Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

نيپال: اڻ کُٽ گھنٽين وارو ديس جتي ھاڻي باھ متل آھي

نيپال اھڙو مُلڪ آھي جيڪو بلند جبلن ۽ ڪڪرن منجھ رھندڙ ھڪ زندھ ڏندڪٿائي ڪردار آھي.

منھنجي لاءِ نيپال سدائين اڻ کُٽ گھنٽين وارو ديس ئي رھندو جتي رستن ۽ گھٽين ۾ ڳئون آزاد گھمن ٿيون، پر اڄ انھن گھنٽين جي گونج ۾ نئين نسل جون  آھون ۽ دانھون بہ شامل ٿي ويون آھن.

پُونيھ نِداءِ

ايڊيٽر اِن چيف، شوڪران ميگزين

تھران

ذري گھٽ ڏھ ورھيہ اڳ مان ھڪ نيپالي صحافي بِشنو نشٿوريءَ جي ڪوٺ تي مان نيپال گھمڻ وئي ھيس. مونکي لڳو ھو تہ اھو اھڙو مُلڪ آھي جيڪو بلند جبلن ۽ ڪڪرن منجھ رھندڙ ھڪ زندھ ڏندڪٿائي ڪردار آھي. درٻار اسڪوائر جي مندرن ۾ بنا وقفي وڄندڙ گھنٽيون، ڀڪتپور جون گھٽيون، باندرن جا مندر، توڙي سونھن ۽ مُصيبتن ۾ زندگي گھاريندڙ ماڻھن مونکي ايترو تہ مُتاثر ڪيو ھو جو مان ھڪ ڀيرو وري نيپال موٽي وئي ھيس. نيپال جو منھنجو ٻيو دورو صرف تفصيل سان گھمڻ ڦرڻ، فوٽوگرافي ڪرڻ ۽ سفرنامو لکڻ جي مقصد سان ھو. پر اُھو اھڙو سفرنامو ھيو جيڪو ڪڏھن بہ ڪونہ ڇپيو ڇو تہ منھنجا سمورا فوٽو ۽ ٻيو مواد چوري ٿي ويو.

وقت ۽ چورن کان جيڪو ڪجھ محفوظ رھيو، اُھو ھيو نيپال بابت ”زندھ تھذيب“ وارو تاثر، جيڪو اڄ بہ منھنجي ذھن ۾ موجود آھي. منھنجي ذھن ۽ نظرن آڏو  اڄ بہ کٽمنڊو جون سوڙھيون گھٽيون، پٿرن تي اُڪريل نقش، ڪاٺ جو ڪم، مقدس مُجسما، گھٽين ۾ روايتي ڀرت ڀريل ڪپڙا ۽ اُن مان اُڻيل شيون  وڪرو ڪندڙ گھوريئڙا ڦري رھيا آھن. مان تہ بنا روڪ ٽوڪ گھٽين ۾ گھمندڙ مقدس ڳئون ۽ مھربان ماڻھن ھٿان سرديءَ کان بچائڻ لاءِ  اُڻيل ڪپرا پھرايل ڪپڙن وارا بہ ڏسي رھي آھيان. ڪتابن جا وڏا دُڪان، رنگ برنگي طعام ۽ غربت ۽ اُميد کڻي حياتي گذاريندڙ مُرڪندڙ ماڻھو بہ منھنجي نظرن آڏو ڦري رھيا آھن.

مونکي اڃان تائين بلڪل چڱيءَ طرح کٽمنڊو جو جو اھو صبح ياد آھي جڏھن مون ھڪ موبائل فون جي دُڪان ٻاھران  ھڪ ڪُتي کي سُتل ڏٺو ھو. گراھڪ اھڙي نموني لانگ ورائي احتياط سان دُڪان اندر وڃي رھيا ھئا تہ جيئن ڪُتي جي ارام ۾ خلل نہ پوي. دُڪاندار اُن ڪُتي کي ڀڳوان طرفان موڪليل مھمان ٿي سمجھيو. ان ڏينھن مون سمجھي ورتو تہ نيپال ۾ جانور انسانن جا ساٿي آھن ۽ انھن کي نھايت پيار ۽ عزت ڏني وڃي ٿي. 

ھاڻي جڏھن نيپال جون خبرون پڙھيم تہ وري منھنجي اکين آڏو ان نيپال جو تصور اُڀري آيو جتي ڪُماري مندر ۽ اُن ۾ ديويون رکيل ھيون، پر سندن مُک تي غربت ۽ ڪاوڙ جا زخم ھئا. گھڻو اڳ جي ڳالھ ناھي. حڪومت فيس بُڪ، ٽئٽر۽ يُو ٽيوب  تي بندش وجھي نوجوان نسل جي اُنھيءَ سوشل ميڊيا تائين رسائيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. پر انھن سوڙھين گھٽين ۽ مندرن جا نوجوان ۽ ٻار ماٺ رھي نہ سگھيا. احتجاج شروع ٿيو، پٿريلين گھڙين ۽ رستن تي رتوڇاڻ ٿي، ۽ گھٽ ۾ گھٽ ايڪيھ ماڻھن پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي. 

ھڪ ڏينھن جي اندر ماڻھن حڪومت جي سيڪريٽريٽ، سپريم ڪورٽ، صدارتي محل ۽ سياستدانن جي گھرن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. رستن تي فوج اچي وئي، جنھن جي عزت نيپالي عوام اڄ بہ دل سان ڪري ٿو. وزيراعظم اَوليءَ استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ سوشل ميڊيا تان بندش ختم ڪئي وئي.

بھرحال، منھنجي لاءِ نيپال سدائين اڻ کُٽ گھنٽين وارو ديس ئي رھندو جتي رستن ۽ گھٽين ۾ ڳئون آزاد گھمن ٿيون، پر اڄ انھن گھنٽين جي گونج ۾ نئين نسل جون  آھون ۽ دانھون بہ شامل ٿي ويون آھن. ھيءَ اُھا پيڙھي آھي جنھن ماضيءَ جي پيڙائن ۽ مستقبل جي اُميدن سان تبديليءَ جا گيت ڳايا ھئا.

_________________

ھيءُ ليک سيئول، ڏکڻ ڪوريا جي اشاعتي اداري  The AsiaN ۾ شائع ٿيو آھي          

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button