنڪ ھيءَ آھي: https://bhittaipedia.org

2. برائوزر جي ساڄي پاسي مٿي ڪنڊ وٽ اوھان کي ٽي ٽٻڪا ملندا اوھان انهن تي چيچ رکندئو تہ اوھان کي برائوزر جي سيٽنگ سان گڏ ان جا اھم فيچر نظر ايندا.

3. ھاڻي انهن فيچرن ۾ ھيٺ ڏسندا تہ اوھان کي (Add to Home Screen) جو فيچر ملي ويندو، ان مٿان چيچ رکندا.

4. ھاڻي اوھان کي ڀٽائي پيڊيا جي انسٽال ڪرڻ جي اجازت ورتي ويندي ۽ اوھان بس (Install) ڪري ڇڏيندا.

1. انسٽال ٿيڻ کان پوءِ اوھان پنھنجي موبائل جي ائپليڪيشنن واري سيڪشن ۾ ڏسندا تہ ڀٽائي پيڊيا انسٽال ٿي چڪي ھوندي.

ھن پروگرامنگ کان پوءِ اوھان لاءِ روزبروز ان کي اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت ئي نہ پوندي، ڀٽائي پيڊيا اوھان کي نئين بڻي حالت ۾ ھر دم ميسر ٿي ويندي.

(پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button