چين جو سياسي سرشتو: حڪمران ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ سَولو ناھي
نئون ميمبر ٿيڻ لاءِ پھرين ٽيسٽ پاس ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوءِ ھڪ سال کيس سکيا ڏني وڃي ٿي. چين ۾ ٻيون بہ کوڙ پارٽيون آھن
چين ۾ اظھار جي ۽ ميڙاڪن جي آزادي ڪونهي. اڳواڻن جو خيال آهي ته انسانن جو بنيادي حق باعزت زندگي گذارڻ جو آهي، جيڪو سندس بنيادي گهُرجون پوريون ڪري ئي ڏيئي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن ماڻهو غريب ۽ پيٽ بکيا هجن ته کين رڳو ڳالهائڻ جو حق ڏيڻ سان سندن زندگين تي ڪوبه فرق نٿو پوي.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
چين واقعي پنھنجي منفرد حيثيت ۽ تيز رفتار ترقي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ حيرت جو جھان آهي. چين جي سياسي نظام جي حوالي سان پڙهندي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته چين ۾ جيتوڻيڪ آئين موجب هڪ سياسي پارٽي ڪميونسٽ پارٽي حڪمراني ڪري ٿي، پر چين ۾ ٻيون سياسي پارٽيون به آهن، جيڪي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اپوزيشن ڪرڻ جي بدران ان سان مشاورت ۽ مدد ڪن ٿيون. انهن ۾ هڪ پارٽي ’ريوولوشنري ڪميٽي آف چائنيز ڪومن تانگ ‘ آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد 81000 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، ان کان سواءِ چين جي شھر ’چونگ چنگ‘ ۾ چاليھه واري ڏاڪي ۾ قائم ٿيندڙ ’چائنه ڊيمو ڪريٽڪ ليگ‘ آهي، ان پارٽيءَ ۾ گهڻو تڻو ادب، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل ماڻهو شامل آهن. ان جي ميمبرن جو تعداد 1،81000 هزار آهي. ’جيوسن سوسائٽي‘ به سياسي نوعيت جون سرگرميون سرانجام ڏي ٿي، هن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل نمايان ۽ مشهور ماڻهو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 105000 کان وڌيڪ آهي. 1945ع ۾ قائم ٿيندڙ ’چائنا ڊيموڪريٽڪ ڪنسٽرڪشن ايسوسيئيشن‘ جو شمار به پراڻي سياسي پارٽي ۾ ٿئي ٿو. هن ۾ گهڻو ڪري ڪاروباري ماڻهو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 108000 آهي. شنگهائي ۾ قائم ٿيل ’چائنا ايسوسيئيشن فار پروموٽنگ ڊيموڪريسي‘ به هڪ ڌار سياسي سڃاڻپ رکي ٿي. هن جي ميمبرن جو تعداد 130000 آهي، جيڪي گهڻو ڪري ثقافت، تعليم ۽ اشاعت جي شعبن سان لاڳاپيل سينيئر ماڻهو شامل آهن. ’چائنيز روپرنٽس اينڊ ورڪر ڊيموڪريٽڪ پارٽي‘ به پنھنجو سياسي وجود برقرار رکيو اچي. هن پارٽي ۾ چين جي طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 9900 هزارن کان به وڌيڪ آهي.
پر ڏيھي ملڪن مان واپس ايندڙ چين جي وچئينء ۽ مٿئين طبقي جي پسند جي سياسي پارٽي ’چي گانگ پارٽي‘ آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد اٺاويھن هزارن کان وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ ’تائيوان ڊيموڪريٽڪ سيلف گورنمنٽ ليگ‘ نالي سياسي پارٽي به سياسي منظرنامي تي موجود آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد ٻه هزار کن آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا انهن سڀني محب وطن سياسي پارٽين سان بھترين جمھوري تعلقات قائم رکيو اچي. چين جي آئين ۾ لکيل حقن موجب انهن پارٽين کي پنھنجون سياسي سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت آهي. اهي پارٽيون سياسي سرگرمين سان گڏوگڏ چين جي سوشلسٽ اڏاوت ۾ به پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ چين جي مختلف سطح جي عوامي ڪانگريسن ۾ انهن جا نمائندا چونڊجندا آهن. ان کان سواءِ انهن جا ڪيترائي ميمبر مختلف رياستي ادارن ۾ به اهم عھدن تي مقرر آهن.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي 1921ع ۾ شنگهائيءَ ۾ قائم ٿي. ان وقت پارٽي جي ميمبرن جو تعداد 58 هو ۽ هاڻ ان جي ميمبرن جو تعداد 90 ملين کان به وڌيڪ آهي. پارٽيءَ جو اهم عھديدار سيڪريٽري جنرل هوندو آهي. اڄڪلھ ’شي چن پنگ‘ سيڪريٽري جنرل آهي. جيڪو چين جو صدر ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمن به آهي. چين ۾ اظھار جي ۽ ميڙاڪن جي آزادي ڪونهي. اڳواڻن جو خيال آهي ته انسانن جو بنيادي حق باعزت زندگي گذارڻ جو آهي، جيڪو سندس بنيادي گهُرجون پوريون ڪري ئي ڏيئي سگهجي ٿو. هر شھريءَ کي کائڻ پيئڻ، ڪٽنب جي پالنا ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ماڻهو غريب ۽ پيٽ بکيا هجن ته کين رڳو ڳالهائڻ جو حق ڏيڻ سان سندن زندگين تي ڪوبه فرق نٿو پوي.
ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ميمبرشپ اوپن ڪونهي، پر مشروط آهي، ميمبر بنجڻ واري جي خيالن ۽ مزاج ۽ ڪردار جو جائزو ورتو وڃي ٿو، ميمبر لاءِ ضروري آهي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي منشور، قاعدن ۽ ضابطن ۽ بنيادي اصولن سان سھمت هجي. پارٽيءَ جو ميمبر باقاعدگي سان ميمبر شپ في ڏي ٿو. ميمبر بنجندڙ شخص کي اهليت جي ٽيسٽ ڏيڻي پوندي آهي. پارٽيءَ جو سينيئر ميمبر، نئين ميمبر جي تصديق ڪندو آهي، پروبيشن پيرڊ هڪ سال جو هوندو آهي، جنھن دوران ان جي تربيت ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن سندس ڪارڪردگي تسليءَ جوڳي هوندي آهي ته ان جي ميمبرشپ ڪنفرم ڪئي ويندي آهي. پارٽيءَ جي هر ميمبر لاءِ ترقي جا موقعا موجود هوندا آهن ۽ پنھنجي ڪارڪردگي ۽ قربانيءَ جي روشنيءَ ۾ پارٽي جي اعلي عھدن تي پھچن ٿا.
______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھن وقت چين ۾ آھي



