Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌ ۾ قومي ورثو قرار ڏنل عمارتون زبون حالت ۾

سال 2017 ۾ صوبائي ثقافت کاتي ھڪ سروي ڪرائي 3371 عمارتن کيقومي  ورثو قرار ڏنو ھو. ثقافت کاتو ٽي ڪميٽيون جوڙي زبون حاليءَ جي شڪار قومي ورثي وارين عمارتن جو جائزو وٺي رپورٽ تيار ڪندو

ڪراچي

صوبائي وزيرِ ثقافت ذوالفقار شاهه اڄ سنڌ ڪابينا کي صوبي اندر ورثو قرار ڏنل عمارتن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ سن 2008ع ۾ اين اي ڊي يونيورسٽيءَ جي ڪيل سروي کان پوء 2,264 عمارتن کي تاريخي ورثو قرار ڏنو ويو ھو پر پوءِ سال 2017ع ۾ ثقافت کاتي هڪ ٻي سروي ڪئي، جنھن کانپوءِ سنڌ ۾ 3,371 عمارتن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو.

وزير چيو تہ سن 1994ع کان وٺي ڪيتريون ئي ورثو قرار ڏنل عمارتون زبون حاليءَ جو شڪار آهن. وزير ثقافت اهڙين عمارتن جي ٻيهر جانچ ڪرڻ لاءِ ٽي ڪميٽيون ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪئي.

ھُن چيو تہ ٽي ڪميٽيون ٺاهيون وينديون جيڪي انهن عمارتن جي حالت جو ٻيهر جائزو وٺنديون. پهرين ڪميٽيءَ  ۾ حميد هارون، آرڪيٽيڪٽ عارف حسن، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، نديم خان ۽ مدد علي سنڌ شامل ھوندا. ٻي ڪميٽيءَ ۾ حميد آخوند، ڊاڪٽر اسماء ابراهيم، آرڪيٽيڪٽ ماروي مظهر، محمد علي ميمڻ، عارف قاسم ۽ آرڪيٽيڪٽ يارب گيلاني شامل ڪيا ويندا جڏھن تہ ٽين ڪميٽي پروفيسر نعمان، فهيم زمان، آرڪيٽيڪٽ ذوالفقار نور، بدر ابڙو، انيل نعيم ۽ شعيب اسماعيل تي مشتمل ھوندي.

ذوالفقار شاھ چيو تہ اهي ڪميٽيون 3,371 ورثيو قرار ڏنل عمارتن جو ٻيهر معائنو ڪري پنهنجون سفارشون ترتيب ڏينديون.

ڪابينا ثقافت کاتي کي ڪميٽيون ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. ڪابينا جي گڏجاڻيءَ جي صدارت وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪئي. وڏي وزير انھيءَ معاملي تي ثقافت واري وزير کي ھدايت ڪندي چيو تہ ثقافت کاتو هڪ يا ٽي ڪميٽيون ٺاهي، پر ورثي وارين عمارتن جي جانچ مڪمل ڪري. ”قومي ورثو پڌرو ڪيل عمارتن جي جانچ پڙتال جي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وڃي،“ سيد مراد علي شاهه چيو. (پريس رليز)

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. بھترين سائين ، اسانجي صوبي خاص ڪري حيدرآباد ، ڪراچي ، سکر روھڙي شڪارپور ۾ انيڪ عمارتون ورھاڳي کان اڳ جون آھن جن تي توجه جي ضرورت آھي گڏوگڏ برطانوي دور جون رھائيشي جايون به گھڻي قدر سو سال پورا ڪري چڪيون آھن انھن مان گھڻيون جايون ٽوڙي ٻيھر ٺاھيون ويون آھن . ڪابينه جو بھتر فيصلو آھي . د

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button