عبيداللہ سنڌيءَ جا نوان خيال، نظريا ۽ سالن جو سفر
اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور حڪومت چاهيون ٿا. اسان انهيءَ سلسلي ۾ ڪوبہ مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نہ ڏينداسين؛ ۽ اسان هن براعظم جي باقي ملڪن سان فيڊريشن جي ذريعي شريڪ ٿينداسين _ مولانا عبيداللہ سنڌي
نواز خان زئور
دنيا ۾ رهڻ لاءِ ڪيترائي نهايت سهڻا ۽ دلربا ٿاڪ پيا آهن. ان هوندي بہ جيڪڏهن ڪوئي سڀ کان وڌيڪ سهڻو ديار ٿي سگهي ٿو تہ اھو دل جو آهي. دنيا ۾ داستانن مٿان داستان پڻ پيا آهن. دنيا دلفريب داستانن سان سٿي پئي آهي، جن جي لفظ لفظ سان ماڻهو موهجيو ۽ منڊجيو وڃن. پوءِ بہ جي ڪوئي سڀ کان وڌيڪ دلپذير ۽ دلپسند داستان آهي تہ اھو مَحَبت جو داستان آهي. جي ديار دل جو، داستان مَحَبت جو، مٿان وري ٻُڌائجڻ وارو ٿاڪ سنڌ جو ۽ راوي جي ايم سيد هجي، تہ پوءِ قصي جا ويس ورن، رنگ روپ ۽ پيچ ئي نرالا ٿيو وڃن. دل جي سدا بهار دنيا ۾ رهندڙ سائين جي ايم سيد جي مرنجان مرنج قلم مان هونئن تہ ڪيترائي شاهڪار ڪتاب نڪتا، پر سندس من جي نپوڙيل انگور مان نڪتل ”ديارِ دل داستانِ مَحَبت“ جو رنگ ئي ٻيو آهي. هونئن تہ هيءَ ڪتاب بذاتِ خود مٿس هڪڙي الڳ مضمون جو گھرجائو آهي. پر پاڻ ان مان هتي موقعي جي مناسبت سان رڳو هڪڙو ٽڪرو ٿا کڻون. آگسٽ جو مهينو ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي ڏاهي، عظيم مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جو مهينو آهي. ٻاويهين آگسٽ، سندس ورسيءَ جو ڏهاڙو. سو پاڻ مولانا سنڌيءَ سان لاڳاپيل هڪڙي حوالي تي اڪتفا ٿا ڪريون:
”سنڌ ۾ اسان سنڌ اتحاد پارٽيءَ جي بنياد تي جماعت ٺاھي، اسيمبليءَ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ھو. ليڪن سواءِ پروگرام جي، اسان کي ڪنھن نظريي جي پشت ڪانہ هئي.
ان وقت ڌاري مولانا عبيدﷲ سنڌي چوويهن سالن جي جلاوطني بعد موٽي سنڌ ۾ آيو هو. ھو ديوبند جي مڪتب فڪر جو حامل ھو. ھن دنيا ۾ افغانستان، روس، ترڪي، عرب ممالڪ جو سير ڪري، حالات کي جانچي، غور ۽ فڪر بعد نئين نظريي جو اظھار ڪيو تہ ʼھندستاني ھڪ قوم نہ ھئا ۽ نہ مسلمان جدا قوم ھئا. بلڪِ برصغير ھند، جاگرافيائي حدن، زبانن، ڪلچرن، سياسي اقتصادي مفادن جي بنياد تي مختلف قومن جو مجموعو ھو. جي صرف باھمي تعاون سان آزادي حاصل ڪري سگهيا ٿي.`

اھو نئون نقطي نگاھ ھو. ڪانگريس ڪارڪنن ان کي سندن سياسي نظريي ۽ مفاد جي خلاف سمجهيو. مسلم ليگ، جا مسلم اقليت وارن صوبن جي مسلم مستقل مفاد جي نمائندا جماعت ھئي. ان بہ انھيءَ کي سندن مفاد جي خلاف سمجهيو. ھندستاني سياستدانن مان صرف ھڪ راج گوپال آچاريا ھو، جنھن ان نظريي جي حمايت ڪئي، پر ھن کي ڪنھن نہ ٻڌو.
آئون خواجا محمد حسن جان سرهنديءَ جي اثر ھيٺ فرقا پرست بنجي ويو ھوس. ليڪن سنڌ سان ابتدا کان وٺي محبت ھيم. سنڌ جي غريب عوام جي محبت سنڌ جي مترادف ٿي سمجهيم. ان وقت سنڌ اندر ٽي مستقل مفاد طبقا ھئا. جن عوام جو استحصال ٿي ڪيو:
(١) وياج خورن ۽ واپارين جو گروھ
(٢) ڪامورن جو گروھ
(٣) زميندارن ۽ جاگيردارن جو گروھ.
پھرئين ۽ ٻئي گروھ ۾ اڪثريت ھندن جي ھئي ۽ ٽئين ۾ اڪثريت مسلمانن جي ھئي. اسان اول ۾ پھرين ٻن گروھن جي چنبي مان عوام جي جان ڇڏائڻ لاءِ پروگرام رٿي ڪم ڪرڻ چاھيو ٿي. ڇاڪاڻ تہ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلمان زميندار ۽ جاگيردار ميمبرن جو تعداد زيادا ھئڻ ڪري، اسان ٽنھي گروھن سان ھڪ وقت پڄي نہ ٿي سگھياسون. اسان کي ڪانگريس جماعت ۾ اميد ھئي، تہ ھو ھندوستان جي ٻين صوبن وانگر ھتي اسان جي مدد ڪندا، پر جدا چونڊ ھئڻ ڪري ھندو مستقل مفاد ووٽرن جي اثر ھيٺ، ھو اسان جي مدد ڪري نہ سگھيا. جيتوڻيڪ اسان ڳوٺن ۾ ساڻن شامل ٿي، گذريل پروگرام جي بنياد تي ڪانفرنسن ۾ شرڪت پئي ڪئي.
سنڌ ڪانگريس ڪارڪنن جي اھڙي روش ڪري، اسان ردعمل ۾ اچي، بنان سمجھ جي وڃي مسلم ليگ ۾ شرڪت ڪئي. اسان سمجھيو ھو تہ انھي ذريعي مسلمانن کي متحد ڪري، عوامي مسئلا حل ڪرائي سگهنداسين. پر نہ تجربو ھوسون، نہ پورو سياسي شعور ھوسون، جنھن ڪري اسان اھو ڪونہ سمجھي سگھياسون تہ جيڪڏھن ھتي سنڌ ۾ ڪانگريس ھندو مستقل مفاد جي خلاف قدم کڻي نہ ٿي سگھي، تہ ٻئي طرف مسلم ليگ مسلم اقليت وارن مسلمانن جي مستقل مفاد جو اڏو ھئي. سنڌ ۾ ان کي زور وٺائڻ جو نتيجو اھو نڪرڻو ھو تہ ھتي جا خودمطلب زميندار ميمبر، جي عھدن خاطر ھندن جي پوئلڳي ڪري، عوام جي ڀلي لاءِ باوجود اڪثريت ھئڻ جي، ڪجھ ڪري نه ٿي سگهيا، سي اڳتي هلي يو پيءَ ۽ سي پيءَ جي مستقل مفاد مسلمانن سان ملي، سنڌي عوام جا حق نون حاڪمن جي حوالي ڪري ڇڏيندا. پر جوش وقت ھوش سالم نہ رھندو آھي، اسان جي حالت بہ اھا ٿي.
تنھنڪري اسان مسلمانن جي جدا گانا قوم کي حقيقت سمجهي ان لاءِ پرچار ڪرڻ لڳاسون. انھيءَ پرچار وقت اسلامي حڪومت، فروغ اسلام، دنيا جي مسلمانن جي اتحاد، غلبۂِ سنڌ جا نعرا هنيا ويا ۽ ماڻھن کي چيو ويو تہ دؤرِ خلافتِ راشدا کي موٽائي آڻينداسون. اسان کي اھو خيال نہ رھيو تہ جناح ۽ لياقت علي خان ڪھڙيءَ طرح اسلام جا علمبردار ٿي، خلافت راشدا جو زمانو آڻيندا.
ان تحريڪ کي يو. پي مسلمان جي دماغ ۽ پنجابي مسلمان جي مستقل مفاد جي، نئين حڪومت تي قبضي جي خواھش، زور وٺايو. اسان سنڌ ۾ مذھبي جنون جذبي ۾ لڙھي وياسون. اسان کي پتو نہ پيو تہ ڪيڏانھن وڃي رھيا ھئاسون.
نہ مولانا عبيدﷲ سنڌي جي، سنڌي جداگانا قوم جي نظريي اسان تي اثر ڪيو، نہ حضراتِ ديوبند جي عالمن جي مشورن اسان کي راھ راست ڏيکاري.
حالات کي مد نظر رکي، خان بھادر ﷲ بخش سومري اھا پاليسي اختيار ڪئي، جا جيڪڏھن ڪامياب ٿيڻ ڏيون ھا تہ سنڌ ھن وقت يو. پي ۽ پنجاب جي مستقل مفاد جي تسلط ھيٺ نہ رھي ھا، ۽ ممڪن ھو ته پاڪستان ئي موجودا صورت ۾ قائم نہ ٿئي ھا. پر اسان تي مذھب جو جنون سوار ٿي ويل ھو. اسان حالتن جو صحيح اندازو ڪري نہ سگهياسون.“(جي ايم سيد، ”ديارِ دل داستانِ مَحَبت“، ص: ۱۴۰ – ۱۴۱)
ڪڏهن ڪڏهن لڙ ۾ حقيقتون لڙهي وينديون آهن. انگريزن جيڪو ماحول پيدا ڪيو هو، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جيڪو شور مچايو هو، تنهن ۾ دائمي صداقتون پوڻيون پئجي ويون هيون، حق جا ڪيترائي آواز نانجها ٿي ويا ھئا ۽ سچ بي يارو مددگار بڻجي پيو هو. سڄي برصغير جي سياسي ميدان تي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ڇانيل هيون. انهن ڪنهن ٻئي سياسي آواز لاءِ ڄڻڪ وٿي ئي ڪانہ ڇڏي هئي. پر ڳالھ ٻنهين جي ٺيڪ ڪانہ هئي، نظريو ٻنهي جو درست نہ هو. انگريز يورپ جا ماڻهو هئا. يورپ مختلف قومن جي جاگرافيائي آماجگاھ هو ۽ ننڍن وڏن ڪيترن ئي ملڪن ۾ ورهايل هو. تاريخي طور هندستان جي بہ اهائي صورتحال هئي.

هندستان ڪڏهن بہ هڪ ملڪ ۽ هڪ قوم نہ رهيو هو ۽ نہ ئي ڪو ڪڏهن هتي قومن جي ورڇ مذهبن آڌار هئي. قومون جاگرافيائي، ثقافتي، ٻوليائي ۽ قومي سڃاڻپن جي آڌار تي ھڪٻئي کان الڳ، جدا ۽ مختلف هيون. هندستان هزارين ورهين جي تاريخ ۾ ڇڙا ڪجھ سئو سال ئي گڏ رهيو آهي، سو بہ تلوار، ڏنڊي ۽ بندوق جي زور تي. خود سنڌ پڻ هندستان کان الڳ ٿلڳ ۽ جداگانا ملڪ رهي آهي. پراچين سمئي کان وٺي سنڌ پنهنجي جدا سڃاڻپ رکندي آئي. سنڌ تاريخ ۾ صرف ٽي ڀيرا گڏيل هندستان ۾ شامل رهي آهي.
موهن جي دڙي جو پڇاڙڪو دؤر ۽ مهاڀارت جو زمانو هڪڙي ئي جُڳ جي ڳالھ آھن. سنڌو ديش جي سلطنت تي راجا جئدرٿ جي حڪمراني آهي. راجا جئدرٿ جي شادي شهزادي دُشنا المعروف دهشلا ديوي سان ٿي، جيڪا ڪورون خاندان جي وڏي ڌرتراشتر جي ڌيءُ ۽ دريو ڌن جي اڪيلي ڀيڻ هئي. ڪورون سان مائٽي هجن جي ڪري جئدرٿ کي ڀارت جي راجائن جي جنگين ۾ ڇڪجڻو پيو. ڪورون ۽ پانڊون جي لڙائي ۾ هو سنڌ جو لشڪر وٺي ڪرشن ۽ ارجن جي خلاف وڙهڻ ويو. جنگ ۾ هو ارجن هٿان مارجي ويو. مهاڀارت (ڪرو کيتر) جو زمانو ٣٠٠٠ قبل مسيح کان ١۵٠٠ قبل مسيح (ڪن محققن موجب ١٠٠٠ ق م) ڌاري آهي. راجا جئدرٿ سان گڏ دريوڌن بہ ھن جنگ ۾ مارجي ويو. جئدرٿ جي پٽ سروچ ڪوشش ڪئي تہ هو ارجن جو سر کڻي، پر ھُن بدران هو پاڻ جنگ جو بک بڻيو. اهڙي نموني پانڊون يعني ڪرشن ۽ ارجن هي جنگ کٽي ويا. جنهن بعد پانڊو ڀائرن ۾ وڏو يڌشٽر بادشاھ بڻيو. جئدرٿ ۽ سندس پٽ سروچ جي مارجڻ بعد سندس ٻيو پٽ سوراها سنڌ جو حڪمران بڻيو. پر جنگ سببان سنڌو ديش جي سلطنت ڪمزور ٿي وئي.
هيڏي وڏي جنگاڻ جي باوجود آئون هن ڳالھ تي سختي سان بيٺل آهيان تہ موهن جي دڙي جي تباهي انهيءَ جنگ يا ڪنهن ٻيءَ ڪاھ جي ڪري نہ ٿي؛ پر اها مهاڀارت واري جنگ کان ڪافي ورهيہ پوءِ سنڌوءَ جي پورالين دل لڳين يعني ڪنهن مها ٻوڏ واري وارتا جو دهشتناڪ ۽ هولناڪ نتيجو آهي. مهاڀارت کان پوءِ ڪرشن بہ تير لڳڻ سببان لاڏاڻو ڪيو. ڪرشن جي پرلوڪ پڌارڻ بعد سندس شهر دوارڪا پڻ سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. ان کي ڪن روايتن موجب دُرويتا جُڳ جي پڄاڻي سمجهيو ويندو آهي. موهن جي دڙي ۽ دوارڪا جي تباهي سان هڪ دؤر پنهنجي المناڪ پڄاڻي تي پهتو.
جڏهن ڪو دؤر پنهنجي پڄاڻي تي رسندو آهي، تڏهن اهو ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ وقت تائين انتشار ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪندو آهي. تان جو ڪو نہ ڪو مصلح، سڌار پسند يا انقلابي پيدا ٿيندو آهي، جيڪو حالتن کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪپل وستوءَ ۾ ۵٦٣ قبل مسيح ڌاري مهاتما ٻڌ پيدا ٿيو، جنهن هن ساري خطي ۾ پيدا ٿيل انتشار کي ختم ڪرڻ جي روحاني ڪوشش ڪئي. مهاتما ٻڌ کان اٽڪل اڍائي صديون پوءِ ۽ حضرت عيسا عليہ السلام جي ڄمڻ کان لڳ ڀڳ سوا ٽي سئو سال اڳ چندر گپت موريا ان دؤر جو سياسي پاسو هو. جنهن جي جانشين مهاراجا اشوڪ تلوار جي زور تي سڄي هند ۽ سنڌ کي فتح ڪيو. جڏهن هن ڏکڻ هندستان کي فتح ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌو، تہ ٢٦١ قبل مسيح ۾ ڪالنگا واري لڙائي ۾ هڪ لک ماڻهو مارجي ويا. جنهن تي اشوڪا نهايت ششدر ٿيو، جنگين تان ھميشہ لاءِ هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ ٻڌ مت کي قبولي ورتائين. پر ايستائين سنڌ سميت ننڍي کنڊ جا سمورا ملڪ سندس بادشاهت هيٺ اچي چڪا هئا. ھي پهريون ڀيرو هو، جو سنڌ هند جي حڪمرانيءَ جي طابع ٿي وئي. پر اشوڪا جي موت بعد سنڌ وري پنهنجي آزادانا حيثيت بحال ڪرائي ورتي.
اهڙي نموني وقت جي اوڀارين لهوارين مان لنگهندي سورهين صدي عيسوي جي آخري چوٿائي دوران سنڌ مغل سامراجيت جي تسلط هيٺ اچي هڪ دفعو وري هندستاني تخت جي مطيع بڻجي وئي. پر سنڌي انهي غلامي خلاف بہ لڳاتار وڙهندا رهيا. تان جو ١٧٣٦ع ۾ وري ملڪي ڳاٽ کنيائين.
پوءِ ١٨۴٣ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. قبضي جي پنجن ورهين پڄائان ١٨۴٨ع ۾ هنن سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي جي ماتحتي ۾ ڏيئي هندستان جو حصو ڪري ڇڏيو. تاريخ جي انهن ٽن دؤرن کي ڇڏي ڪري باقي سنڌ ڪڏهن بہ هندستان سان شامل نہ رهي آهي. ساڳي صورتحال ڪن ٻين قومن جي پڻ رهي. پر انگريزن انهن سڀني قومن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي هڪ مرڪز تي گڏائي ڇڏيو.
هِتان کان انگريز مخالف سوچ جي اؤسر ٿي،جنهن هندستاني قومپرستي جي شڪل ورتي. جنهن جي نمائندگي انڊين نيشنل ڪانگريس پئي ڪئي. ڪانگريس جو متو هو تہ هندستان جا سڀ ماڻهو، رنگ، نسل، ٻولين ۽ مذهبن جي فرقن جي باوجود هڪ قوم آهن. هڪ هندستاني قوم. انگريزن ان ڳالھ کي پنهنجي بالادستي جي خلاف خطرو سمجهيو. ڪانگريس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ فرقيواريت جو زهر پکيڙيائون

. ʼويڙهايو ۽ راڄ ڪريو` واري انهيءَ حڪمت عملي تحت انگريزن مسلمانن جي پٺيءَ ٺپري ۽ آل انڊيا مسلم ليگ تي هٿ رکيائون. گڏيل هندستاني قوم واري تصور کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻہ قومي نظريو گهڙيو ويو. جنهن موجب مسلمان الڳ قوم هئا ۽ هندستان ٻن قومن، هندوئن ۽ مسلمانن، جو وطن هو. ٻئي موقف بنھ غلط ۽ تاريخي حقيقتن جي مڪمل ابتڙ هئا. نہ هندستان هڪ قوم هو ۽ نہ ئي ٻہ قومون. نہ هندو هڪ قوم هئا، نڪي مسلمان هڪ قوم هئا. هندستان هڪ گهڻ قومي خطو هو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي قومون هيون، جن کي پنهنجي جاگرافيءَ ۽ پنهنجا وطن هئا.
پر پوءِ بہ هندستاني سياست هڪ قومي ۽ ٻہ قومي نظريي جي چوڌاري گردش ڪندي رهي. ڪنهن کي بہ تاريخي حقيقتن ۽ نون نظرين جي ڪا گهڻي سمڪ ڪانہ هئي. ليگي ۽ ڪانگريسي نظريا تہ مُئي هاٿيءَ سين انڌن جهڙو مامرو هو. ٻن انڌن کي گڏائي ڇڏڻ سان مٿن دنيا روشن تہ نہ ٿي پوندي. سو انڌن اوندھ نٿي لٿي. تان جو ويهين صديءَ جو پهريون اڌ پنهنجي پڄاڻي واري ڏهاڪي ڀيڙو اچي ٿيو. عين انهن گھڙين ۾ ١٩٣٩ع جي اپريل مهيني ۾ مولانا عبيدﷲ سنڌي چوٿ صدي جي جلاوطني کي تياڳي ڪراچي بندر تي اچي لٿو، جنهن سان هندستان جي روايتي سياسي نقارخاني ۾ نئون نظرياتي آواز گونجيو:
”روس کي جيڪڏهن يورپ کان جدا ڪيو وڃي تہ اسان جو هندستان بہ پکيڙ، آبادي ۽ قسمين قسمين ٻولين وغيرھ جي حيثيت سان هڪ ننڍي يورپ جي برابر آهي. اڄڪلھ يورپ جي علمي مجلسن ۾ لفظ قوم جي وصف هن ريت بيان ڪئي ويندي آهي تہ قوم اهو انساني ميڙ آهي، جيڪو هڪ ٻولي ڳالهائيندو هجي ۽ ان جي معاشرت ۾ ڪنهن حد تائين هڪجهڙائي ڏٺي وڃي. ڇاڪاڻ تہ ان آباديءَ ۾ هڪ فڪر جلدي پکڙجي سگهي ٿو ۽ ناڻي جي مٽاسٽا بہ سئولائي سان ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ان کي هڪ وحدت مڃڻ ضروري آهي.“
”اسان سنڌ کي ڊومينين اسٽيٽ بڻايون ٿا ۽ برٽش ڪامڻ ويلٿ ۾ شريڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيون ٿا. اسان فلحال ڊومينين حڪومت حاصل ڪرڻ گهرون ٿا. اسان سنڌ جي عام ماڻهن کي وؤنٽ جي قيمت ٻڌائڻ گهرون ٿا ۽ انهيءَ نموني اسيمبليءَ ۾ عوام جي طاقت گڏ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهيون.“
”اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور حڪومت چاهيون ٿا. اسان انهيءَ سلسلي ۾ ڪوبہ مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نہ ڏينداسين؛ ۽ اسان هن براعظم جي باقي ملڪن سان فيڊريشن جي ذريعي شريڪ ٿينداسين. اسان سڄي هندستان کي هڪ ملڪ تصور ڪري ان تي وحداني (Unitary) طرز جي حڪومت ڪرڻ جو سختي سان انڪار ڪريون ٿا. جيڪڏهن هندستان کي هڪ ملڪ نہ سمجهيو وڃي ۽ هن براعظم جو هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي آزاد هجي تہ انهيءَ طريقي سان هندو مسلم مسئلو بہ حل ٿي ويندو ۽ اسان برطانيا سان سمجهوتو بہ ڪري سگهنداسين..“
”سڄو هندستان هڪڙو کنڊ آهي؛ اهو مختلف قومن ۽ ملڪن جو مجموعو آهي.“
هيءَ اُهو جديد خيال ۽ اُهو نظريو هئو، جن کان سڄو ننڍو کنڊ اڳ اڻواقف هو. مولانا عبيدﷲ سنڌي پهريون ماڻهو هو، جنهن انهن خيالن جو برملا اظهار ڪري برصغير جي ماڻهن کي قوم جي نئين تصور ۽ وصف کان آگاھ ڪيو. جلاوطني کيس نئين دنيا ڏسڻ جو موقعو مهيا ڪيو ۽ ذري گهٽ چوٿ صدي جي انهن تڪليفن ڀرين رولاڪين سندس علم، آگهي، سياسي ساڃاھ ۽ سرت ۾ وڏو واڌارو آندو. البت ديس کان ڊگهو وقت ٻاهر رهڻ جو کيس نقصان هيءَ ٿيو جو ڪانگريس ۽ ليگ اڳ ۾ ئي ھندستاني سياسي ميدان ڀري چڪيون هيون ۽ جڏهن مولانا واپس موٽيو تڏهن سندس لاءِ سياسي وٿي ڄڻڪ رهي ئي ڪانہ هئي. ان هوندي بہ هن سياسي طور پتوڙيو ۽ بدقسمت قومن جا نوان نصيب لکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سرو راجيا پارٽي جي منشور ۾ لکيو:
”اسان جي ڪھاڻي ناڪامين جي ڊگهي فهرست ۽ غلطين جي مڃتا سان ڀريل آھي، پر ان ۾ ھڪ خوبي ضرور محسوس ٿيندي يعني ان ۾ مايوسيءَ جو گمان بہ ناھي.“
انهيءَ اٽل يقين، ڀروسي ۽ اعتماد سان اڳتي وڌندي هو هڪ لحظي لاءِ بہ متزلزل نہ ٿيو. سندس زندگيءَ جڏهن چراغِ سحري جيتري وڃي بچي، تڏهن بہ هن پوري يقين سان چيو:
”جيڪڏھن مان مري وڃان ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نڪري نہ وڃي تہ منهنجي قبر تي اچي چئجو تہ انگريز اڃا هتي ويٺو آهي. آئون توهان کي قبر مان آوار ڏيندس تہ مون انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي، هينئر هو هندستان ۾ نٿو رهي سگهي؛ ۽ جلد اوهان مون کي ياد ڪندؤ. آئون پنهنجي معاملي کي ﷲ جي حوالي ڪيان ٿو.“
مولانا عبيدﷲ سنڌي جي اها اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي. سندس لاڏاڻي کان ٽي ورهيہ پوءِ انگريز هتان ويو هليو. البت مولانا سنڌي جو قومي آزاديءَ، سيڪيولرزم، رواداري، جمهوريت، مساوات ۽ عوام جي خوشحالي وارو خواب پنهنجي ساڀيا جي رستي ۾ اڃا رلي رهيو آهي. مولانا پنهنجو معاملو ﷲ تي ڇڏيو هو. جيڪڏهن تاريخ، سياست ۽ انقلاب جا معاملا عوام اڄ بہ پنهنجن هٿن ۾ کڻي وٺي، تہ بيشڪ ﷲ سائين سندس حامي، ناصر ۽ مددگار ٿيندو ۽ مولانا سنڌي جي نون خيالن ۽ جديد نظريي واري قومي انقلاب جو نئون افق نروار ٿي پوندو.
_________________

نواز خان زئور هڪ قومپرست سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏ ليکڪ، اديب ۽ دانشور پڻ آهي. هو جيئي سنڌ قومي پارٽي جو چيئرمين آهي ۽ هن مهل قومپرست جماعتن جي اتحاد جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو سربراھ پڻ آهي. هن هي مضمون ”The AsiaN“ لاءِ خاص طور لکيو آهي.



