Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

گڏاپ جي موسم ، ٻه ڪتاب ۽ هڪ دل گُهريو مهمان

ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جي خطن وارو ڪتاب ”خط ٻن اديبن جا“  پڙهيم پئي، جنهن کي منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ”خط ٻن ماسترن جا“ چئون ته اڃان به وڌيڪ بهتر ٿيندو. (ڊائريءَ جو ھڪ ورق)

چيتن ميگهواڙ

دوستو! اسڪول کُلي ويا آهن، پبلڪ اسڪول ۾ ته اصل چوطرف وڻ گل، استاد ۽ شاگرد هڪ ٿي ويا آهن. مٿان  وري گڏاپ جي موسم ڪنهن اسلام آباد کان گهٽ ناهي. جنهن گڏاپ ۾ ٻه ڏينهن گهاريا  هوندا ان کي خبر وٺجو ته هتان جي موسم جو ڪهڙو مزو آهي؟

 بهرحال اڄ لائبريري ۾ ويهي جامي چانڊيي پاران سهيڙيل ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جي خطن تي ڪتاب ”خط ٻن اديبن جا“  پڙهيم پئي، جنهن کي منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ”خط ٻن ماسترن جا“ چئون ته اڃان به وڌيڪ بهتر ٿيندو. جنهن به هيءُ ڪتاب پڙهيو هوندو ان کي وڌيڪ خبر هوندي ته انهيءَ ۾ ڪيڏو نه رس چس بيان ٿيل آهي. باقي ته ان واري ڪار ته سُڪن ڪهڙي سار ته وُٺا مينهن ملير تي.

 هن ڪتاب ۾  ابراهيم جويو عبدالقادر جوڻيجي کي ٿو چئي ته ”ٿر ۾ ڌرتي ۽ آسمان ٿر جا ماتا پتا آهن.“ يا وري جوڻيجو ٿر جا حال احوال ڏيندي چوي ٿو ته ” ٻاجهري جا نازڪ سلا ڪوماڻبا وڃن، رڪوع ۾ بيٺا آهن، ٻه ٽي ڏينهن مينهن نه وٺو ته سجدي ۾ ڪري پوندا“ يار وري جوڻيجو، ابراهيم جويي  کي چوي ٿو ته ”اسان وٽ ٿر ۾ ڳئون جي چوري ٿئي ڪو نه ڇاڪاڻ ته چور کي ڳئون صفا سڱن تي چاڙهيو ڇڏي، باقي ڌراڙ سان اهڙو هيج  رکندي جو پئي لڳاتار چٽيندي،“  ”پتڻ تي اُٺ هميشه مار کائي چڙهندو آهي.“ يا وري جنهاڻ جو جوڻيجو چئي ٿو ته ”جماعت اسلامي جو هفتيوار رسالو ”آئين“ پڙهيم ان ۾ ”نارائڻ شام ڪو ڪيسي گولي مارون؟“ جي عنوان تي قراردا پڙهيم، يا وري جوڻيجو  چوي ٿو ته ٻڪريون مهانگيون آهن ٿر ۾ ڀلي ست ڏڪار پون ٻڪريون پر اڪ ڪونڀٽ کائي به گذارو ڪري وينديون. يا وري  جوڻيجو چوي ٿو ته ”ٿالهي ۾ پيرون ڀلي کائو پر ڄار مان پٽي پيرون کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.“

جوڻيجي چوي ٿو ته ٿر جي مارئي واري ميلي ۾ اياز جي وائي سهندو ڪير ميار علڻ فقير کي ٽي چار ڀيرا ڳائي ٻڌائڻي پئجي ويئي. ان مان لڳي ٿو ته اياز به عوامي شاعر آهي، ٿر جي چانڊوڪي محبوبا جي هنج کان به سهڻي آهي.“ وري جوڻيجو جويي کي چئي ٿو ته ”ٿر جي ٻي مائي شهيد بختاور ٿر جي جي ڳوٺ ڊاڀي جي آهي جيڪا خاصخيلڻ آهي”. وري جوڻيجو چئي ٿو ته ”مون کي ته جيڪب آباد بدلي ڪيو ويو آهي.“ مٿان وري ابراهيم جويو چئي ٿو ته ”مون کي ته پشاور ويجهو ڪوهاٽ ۾ بدلي ڪيو ويو آهي. هتي موسم ۽ ماڻهو ته ڀلا آهن پر هتي هڪڙو به اهڙو ماڻهو ڪونهي جنهن جي مادري ٻولي اردو هجي سڀ ٿا هندڪو ٻولي ڳالهائين.

 اڳتي هلي هڪڙي خط ۾ جويو صاحب جوڻيجي کي چئي ٿو ”نهج البلاغه“  ڪتاب ۾ حضرت علي جي هڪ خطبي ۾ برسات متعلق ڀٽائي جي سُر سرنگ جهڙو ٿو مزو اچي. وڌيڪ چئي ٿو، خاص طرح وحدت الوجود جنهن کي هم اوست جو نظريو سڏين ٿا سو ته پوري طرح حضرت علي وٽان ثابت ٿيل ٻڌائيندا آهن، حضرت علي جا اهي خطبا پڙهي آئون پاڻ وحدت الوجود جي صوفين سان انهي راءِ ۾ پاڻ متفق ٿو ڀانيان ته  حضرت علي جي تعليم وحدت الوجود جي نظريي جو بنياد چئي سگهجي ٿي.“

هن ڪتاب ۾ عبدالقادر جوڻيجو رسول بخش پليجي جي ڪهاڻي جو ”پسي ڳاڙها گل“ جو وڏو مداح ٿو لڳي. چئي ٿو ته پليجي جي هن ڪهاڻي جا چرچا هوٽن توڙي مختلف جڳهن تي عام ٿي پيا آهن. هرڪو ٿو چئي ڪهاڻي جو ليکڪ رسول بخش پليجو ڪٿي ملندو؟ جوڻيجو تقريبا هر خط ۾ ابراهيم جويي کي آخر ۾ ٿو چئي ته طول العمراه کي سلام ڏجو يعني رسول بخش پليجي کي سلام ڏجو. جوڻيجو چوي ٿو ته ”طول العمره  مون کي چيو هو ته ”تو کي جيڪڏهن ڳوٺ بدلي ڪرائينداسون ته ملان ٿي پوندين“ ۽ اسان کي ملان نه کپي. مٿان وري جوڻيجو چوي ٿو ته ڳوٺ ۾ ڪافر مولوي سڏيندا اٿم.

 اهڙي طلسمي نثر واري گفتگوءَ ۾ آئون ته صفا محو هئس، اچانڪ منجهند جو 2 وڳي سگا جو وائيس چيئرمئن پروفيسر خالد حسين چنا لائبريري ۾ پهتو. اسان جو گفتگو شروع ڪئي ته اسان حال گهڙي ته ڄڻ پروفيسر خالد حسين چنا ۽ چيتن ميگهواڙ مان بدلجي روحاني طور ابراهيم جويو ۽ عبدالقادر جوڻيجو ٿي وياسين.  ڇاڪاڻ ته اسان جي ڪچهري جو موضوع به ادب ۽ ڪتابن کان ٻاهر نه هو. گفتگو ۾ اسان به هڪٻئي مان پئي سکيوسين. خالد حسين چنا سگا جي تاريخ کي سهيڙي تمام بهترين ڪم ڪيو آهي. تازو ئي هن جو ڪتاب ” سگا گولڊن جوبلي ڪانفرنس“ 1972ع کان 2022ع تائين ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر سيلمان شيخ،  مهتاب اڪبر راشدي، فضل الله قريشي، بخش علي لاکو، ولي محمد روشن،  رفيق احمد جعفري، پيرل خان کوسو، پروفيسر سليم ميمڻ، سميت مختلف سگا جي متحرڪ  دوستن جا مضمون شامل آهن،  جن کي پڙهي سگا جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي جهاتي پائي سگهجي ٿي. ڪتاب جي بيڪ ٽائٽيل تي ادل سومري پاران سگا جو ترانو ڏنو ويو آهي. مون کي اميد آهي ته خالد حسين چنا  سگا جي انسائيڪلو پيڊيا جي حوالي سان پڻ جلد ڪتاب آڻيندو.

__________

علامه علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي  (ڊائريءَ جو ھڪ ورق)

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button