Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڇا پاڪستان ۾ بہ نيپال جيان جنريشن زيڊ جھڙو عوامي اُڀار اچي سگھي ٿو؟

جنريشن زيڊ (Gen Z) جو مطلب آهي، اهو نوجوان نسل جنهن 1997 کان 2012 دوران جنم ورتو.

هي نسل اهو آهي، جيڪو انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا، سمارٽ فون ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالوجيءَ سان جڙيل آهي ۽ ان جو جيئڻ مرڻ جديد ٽيڪنالوجيڪل ميڊيا سان آهي

اسان وٽ نوجوانن جي افرادي قوت موجود آهي، پر وٽن ڊائريڪشن ناهي. سياسي پارٽيون ۽ ٻيا ادارا رڳو طاقتور ڌرين ، رعايت يافتا طبقي يا اشرافيا جي سهولتڪاري ڪرڻ ۾ پورا آهن، اهي ڪنهن به صورت ۾ اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ نٿا گهرن. انڪري جنريشن زيڊ کي اڳڀرو ٿيڻو پوندو، جيئن حقيقي عوامي راڄ قائم ٿي سگهي.

الهه بخش راٺوڙ

سريلنڪا، بنگلاديش ۽ هاڻ نيپال ۾ نوجوان نسل، جنهن نوعيت جي سياسي تبديلي آندي آهي، ان مان هي سبق ملي ٿو ته تبديليءَ لاءِ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي ضرورت ناهي.! ممڪن آهي ته ڳالهه انهن ڌرين کي سٺي نه لڳي،جيڪي ڪلاسيڪي سياسي تبديلي کي سياسي پارٽيءَ سان جوڙين ٿا .تبديليءَ جي هن سياسي ماڊل تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ”ان سان عوام کي بنيادي حق ملي سگهن ٿا يا نه؟“ ڪٿي ايئن ته نه ٿيندو ته اهي هٿياربند قوتون،جيڪي اڳ ۾ ئي رياستي ڍانچي اندر طاقتور آهن، اهي نوجوانن جي آندل ان تبديليءَ تي قابض ٿي وڃن؟ گهٽ ۾ گهٽ سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ته ائين ٿيو. هاڻ نيپال جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو؟ ان بابت سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ هي سوچڻ گهرجي ته انهن تبديلين جا پاڪستان جهڙن ملڪن جي سياسي ماحول تي ڪي اثر پئجي سگهن ٿا يا نه؟ نيپال ۾ هيل تائين جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي پٺيان ورديءَ وارا ظاهر ٿيا آهن، ملڪ جي فوج جي سربراهه جي خطاب وقت سڀني ڏٺو ته ان جي پسمنظر ۾ بادشاهه جي تصوير نظر آئي، ڇا ايئن چئي سگهجي ٿو تہ نيپال جي حڪومت خلاف بغاوت جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ بادشاهت جاءِ والاريندي؟

جيڪڏهن نيپال ۾ انڌي منڊي جمهوريت جي جاءِ فوجي آمريت يا بادشاهت سنڀالي ته هي Regressive قدم هوندو. ملڪ اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ويندو. هي ته سائنسي اصول آهي ته جڏهن به معاشري ۾ اصل تبديلي آڻيندڙ قوتن جو خال پيدا ٿيندو آهي ۽ ان ڌر سان لاڳاپيل سياسي ايڪٽرز نه هوندا ته ڪا ٽئين قوت اچي جاءِ والاريندي آهي. هينئر توڙي جو هڪ عورت نگران وزير اعظم يا نگران سيٽ اپ جي سربراهه سامهون اچي وئي آهي. اها عورت سربراهه اڳوڻي چيف جسٽس طور رهي چڪي آهي، پر هن جي ساک پاڪستان جي رٽائرڊ ججز کان بلڪل مختلف آهي. انڪري اميد جي روشني ته نظر اچي ٿي، پر هي انتهائي ڪمزور آواز آهي. نيپال جا نوجوان، جن ملڪ اندر بيروزگاري ۽ معاشي مفلسيءَ خلاف ته احتجاج ڪيو، پر انهن جومک احتجاج جو سبب سوشل ميڊيا تي حڪومت پاران لڳايل پابندي هئي. هاڻ صورتحال ڪنهن تائين سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي. سوشل ميڊيا جا پليٽ فارم رڳو تفريح جو ذريعو ناهن پر آمدنيءَ جو وسيلو به آهن، جڏهن انهن آئوليٽس تي حڪومت پابندي لڳائي ته لکين نوجوان نيپال جي ڪنڊڪڙڇ ۾ روڊن ۽ رستن تي نڪري آيا. انهن نوجوانن کي جنريشن زيڊ جو نالو ڏنو ويو آهي. نيپال ۽ پاڪستان ۾ سياسي ايڪٽرز جي ڪردار تي نظر ڊوڙائڻ کان پهريان جنريشن زيڊ تي روشني وجهڻ ضروري آهي.

نيپال ۾ جنريشن زيڊ بغاوت ڇا آهي؟

 ڇا هي سياسي پارٽين جو متبادل  آهي؟.جنريشن زيڊ (Gen Z) جو مطلب آهي، اهو نوجوان نسل جنهن 1997 کان 2012 دوران جنم ورتو. هي نسل اهو آهي، جيڪو انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا، سمارٽ فون ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالوجيءَ سان جڙيل آهي ۽ ان جو جيئڻ مرڻ جديد ٽيڪنالوجيڪل ميڊيا سان آهي. انهن جي سوچ، رويا ۽ اظهار جا طريقا سينئر جنريشن کان بلڪل مختلف آهن. انهن مان ڪيترائي سياسي سوچ ته رکن ٿا، پر گهڻو تڻو سياسي پارٽين جي ڪيڊر ۾ شامل ناهن. هي نوجوان نسل گهڻو ڪري معاشي طور آزاد ۽ خودمختيار آهي. ان جو هڪڙو عڪس پي ٽي آءِ ۾ ملي ٿو، پر هي نسل به اسٽيٽس ڪو جو حامي آهي، انڪري معاشري جي تبديلي ۾ ڪو هاڪاري ڪردار ادا ڪري نٿو سگهي. ان نسل کي اڳتي آڻڻ ۾ ”برگيڊ“ جو هٿ هو، پر اڳتي هلي ڪري اهي انهن جي ڪنٽرول مان نڪري ويا. جيڪڏهن هي نسل آزاد سوچ اختيار ڪندي ڊيجيٽل هٿيار کڻي نڪري پئي ته ان کي مات ڏيڻ آسان نه هوندو. انهن جا هٿيار ايٽم بم، ديسي ڪٽر، ٽينڪون باروڊ يا ڪي ٻيا هٿيار يا اوزار ناهن، پر سوشل ميڊيا، آن لائين مهم، لائيو وڊيوز آهن،جيڪي طاقتور رعايت يافتا طبقي کي ڪپڙن کان آجو ڪري سگهن ٿيون. نه صرف نيپال پر پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ واڳ ڌڻي يا اسٽيبلشمنٽ ان ئي جنريشن زيڊ کان ڊنل آهي. نيپال ۾ ان نسل بدعنواني، ناانصافي، يا طاقت جي غير منصفاڻي استعمال خلاف احتجاج ڪيو. نيپال ۾ هلندڙ مهيني سيپٽمبر 2025 ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي لاڳو ٿيندي ئي جنريشن زيڊ چرپر ۾ اچي وئي. پهرين ان قدم خلاف هزارين ۽ بعد ۾ سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ لکين شهري رستن تي نڪتا. آخرڪار وزير اعظم شرما اولي کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. جنريشن زيڊ جي خاصيت هي آهي ته اها تيزيءَ سان منظم ٿي سگهي ٿي، ان کي ڪنهن به شو بواءِ ليڊر جي ضرورت ناهي. انهن جو احتجاج انتهائي پرامن رهي ٿو، هو ڪرپشن ۽ طاقت کي چيلينج ڪن ٿا. جنريشن زيڊ بغاوت جو مطلب هي به ورتو وڃي ٿو ته هي نئين عوامي مزاحمتي تحريڪ آهي. جيڪڏهن پڙهيل لکيل سياسي قيادت هجي ته ان جنريشن کي پاڻ ڏانهن موڙي سگهي ٿي، پر گهڻو ڪري رياستي قوتون ان جدوجهد کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪنديون آهن.

پاڪستان جي آبادي يا ڊيموگرافي کي ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ مجموعي آبادي 25 ڪروڙ ۾ نوجوانن جو انگ 60 سيڪڙو آهي. هي نوجوان 15 کان 29 سالن تائين آهن، جيڪڏهن ٿلهي ليکي ڏسجي ته آن ريڪارڊ نوجوان آبادي جو تعداد 12 کان 14 ڪروڙ آهي. هي جنريشن زيڊ جو حصو آهن. اهي گهڻو ڪري ڪاليجن، يونيورسٽين، ڊيجيٽل ڪاروبار، يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا تي سرگرم آهن. اسان وٽ به نيپال جيان سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پابنديون آهن، يا اهڙيون ڪوششون ٿينديون رهنديون آهن. هي اهڙي فورس آهي، جنهن کان واڳ ڌڻي ڊنل آهن، انڪري انهن به ففٿ جنريشن وار خلاف ويڙهه جي نالي ۾ مڪمل برگيڊ قائم ڪئي آهي، ۽ ڪيترائي اهڙا پليٽ فارم آهن، جيڪي هو استعمال ڪن ٿا.

هاڻ ڏسڻو هي آهي ته جن ٽن ملڪن، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ نيپال جو ذڪر ڪيو ويو، اتان جي جنريشن زيد ۽ اسان وٽ سياسي نظام لاءِ ڪم ڪندڙ جنريشن زيڊ ۾ فرق ڪهڙو آهي. ڄاڻايل ٽنهي ملڪن ۾ مک قوت فوج آهي، جيڪا سموري احتجاج ۽ تبديليءَ پٺيان آهي، اها ئي سياسي شاٽس کيڏي ٿي، اسان وٽ تبديليءَ کانسواءِ ئي اسٽيبلشمنٽ وٽ اقتدار جون واڳون آهن، جيڪا پنهنجا مقصد ماڻي رهي آهي. رياست جو هي ادارو ظاهري طور تي پردي جي پٺيان آهي، پر هائبرڊ نظام جي مک شيئر هولڊر طور سياسي قيادت، پارليامينٽ ۽ ٻين ادارن تي حاوي آهي. انڪري اسان کي جيڪڏهن جنريشن زيڊ کي سرگرم ڪرڻو آهي ته انهن قوتن خلاف اڳڀرو ٿيڻو پوندو، جن عوامي ادارن تي قبضو ڪيو آهي. اسان وٽ ٽنهي ملڪن کان وڌيڪ نوجوانن جي افرادي قوت موجود آهي، پر انهن وٽ ڊائريڪشن ناهي. اسان وٽ سويلين فورسز يا سياسي پارٽيون ۽ ٻيا ادارا رڳو طاقتور ڌرين ، رعايت يافتا طبقي يا اشرافيا جي سهولتڪاري ڪرڻ ۾ پورا آهن، اهي ڪنهن به صورت ۾ اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ نٿا گهرن. هي سمجهڻو پوندو ته پاڪستان کانسواءِ ٽنهي ملڪن جا ڪيترائي اشوز الڳ نوعيت جا آهن، پر ڪجهه هڪجهڙائي به آهي. انڪري جنريشن زيڊ کي اڳڀرو ٿيڻو پوندو، جيئن حقيقي عوامي راڄ قائم ٿي سگهي.

___________

الھہ بخش راٺوڙ سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button