Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

چاڻڪيہ جو فن فڪر ۽ چندرگپت موريا جي سلطنت

چاڻڪيہ چندرگپت کي ٻڌايو تہ حڪمران جي طاقت رڳو فوج ۾ نہ هوندي آهي، خزانو ۽ عوام جو اعتماد بہ اصل طاقت ٿيندا آهن. جيڪڏهن خزانو خالي هجي تہ فوج بہ ڪمزور ٿي ويندي آھي ۽ جيڪڏهن رعيت ناخوش هجي تہ تخت دير تائين قائم رهي نٿو سگهي

رشيد احمد خاصخيلي

ڪڏهن، ڪڏهن تاريخ جي ورقن تي اهڙيون شخصيتون سجَ جيئن اُڀري اينديون آھن، جيڪي اڪيلي سر هڪ دور کي نئين سر ترتيب ڏئي.وينديون آھن.  گڏيل هندستان جي قديم تاريخ ۾ اهڙي شخصيت جو نالو چاڻڪيہ آهي، جنهن کي ڪوٽليہ ۽ وشنو گپتا جا نالا بہ ڏنا ويندا آهن. هو رڳو هڪ عالم، فلسفي يا استاد ئي نہ هو، پر حڪمت عمليءَ جو اهڙو ماهر رنگريز بہ هو جنهن پنهنجي عقل جي رنگن جي تيزي سان نہ صرف هڪ خاندان کي زوال ڏياريو پر هڪ نئين سلطنت جو بنياد بہ رکي ويو، چاڻڪيہ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي تہ هن هڪ نوجوان چندرگپت کي عامَ زندگيءَ مان کڻي  اقتدار جي منزلَ  تي براجمان ڪيو ۽ ان جي هٿان ننڍي کنڊ جي تصور کي حقيقت ۾ بدلائي ڏيکاريائين.

ھي اُھو دور ھو جڏھن نندا خاندان مگدھ (مگڌ) تي حڪومت ڪري رهيو هو. نندا راجا پنهنجي دولت ۽ خزاني جي ڪري ڏور ڏسائن تائين مشهور هو، پر ھن جي حڪومت ۾ رعيت بيزاري ۽ بي انصافيءَ ۾ مبتلا هئي. درٻار ۾ چاپلوسن جو وڏي ويلي قدر هو (جيئن اڄ ڪلھ بہ آھي) ۽ علم وارن جي تذليل عام هئي. هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو چاڻڪيہ، جيڪو پاڻ ٽئڪسلا جي وڏي علمي مرڪز مان آيل هو، درٻار ۾ حاضر ٿيو. ظاهر ۾ صفا  سادو هو پر نظرن ۾ فڪر جي چمڪ اونداھين ۾ تجلا پئي ڏنا. نندا راجا هن سان بي ادبيءَ سان ورتاءُ ڪيو ۽ کيس ذليل ڪري درٻار مان ڪڍاري ڇڏيائين. ھي اھڙو ورتاءُ ھيو جنھن چاڻڪيہ جي دل ۾ باھ جو وڏو مچَ ٻاري ڇڏيو . ھن ورتاءُ ۽ ذلت چاڻڪيہ  جي فڪري سراڻ کي تيز ۽ صفا تکو ڪري ڇڏيو، اُھو ئي سبب ھو جو ھن انھيءَ  وقت عُھد ۽ اقرار ڪيو تہ هو نندا خاندان کي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ هندستان کي اهڙو حڪمران ڏيندو جيڪو علم، حڪمت ۽ انصاف جو قدر ڪندو.

انهن ڏينهن ۾ ئي هڪ نوجوان نالي چندرگپت موريا منظر تي اچي ٿو، چاڻڪيہ جي نظر جڏهن چندرگپت تي پئي تہ کيس محسوس ٿيو تہ هي ئي اهو هٿ آهي جيڪو سندس فڪر کي حقيقت ۾ بدلائي سگهي ٿو. ۽ عُھدَ جي لڄَ سالم رکي سگھي ٿو.  چندرگپت ۾ تلوار کڻڻ جو ٻلَ تہ اوس ھو ئي هو، پر ان کي حڪمت جي سهاري جي ضرورت هئي، ۽ چاڻڪيہ اهو ذهن هو جيڪو انهيءَ ٻلَ کي صحيح رخ ڏئي سگهيو پئي ۽ ھنَ کي اُھا پوري پڪَ ۽ پنھنجي فڪرَ تي مڪمل ڀروسو ھو.

چاڻڪيہ چندرگپت کي پنهنجي پناھ ۾ وٺي آيو ۽  تربيت ڏيڻ شروع ڪيائين. اها تربيت رڳو تلوار هلائڻ يا جنگي کيڏ کيڏڻ تائين محدود نہ هئي. پر هن کيس حڪمرانيءَ جو  فلسفو بہ سيکاريو، رعيت جي دلين تي حڪمراني ڪرڻ جا طريقا بہ ٻڌايا،  اُھو پڻ ھن مٿان پڌرو ڪيائين تہ خزاني کي ڪيئن محفوظ رکجي ۽ جاسوسيءَ جي ذريعي دشمن جي راز کي ڪيئن هٿ ڪيو وڃي. چاڻڪيہ جو ڪتاب ارٿ شاستر انهيءَ تربيت جو مرڪز بڻيو، جيڪو حڪمران لاءِ هڪ مڪمل دستور العمل هو.

چاڻڪيہ چندرگپت کي ٻڌايو تہ حڪمران جي طاقت رڳو فوج ۾ نہ هوندي آهي، خزانو ۽ عوام جو اعتماد بہ اصل طاقت ٿيندا آهن. جيڪڏهن خزانو خالي هجي تہ فوج بہ ڪمزور ٿي ويندي آھي ۽ جيڪڏهن رعيت ناخوش هجي تہ تخت دير تائين قائم رهي نٿو سگهي.

نندا خاندان کي زوال ڏيارڻ لاءِ چاڻڪيہ هڪ مڪمل حڪمت عملي تيار ڪئي. هن ڄاتو پئي تہ کليل جنگ ۾ نندا جي وڏي فوج کي شڪست ڏيڻ آسان نہ آهي. ان ڪري هن سڀ کان پهرين جاسوسيءَ جو ڄار وڇرايو نندا جي درٻار کان وٺي فوج جي ڪمانڊرن تائين هر هنڌ ھن پنھنجا ماڻهو رکيا. وقتن بہ وقت انھن جاسوسن کيس اطلاع ڏنو تہ نندا راجا جي ظلم سبب رعيت ۾ بيزاري وڌي رهي آهي. چاڻڪيہ کي پڪَ ۽ اطمينان ٿيڻ لڳو تہ ھي ئي اُھو وقت آھي جو رعيت جي دلين ۾ چندرگپت لاءِ جاءِ جوڙي سگهجي ٿي. ساڳئي وقت هن ننڍن راڄن سان اتحاد ڪرڻ شروع ڪيا، جن نندا خاندان جي طاقت کان تنگ ٿي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ پئي گھريو. جنگي محاذ تي بہ چاڻڪيہ نرالي حڪمت اختيار ڪئي. ان جي اھم خوبي اُھا چئجي جو ھن جي ڏور نگاھ نظر ۾ اُھو عڪس چٽو ٿي بيٺو ” تہ اصل جنگ دشمن جي ذهن سان وڙھبي آھي.“  ان ڪري هن نندا خاندان جي فوج ۾ ڦوٽ وڌي. ھن نندا جي ڪمانڊرن کي لالچن سان، سپاهين کي واعدن سان، ۽ رعيت کي انصاف جي اميد سان تڪڙو پاڻ ڏانھن آنڌو_ ساڳئي وقت چندرگپت جي فوج کي نظم ۽ ضبط جي تربيت ڏنائين. اها فوج شروعات ۾ ننڍي هئي، پر ان ۾  اهڙو جذبو هو جيڪو وڏي فوجن کي بہ شڪست ڏئي سگهي.

 انهن سڀني حڪمت عملين جو نتيجو اهو نڪتو جو نندا خاندان جي طاقت آهستي آهستي ڪمزور ٿيندي وئي. آخرڪار اها گهڙي آئي جڏهن نندا راجا تخت تان لهي ويو ۽ چندرگپت موريا کي نئين حڪمران طور مڃيو ويو. فڪر جي اک سان جاچ ڪجي تہ چاڻڪيہ اها رڳو هڪ تخت نشيني نہ هئي، پر هندستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات هئي. چاڻڪيہ جو خواب نندا جي زوال تائين محدود نہ هو. پر ھن جو اولين اصل مقصد هندستان کي هڪ متحد سلطنت ۾ آڻڻ هو. ماضيءَ ۾ هندستان ڪيترن ئي ننڍن راڄن ۾ ورهايل هو، جيڪي هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا. ان ورهاست سبب ٻاهرين حملا ڪندڙن لاءِ رستو هموار پئي رھيو. چاڻڪيہ جي نظر ۾ هڪ مضبوط ۽ گڏيل سلطنت ئي هندستان کي استحڪام ڏئي پئي سگهي . چندرگپت جي حڪمرانيءَ ۾ ھن جو اهو خواب جزوي طور پورو ٿيو. هن ننڍن راڄن کي جنگ ۽ اتحاد جي ذريعي پنهنجي دائري ۾ آندو. ڪٿي صلح سان، ڪٿي سختيءَ سان، ڪٿي اتحاد سان ۽ ڪٿي دشمنيءَ سان ، پر هر هنڌ چاڻڪيہ جي حڪمت عملي ڪارگر ثابت ٿي.

 موريا سلطنت جو قيام دراصل چاڻڪيہ جي فڪر ۽ چندرگپت جي بهادريءَ جو نتيجو هو. هڪ طرف استاد جي حڪمت هئي، ٻئي طرف شاگرد جي همٿ. جيڪڏهن چندرگپت وٽ رڳو تلوار هجي ها پر چاڻڪيہ جو ذهن ساڻس نہ هجي ها، تہ شايد هو ڪڏهن بہ تخت تائين نہ پهچي ها. ۽ جيڪڏهن چاڻڪيہ وٽ رڳو حڪمت هجي ھا پر ڪو بهادر هٿ ساڻس نہ ملي ها تہ ھن جو خواب ڪتابن تائين محدود رهي ها. پر جڏهن ٻئي گڏ ٿيا تہ تاريخ هڪ ۾ نيئن باب جو واڌارو ٿيو_ چاڻڪيہ جي حڪمت جو ڪمال اهو هو تہ هن علم کي سياست جو هٿيار بڻايو. هن ثابت ڪيو تہ حڪمران جي اصل طاقت تلوار ۾ نہ، پر عقل ۽ حڪمت ۾ آهي. ھن جي سيکاريل اصولن سان ئي چندرگپت هڪ عام نوجوان مان وڏي سلطنت جو بادشاھ بڻيو ۽ ننڍي کنڊ جو تصور حقيقت ۾ بدلجي ويو.

__________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button