Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ ۾ بيروزگاري سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلا پيدا ڪري رھي آھي

جڏهن نوجوان روزگار کان محروم ٿين ٿا ۽ ڪو ڪم يا مصروفيت نه هجي ته ان جا نتيجا رڳو ذاتي نه پر پوري سماج لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿين ٿا.

پاڻ وٽ تعليم جو نظام مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ  ناھي. سياست ۽ سفارش جي بنياد تي نوڪرين جي ورهاست به هڪ سبب آهي. ان سان گڏوگڏ صنعتي ترقيءَ ۾ گهٽتائي جي ڪري به بيروزگاري وڌي ٿي

عبدالله عثمان مورائي

انساني سماج جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جو سڀ کان وڏو سهارو محنت، ڪم ۽ روزگار آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي صلاحيتن ۽ قوتن کي روزگار ذريعي عملي جامو پارائين ٿا، تڏهن نه رڳو پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي بهتر ڪن ٿا پر سماج ۽ ملڪ جي معيشيت ۾ به حصو ڏين ٿا. دنيا ۾ هر قوم پنهنجي نوجوان نسل کي پنهنجو سڀ کان وڏو سرمايو سمجهي ٿي، ڇاڪاڻ ته قومن جي تعمير جو بنياد انهن جي هٿن ۽ دماغن ۾ لڪل آهي. نوجوان نسل لاءِ روزگار انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ⁠ته  اهي نوجوان قومن جا ايندڙ معمار آهن، جيڪي پنهنجي توانائي، نون خيالن ۽ جوش سان دنيا کي اڳتي وٺي وڃن ٿا.

پر نوجوانن جو اهو سرمايو تڏهن ئي ڪم اچي سگهي ٿو جڏهن ان کي مناسب رستي ۽ ڪم سان جوڙيو وڃي. نوجوانن لاءِ روزگار يا نوڪري صرف آمدني جو ذريعو ناهي، پر اها سندن ذاتي، سماجي ۽ قومي زندگيءَ جي ترقيءَ جو اهم حصو آهي. جيڪڏهن نوجوانن کي سندن صلاحيتن مطابق روزگار نه ملي، ته اهو نه رڳو هڪ فرد جو نقصان آهي، پر پوري قوم لاءِ ان جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا تمام تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ان مسئلي کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ وڌيڪ ضروري بڻجي ويو آهي.

نوجوانن لاءِ روزگار ڇو ضروري آهي؟

نوجوان زندگيءَ جي اهڙي مرحلي تي هوندا آهن جتي اهي نون رستن تي هلڻ جا خواهشمند، خواب ڏسڻندڙ ۽ انهن خوابن کي حقيقت بڻائڻ جي ڳولا ۾ هوندا آهن. پر خواب تڏهن ئي حقيقت ۾ بدلجن ٿا جڏهن سندن هٿ ۾ روزگار جي چابي هجي.

نوجوانن لاءِ روزگار ڪيترن ئي سببن جي ڪري انتهائي اهم آهي. هڪ نوڪري صرف پئسا ڪمائڻ جو وسيلو نه آهي، پر اها نوجوانن کي خود اعتمادي، عزت نفس ۽ زندگيءَ ۾ هڪ مقصد جو احساس ڏياري ٿي. جڏهن هڪ نوجوان تعليم حاصل ڪري يا ڪا مهارت سکي ٿو ته ان کي روزگار ملڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته سندس ڪيل محنت بيڪار نه وئي آهي. هڪ ڪامياب نوڪري هن کي سماج جو هڪ سرگرم, فعال ۽ باوقار ميمبر بڻائي ٿي.

روزگار نوجوانن کي مالي طور تي آزاد بڻائي ٿو، جنهن سان اهي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ضرورتن ۽ خواهشن کي پورو ڪري سگهن ٿا. اها مالي آزادي انهن کي پنهنجن فيصلن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي ۽ هو ڪنهن تي به ڀاڙڻ بدران پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ٿا.

جڏهن نوجوانن کي روزگار ملي ٿو ته اهي سماج ۾ مثبت ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي حڪومت کي ٽيڪس ڏين ٿا ۽ مارڪيٽ ۾ خريداري ڪري اقتصاد کي وڌائين ٿا. روزگار سان گڏ، انهن جو سماج سان رشتو مضبوط ٿئي ٿو ۽ هو ملڪ جي ترقيءَ ۾ سڌو حصو وٺن ٿا.

 نوڪري هڪ نوجوان کي باقاعده روٽين ۽ هڪ مقصد فراهم ڪري ٿي. اهو مقصد مايوسي ۽ نااميدي کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. جيڪي نوجوان روزگار سان آهن اهي گهٽ ذهني دٻاءُ (stress) ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪندي روزانو ڪجهه حاصل ڪن ٿا.

نوجوان بيروزگار ڇو ٿين ٿا؟

پاڻ وٽ تعليم جو نظام مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ  ناھي. سياست ۽ سفارش جي بنياد تي نوڪرين جي ورهاست به هڪ سبب آهي. ان سان گڏوگڏ صنعتي ترقيءَ ۾ گهٽتائي جي ڪري به بيروزگاري وڌي ٿي. آباديءَ جو تمام گهڻي ۽ ايڏي وڏي تيزيء سان وڌڻ ۽ حڪومتن جي غير لاڳاپيل پاليسين جي ڪري به اهو مسئلو وڌي ٿو.

بيروزگاريءَ جا خطرناڪ نتيجا

جڏهن نوجوان روزگار کان محروم ٿين ٿا ۽ ڪو ڪم يا مصروفيت نه هجي ته ان جا نتيجا رڳو ذاتي نه پر پوري سماج لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿين ٿا.

ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ بيروزگاري سبب نوجوان مايوس ٿي ويندا آهن. بيروزگاري نوجوانن ۾ هڪ گهري نااميدي ۽ پنهنجو پاڻ کان مايوسي پيدا ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي قابليت باوجود موقعا نه ملڻ جو ڏک محسوس ڪن ٿا. هنن کي محسوس ٿئي ٿو ته انهن جي تعليم ۽ محنت بيڪار وئي آهي، جنهن جي ڪري اهي ڊپريشن، بيچيني ۽ سماج  کان الڳ ٿيڻ جو شڪار ٿين ٿا. اهي اڪثر ڪري پنهنجي دوستن ۽ گهر وارن کان پري رهڻ شروع ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي نه سگهندا آهن. 

هڪ وڏي تعداد ۾ بيروزگار نوجوانن جو هجڻ سماج لاءِ هڪ مسئلو بڻجي وڃي ٿو. بيڪار ويٺل نوجوان اڪثر ڪري ڏوهاري سرگرمين، نشي جي واپرائڻ ۽ جهيڙن ۾ شامل ٿين ٿا. اهو سماج جي امن ۽ سڪون لاءِ خطرو بڻجي وڃي ٿو. ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ نوجوانن جي بيروزگاري سماجي ۽ سياسي فسادن جو هڪ اهم سبب بڻيل آهي.

بيروزگار نوجوان گهڻو وقت خاندان جي ڪلهن تي بار بڻجي ويندا آهن، جنهن سبب سماجي تڪرار ۽ گهرن ۾ ذهني تڪليف وڌي ٿي. جيڪڏهن ملڪ جو وڏو حصو بيروزگار آهي ته ملڪ جون پيداوارون ۽ ترقيءَ جو عمل سست ٿي وڃي ٿو.

جڏهن ملڪ ۾ تعليم يافته نوجوانن کي سندن صلاحيتن مطابق روزگار نٿو ملي، ته اهي ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿين ٿا. هي رجحان “برين ڊرين” (Brain Drain) سڏجي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته ملڪ جو قابل ۽ ذهين طبقو ٻين ملڪن ۾ نوڪريون ۽ موقعا ڳولهي ٿو. ان سان ملڪ پنهنجي سڀ کان اهم انساني وسيلن کان محروم ٿي وڃي ٿو ۽ ان جي ترقيءَ جي رفتار گهٽجي وڃي ٿي.

ترقي پذير ۽ ترقي يافته ملڪن جو مقابلو

نوجوانن جي روزگار جو مسئلو دنيا جي سڀني ملڪن ۾ موجود آهي، پر ان جي نوعيت ترقي پذير ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ مختلف آهي.

ترقي پذير ملڪن جهڙوڪ پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ بيروزگاريءَ جي وڏي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن. اتي نوجوانن جي هڪ تمام وڏي آبادي بيروزگار آهي جيڪو هڪ وڏو ۽ پيچيده مسئلو آهي. ٻيو وري اتي تعليمي نظام اڪثر ڪري مارڪيٽ جي ضرورتن سان جڙيل ناهي.

پاڪستان ۾ هر سال هزارين شاگرد يونيورسٽين مان فارغ ٿين ٿا، پر انهن لاءِ مناسب نوڪريون موجود نه هونديون آهن. ان جي نتيجي ۾  وڏي انگ ۾ تعليم يافته ماڻهو بي روزگار رهن ٿا. پاڪستان ۾ نوجوانن لاءِ نوڪريون گهٽ آهن ۽ جيڪي آهن به، انهن ۾ اڪثر روايتي شعبا آهن، جڏهن ته عالمي سطح تي نوان شعبا جهڙوڪ ٽيڪنالاجي ۽ سائنس تيزيءَ سان اڀري رهيا آهن. ان کان سواءِ معيشت ۾ سيڙپڪاري جي گهٽتائي، سياسي استحڪام جو فقدان ۽ تعليم جو ناقص معيار به بيروزگاري وڌائي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ نوجوان وري اهڙا ڪم ڪن ٿا جيڪي سندن تعليم ۽ قابليت سان ميل نه ٿا کائين.

ترقي يافته ملڪن ۾ به بيروزگاري جو مسئلو موجود آهي، پر انهن ملڪن وٽ نوجوانن لاءِ مهارتن جي سکيا جا پروگرام، انٽرن شپ اسڪيمون ۽ انٽرپرينيوئرشپ لاءِ مددگار پاليسيون موجود آهن. انهن ملڪن ۾ نوجوانن جي بيروزگاري جي سراسري شرح گهٽ آهي.

آمريڪا ۾ نوجوانن کي پنهنجي ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض ۽ فنڊنگ جون سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح اهي نوجوان نه رڳو پنهنجو روزگار شروع ڪن ٿا پر ٻين لاءِ به نوڪريون پيدا ڪن ٿا.

 ترقي يافته ملڪن ۾ تعليم ۽ نوڪرين جي وچ ۾ لاڳاپو تمام مضبوط آهي. مثال طور، جرمني ۾ “اپرينٽس شپ” (Apprenticeship) جو نظام تمام مضبوط آهي. شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ئي ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ عملي تربيت وٺن ٿا، جنهن ڪري تعليم پوري ٿيڻ کان پوءِ فوري طور تي انهن کي روزگار ملي وڃي ٿو. اهي ملڪ مسلسل پنهنجي تعليمي نظام کي مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق تبديل ڪندا رهن ٿا ۽ نئين ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪندا آهن، جيڪا روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري ٿي.

ڏکڻ ڪوريا، جيڪو ڪڏهن پاڪستان کان به پوئتي هو، پنهنجي نوجوانن کي فني سکيا ۽ محنت سان جوڙي ڇڏيو. نتيجي ۾ اڄ اهو ملڪ دنيا جي اهم معيشتن ۾ شمار ٿئي ٿو. ساڳئي وقت پاڪستان ۾ نوجوان جي وڏي اڪثريت تعليم کان پوءِ بيروزگار آهي. اهو فرق ئي ترقي ۽ پوئتي رهڻ جي وچ ۾ لکين ڪلوميٽرن جو فاصلو ٺاهي ٿو.

جيتوڻيڪ ترقي يافته ملڪن ۾  به مسئلا آهن، پر اهي ترقي پذير ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ، ضابطي ۽ ڪنٽرول ۾ آهن.

سنڌ ۽ پاڪستان جي حوالي سان حل ۽ تجويزون

سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نوجوانن جي بيروزگاري جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تعليمي نظام ۾ سڌارن لاء اسڪولن ۽ يونيورسٽين کي اهڙو نصاب ٺاهڻ گهرجي جيڪو ڊجيٽل مهارتن، ٽيڪنالاجي ۽ عملي ڄاڻ تي ڌيان ڏئي. شاگردن کي رڳو ڊگري ڏيڻ بدران، اهڙيون صلاحيتون سيکارڻ گهرجن جن جي مارڪيٽ ۾ گهرج آهي. ان سان گڏوگڏ ووڪيشنل (Vocational) ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليجن کي هٿي ڏيڻ گهرجي. نوجوانن کي پلمبرنگ، گاڏين جي مرمت جي مهارت، بجلي جي ڪم، آئي ٽي، دستڪاريءَ ۽ ٻيون کوڙ مهارتون سکڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي مهارتون انهن کي فوري طور تي روزگار فراهم ڪري سگهن ٿيون.

ٻيو وري حڪومت کي اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن جيڪي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪن. ٽيڪس ۾ رعايت، ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ سولايون ۽ قرضن جي فراهمي سان نوان روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا. نوڪرين ۾ سفارش بدران قابليت جي بنياد تي چونڊ ٿيڻ گهرجي. ترقي پذير ملڪن کي گهرجي ته زراعت ۽ صنعت ۾ به نون موقعن جي تخليق ڪن.

ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ معيشت کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻي پوندي. خاص طور تي ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن (Small and Medium Enterprises) کي هٿي ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي وڏي تعداد ۾ روزگار فراهم ڪن ٿا. ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل پليٽفارمز جو استعمال ڪندي نوجوانن کي گهرجي ته هو صرف نوڪري ڳولڻ بدران پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪري ڊجيٽل پليٽفارمن تي ڪم ڳولڻ جي ڪوشش ڪن. فريلانسنگ ۽ آن لائين ڪم جا موقعا تمام گهڻا آهن پر انهن لاءِ صحيح مهارتن جو هجڻ تمام ضروري آهي.

ٿورو لکيو گهڻو سمجهجي ته جيڪڏهن نوجوانن کي ڪم ۽ روزگار جو موقعو نه ملي، ته سندن زندگيءَ جا خوبصورت سال بيڪار ضايع ٿي وڃن ٿا. نوجواني اها عمر آهي جتي توانائي، خواهش ۽ اميدن جو ميلاپ هوندو آهي. بيروزگاري ان ميلاپ کي ٽوڙي، خوابن کي اجاڙي ڇڏيندي آهي. ڪنهن به قوم لاءِ اهو وڏو نقصان آهي جو ان جو نوجوان نسل ڪم ڪرڻ بدران وقت ضايع ڪري رهيو هجي.

نوجوانن جي بيروزگاري صرف هڪ اقتصادي مسئلو ناهي، پر اهو هڪ سماجي، نفسياتي ۽ اخلاقي مسئلو پڻ آهي. روزگار نه صرف روزي جو ذريعو آهي، پر اهو نوجوانن جي زندگيءَ کي معنيٰ، مقصد ۽ عزت ڏئي ٿو. جڏهن هڪ نوجوان کي پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن جي باوجود روزگار نه ملي، ته هو پنهنجي پاڻ کان ۽ پنهنجي سماج کان پري ٿي وڃي ٿو. بيروزگاري سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلا پيدا ڪري ٿي، جيڪي پوري سماج لاءِ خطرناڪ آهن. قوم جي حقيقي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان جا نوجوان روزگار يافته، خوشحال ۽ پراميد هجن. ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

حڪومت، تعليمي ادارا، والدين ۽ سماج جي ذميواري آهي ته نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪن، کين فني سکيا ڏين ۽ انهن جي قابليت کي صحيح رستي تي آڻين. حڪومت کي بهتر پاليسيون ٺاهڻيون پونديون، تعليمي ادارن کي جديد ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو، ۽ خود نوجوانن کي به پنهنجي صلاحيتن کي نئين دور جي گهرجن مطابق تبديل ڪرڻو پوندو. ياد رهي ته هڪ بيروزگار نوجوان مستقبل جو سوال آهي ۽ جيڪڏهن اسان ان سوال کي نظرانداز ڪنداسين ته ان جو جواب اسان جي سموري قوم جي نقصان جي صورت ۾ سامهون ايندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن نوجوان ڪم ڪندا ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ جڏهن نوجوان بيروزگار هوندا ته ملڪ پوئتي رهندو.

__________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ ۽ سياح آھي ۽ انگريزيءَ، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندڙ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button