ڪراچيءَ جي ايمپريس مارڪيٽ کي جنگِ آزاديءَ جي شھيدن جو نالو ڏيڻ جي گھُر
درسي ڪتابن ۾ ٻارن کي نسورو ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ پڙھائي وڃي ٿي جيڪا لساني, نسلي, مذھبي ۽ صنفي تفريق ۽ نفرتن کي وڌائي ٿي
انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي پاران 1857ء جي جنگ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار ۽ آزادي مشاعري ۾ اديبن ۽ شاعرن جي گھُر
ڪراچي
سنڌ جي اديبن, دانشورن ۽ شاعرن ڪراچيءَ ۾ ايمپريس مارڪيٽ جو نالو بدلائي “شھداءِ ڪراچي مارڪيٽ” رکڻ جي گھُر ڪندي چيو آھي ته درسي ڪتابن ۾ ٻارن ۽ نوجوانن کي نسورو ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ پڙھائي وڃي ٿي جيڪا لساني, نسلي, مذھبي ۽ صنفي تفريق ۽ نفرتن کي وڌائي ٿي, ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته درسي ڪتابن کي درست ڪيو وڃي ته جيئن محبت ۽ ڀائيچارو وڌي ۽ انساني قدر پروان چڙھن ـ

ھُنن اھڙو اظھار گذريل ڏينھن انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي پاران 1857ء جي جنگ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو جي موضوع تي ڪوٺايل “سيمينار ۽ آزادي مشاعري” ۾ ڪيو جيڪو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ڪراچيءَ جي سھڪار سان شمشيرالحيدري ھال ۾ ٿيوـ
سيمينار جي صدارت انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو ڪئي، جڏھن تہ مُک مھمان ڊاڪٽر جمال نقوي ۽ جاويد شيخ، پروفيسر زيد پيرزادي, لطيف راولاڻي، ڪرم علي شاھ ڪرم، سيد محمد رضا شاه, نعيم شيخ, لياقت عباسي ۽ ٻين تقريرون ڪيون ـ
اديبن چيو ته 1857ء جي جنگ آزاديءَ ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ به بغاوت جا جھنڊا بلند ٿيا، خاص طور تي ڪراچيءَ جي فوجي ڇانوڻي ۾ سپاهين بغاوت ڪئي، جيڪي گرفتار ٿيا، تِن کي مختلف سزائون ڏنيون ويون. رام دين پانڊي, سوراج بالي تيواڙي ۽ سندس لياريءَ واسي ساٿين الھداد بلوچ, جماعت علي بلوچ ۽ ٻين کي توبن سان ٻڌي گولن جا فائر ڪري اڏايو ويو ۽ ٻين کي ڪاري پاڻيءَ موڪليو ويوـ
انھي موقعي تي مشاعرو پڻ ٿيو جنھن جي صدارت پروفيسر مشتاق مھر ڪئي. مختلف شاعرن پنھنجون تخليقون پيش ڪيون. مشھور شاعرن شھيدن جي ياد ۾ شاعري پيش ڪري کين ڀيٽا ڏني ـ شاعرن ۾ پروفيسر مشتاق مھر، ڊاڪٽر جمال نقوي، اظھر ٻانڀڻ، روبينہ تحسين بينا، ڪشور عديل جعفري، ساجده چنه، اصغر باغي، نصير سومرو، طفيل شيخ، ڪرم علي شاھ ڪرم، لياقت عباسي، غلام حيدر مھر، ايوب شان خاصخيلي، محمد رضا شاھ، جاويد شيخ، زيد پيرزادو، ارحم ملڪ، وقار زيدي، فرح ديبا، ساڀيان سانگي، رانا روشان، ضيا زيدي، سيد شائق شھاب، افضل ھزاروي، دلشاد خيال، وحيد محسن، وليم صادق، اسماعيل سومرو، منصور کوکر، اقبال ڏھراج ۽ ٻيا شامل ھئاـ
تقريب ۾ عبدالغفور کتري, اسماعيل سومرو, الياس حسيني, قادر اعظم, ڪامريڊ گل ناز منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ـ (پريس رليز)
______________