Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

جعلي ڊگرين ذريعي ڪميشن جو امتحان ڏيندڙ ڇوڪري 5 سالن لاءِ نااھل

سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ موجب اَمارا ڌيءَ محمد حنيف جون ڊگريون ڪوڙيون آھن. فراڊ ڪندڙ ڇوڪري پنج سالن تائين ڪنھن بہ نوڪريءَ لاءِ درخواست نہ ڏئي سگھندي

حيدرآباد

ڪُوڙي ڊگريءَ ذريعي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سترھين گريڊ جي نوڪريءَ لاءِ امتحان ۾ ويھندڙ ھڪ ڇوڪريءَ جو فراڊ ثابت ٿي ويو.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ جي نتيجن بابت ميڊيا ۾ ايندڙ رپورٽن جو نوٽيس وٺندي، اميدوار مِس امارا ڌيءَ محمد حنيف جي تعليمي سندن جي جاچ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام سان باضابطا طور رجوع ڪيو، ڪميشن جي ترجمان ڪلھ ڇنڇر ڏينھن ھڪ پڌرائيءَ ۾ چيو.  

”زرعي يونيورسٽيءَ جي ڪنٽرولر آف اگزيمنشن پنهنجي حتمي تصديق ۾ واضح ڪيو ته اميدوار طرفان جمع ڪرايل ڊگري، ٽرانسڪرپٽ ۽ پاس سرٽيفڪيٽ سراسر جعلي ۽ بوگس آهن، جيڪي يونيورسٽيءَ ڪڏهن به جاري نه ڪيا آهن،“ ترجمان چيو.

ان تصديق کان پوءِ، ڪميشن اميدوار خلاف سخت قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. سرڪاري ضابطن موجب، ڄاڻايل اميدوار کي پنج (5) سالن لاءِ ڊي بار ڪيو ويندو، جنهن دوران هوءَ ڪنهن به عهدي لاءِ درخواست ڏيڻ جي اهل نه رهندي. ساڳئي وقت سندس موجوده درخواست پڻ رد ڪئي ويندي.

ترجمان پنھنجي پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو تہ ڪميشن وٽ فراڊ، جعلسازي ۽ ڪوڙ جي ڪا به جاءِ ناهي. جيڪو به اميدوار ڪوڙا دستاويز پيش ڪندو، کيس بنا ڪنهن رعايت جي سخت ترين قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button