Editor's pickMain Slideدنياڏکڻ ايشيا

نيپال، جتي جين زي ھلچل سياسي سرشتي کي ٻن ڏينھن اندر اُٿلائي ڇڏيو

اربع ڏينھن صبح جو نيپالي آرميءَ کٽمنڊو جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ھو ۽ ھاڻي سندن ڪوشش آھي تہ حالتن کي بھتر ڪجي

ڏسجي تہ نيپال ۾ جمھوريت ۽ سُڌارن جو ڪو نئون باب کُلي ٿو يا سموري قوم ھڪ غيريقينيءَ واري صورتحال ۾ ٻُڏي ويندي. انھيءَ سموري صورتحال جو دارومدار انھيءَ ڳالھ تي آھي تہ ڪھڙي طرح بنا دير ۽ نھايت ڏاھپ سان ڪا عبوري قيادت چونڊي وڃي ٿي

بِشنو گوتم

ايڊيٽر اِن چيف، رائيزنگ نيپال

نيپال جي عوامي اُڀار ٻن ڏينھن جي اندر مُلڪ جي سياسي منظرنامي ۾ وڏي ڊرامائي تبديلي آندي آھي. حڪومت پاران سوشل ميڊيا تي وڌل مُلڪگير بندش جي خلاف سومر ڏينھن شروع ٿيل احتجاج مُلڪگير ھلچل جي شڪل اختيار ڪري ويو جنھن جي سرواڻي جنريشن زيڊ (ڇويھن سالن کان گھٽ عمر وارا نوجوان) ڪري رھيا ھئا. نتيجو اھو نڪتو جو اڱاري ڏينھن وزيراعظم استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ پنھنجي ڪابينا جي سمورن وزيرن سميت لڪي ويو. ھن وقت ھُو ڪٿي آھي، ڪنھن کي بہ ڄاڻ ڪانھي. مڇريل عوام جي ڪاوڙ کان بچڻ لاءِ مُکيہ سياسي اڳواڻن بہ وڃي فوجي بيرڪن ۾ پناھ ورتي آھي، 

سومر جي ڏينھن تائين، نيپالي ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف نيپال، يونيفائيڊ ماڪسسٽ ليننسٽ (CPN-UML) جي گڏيل حڪپمت، جنھن کي پارليامينٽ ۾ ٻہ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ھئي، ھڪ سگھاري حڪومت سمجھي ٿي وئي. اڱاري ڏينھن، سنگھ دربار (مرڪزي سيڪريٽريٽ)، سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ بلڊنگ مان نڪرندڙ باھ جا ڀڀڙ انھيءَ اقتدار جي پڇاڙيءَ جا اُھڃاڻ ٿي اُڀريا.

وزيراعظم ڪي پي شرما اَوليءَ ڪرپشن جي خاتمي ۽ سوشل ميڊيا تان بندش ختم ڪرڻ بابت نوجوان جي گھُر کي رد ڪري ڇڏيو ھو. احتجاج ڪندڙ نوجوانن خلاف پُتشدد قدم کڻڻ جي نتيجي ۾ ايڪيھ ماڻھو مارجي ويا جنھن سان مُلڪگير اشتعال پکڙجي ويو. شاگردن ۽ شھرين گڏجي سڄي ملڪ ۾ مظاھرا شروع ڪيا ۽ سرڪاري آفيسن، سياستدانن جي گھرن ۽ ايتريقدر جو صدارتي محل کي بہ باھ ڏئي ڇڏي.  

جيئن ئي صورتحال خراب ٿي تہ ھوم منسٽر رميش ليکڪ استعيفا ڏئي ڇڏي. پر وزيراعظم اَوليءَ مزاحمت ڪئي. ھُن پنھنجي وزيرن کي ھدايت ڪئي تہ ڪوبہ پنھنجو عھدو نہ ڇڏي، ۽ ڪرفيو مڙھي ڇڏيائين. پر ھُو عوام جو اعتماد وڃائي چُڪو ھو. چيو وڃي ٿو تہ اَولي، اڳوڻي وزيراعظم شير بھادر دُوبا، پرچندا (پُشپا ڪمل داھل)، ۽ پنھنجي ڪجھ ٻين سينئر اڳواڻن سميت فوج وٽ ڪنھن ھنڌ پناھ وٺيو ويٺو آھي. دُوبا ۽ سندس زال، پرڏيھي وزير آرزو رانا تي بہ مڇريل ھُجوم حملو ڪيو ھو پر پوليس کين بچائي ورتو. سندن گھر کي ساڙي رَک ڪيو ويو. 

اربع ڏينھن صبح جو نيپالي آرميءَ کٽمنڊو جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ھو ۽ ھاڻي سندن ڪوشش آھي تہ حالتن کي بھتر ڪجي. نيپال جي ھڪ مُکيہ ميڊيا جي اداري جي ھڪ سينئر صحافيءَ جو چوڻ آھي تہ نہ رُڳو حڪومت پر سمورو سرشتو پَٽ پئجي چُڪو آھي. پوليس جون سموريون چوڪيون، سپرمارڪيٽ، ۽ ايتريقدر جو کٽمنڊو واري چندراگِري ڪيبل ڪار کي بہ ساڙيو ويو آھي. ھن وقت آرمي جين زيءَ جي عيوضين سان ڳالھين ۾ آھي تہ جيئن ڪو عارضي وزيراعظم مقرر ڪجي جيڪو ڇھن مھينن اندر عام چونڊون ڪرائي.   

اڃان تائين پاليامينٽ کي نہ ٽوڙيو ويو آھي، پر عبوري قيادت لاءِ سياسي اتفاق راءِ نھايت ضروري آھي. اطلاعن موجب اڳوڻي چيف جسٽس سُشيلا ڪَرڪيءَ جو نالو سرفھرست آھي جڏھن تہ کٽمنڊو جي ميئر بالن شاھ ۽ ڌاران جي ميئر ھارڪا سمپنگ جا نالا بہ ويچار ھيٺ آھن. بھرحال اطلاعن موجب جين زيءَ اندر نئين قيادت جي حوالي سان ڪي اختلاف آھن.

ھن وقت سرڪاري آفيسون ۽ ھوائي اڏا گھيري ھيٺ آھن جڏھن تہ مظاھرين جو زور آھي تہ کين تحفظ ۽ عدم تشدد جي خاطري ڪرائي وڃي ۽ اُن معاملي کي اوليت ڏني وڃي. ھڪ ڏھاڪو ھلندڙ گھَرُو ويڙھ مان نڪتل نيپال وڏي مشڪل سان سال 2008 ۽ 2015 وچ ۾ ھڪ نئون آئين تيار ڪيو ھو، پر ھڪ ڀيرو وري ھيءُ ملڪ ھڪ فيصلائتي مرحلي تي بيٺو آھي. ھيءُ عوامي اُڀار ڪنھن حڪومت جي ڊھڻ کان وڌيڪ اھميت رکي ٿو. انھيءَ اُڀار نيپال جي سياسي سرشتي جا بنياد لوڏي ڇڏيا آھن. ڏسجي تہ نيپال ۾ جمھوريت ۽ سُڌارن جو ڪو نئون باب کُلي ٿو يا سموري قوم ھڪ غيريقينيءَ واري صورتحال ۾ ٻُڏي ويندي. انھيءَ سموري صورتحال جو دارومدار انھيءَ ڳالھ تي آھي تہ ڪھڙي طرح بنا دير ۽ نھايت ڏاھپ سان ڪا عبوري قيادت چونڊي وڃي ٿي. سموري دنيا جون نظرون ھاڻي نيپال جي نئين صورتحال تي آھن.

______________           

ھيءُ ليک سيئول، ڏکڻ ڪوريا جي اشاعتي اداري  The AsiaN ۾ شائع ٿيو آھي         

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button