Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ٽسوريءَ کي سنڌ جي گورنر جي عھدي تان ھٽائڻ گھرجي!  

گورنر جي حيثيت ۾ ڪامران ٽسوريءَ جا نفرت سان ڀريل بيان ۽ حرڪتون سنڌ جي امن کي تباھ ڪري سگھن ٿيون

گورنر جون آئيني ذميواريون پوريون نہ ڪري سگھڻ تي ٽسوريءَ کي پاڻ عھدو ڇڏن گھرجي يا وفاقي حڪومت کيس ھڪدم ھٽائي ڇڏي  

نصير اعجاز

ڪامران ٽسوريءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ کان وٺي مسلسل سندس اهڙا قدم آڏو اچي رهيا آهن جيڪي سندس غيرجانبداريءَ تي وڏا سوال اٿاري رهيا آهن. مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن پاران گورنر جي حيثيت ۾ ٽسوريءَ جي بيانن ۽ عملن تي شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي، جن کي سنڌ جي هم آهنگي لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو پيو وڃي.

پسمنظر ۽ لاڳاپا

ڪامران ٽسوري جو واسطو متحده قومي موومينٽ (MQM) سان آهي، جيڪا فوجي آمر جنرل ضياءَ جي زماني ۾ سندس ”ورھايو ۽ راڄ ڪريو“ واري پاليسيءَ ھيٺ قائم ڪئي وئي، ۽ اُن کي هندستان مان لڏي آيل پناھگيرن جي سياسي تنظيم جو نالو ڏنو ويو، جيڪا سالن کان سنڌ جي شھري علائقن ۾ سرگرم رهي آهي. ايم ڪيو ايم پنھنجي قيام کان وٺي ھيل تائين نہ رُڳو نفرت واري سياست ڪئي پر ھزارين بيگناھ ماڻھن جي رت ۾ بہ سندس ھٿ رڱيل آھن.

گورنر جي حيثيت ۾، ٽسوري جون اهڙيون تقريرون ۽ ميڙاڪا سامھون آيا آهن جن ۾ هو مھاجر نعرن سان فخر سان ڳالھائيندو رهيو آهي، ۽ خاص طور مھاجر سڃاڻپ جي پرچار ڪندو رهيو آهي. هن جو اهو رويو سنڌ جي مقامي آبادين لاءِ انتھائي ڏکوئيندڙ ۽ تڪراري بڻجي چڪو آهي.

نفرت جو ٻج پوکڻ واريون تقريرون

ڪامران ٽسوري جي تقريرن کي، سنڌ جي اصلوڪن رھواسين خلاف نفرت انگيز تصور ڪيو پيو وڃي. هو سنڌ جي گورنر جي حيثيت ۾، سڀني قومن، ٻولين ۽ علائقن جي نمائندگي ڪرڻ بدران، هڪ خاص لساني ۽ نسلي گروهه کي اجاگر ڪري ٿو، ۽ اهڙن ميڙن ۾ شريڪ ٿيندو آهي يا خود گورنر ھائوس ۾ اھڙا ميڙاڪا ڪوٺائيندو آھي جتي صرف مھاجريت جا نعرا ھڻائي سماج ۾ نفرت جو ٻج پوکيندو رھيو آھي.

سنڌ جھڙي صوبي ۾، جتي سنڌي، بلوچ، اردو ڳالھائيندڙ، پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻيا ماڻھو گڏجي رهن ٿا، اھڙو تعصباڻو رَويو انتھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو. سنڌ جي سڃاڻپ ئي ثقافتي رنگيني، برداشت ۽ رواداريءَ تي ٻڌل آهي، ۽ ڪنھن به ذميوار عھديدار پاران اهڙيون متعصب ۽ مڇرائيندڙ حرڪتون سنڌ جي امن کي خطري ۾ وجھي سگھن ٿيون.

مسلط ٿيل گورنر

ڪيترا مبصر چون ٿا ته ٽسوري جي مقرري سنڌ جي عوام جي مرضي سان نه، پر وفاقي حڪمرانن جي سياسي چال جو نتيجو آهي، جيڪا خاص سياسي ڌڙابنديءَ لاءِ ڪئي ويئي آهي. سنڌ جي ماڻھن جو خيال آهي ته ٽسوري سندن نمائندو نه آهي، ۽ سندس مقرري صوبائي خودمختياري جي اصولن جي به خلاف آهي.

هم آهنگيءَ لاءِ خطرو

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ ٻين شھرن ۾ ڪيترن ئي سالن جي جدوجھد کان پوءِ مختلف طبقن جي وچ ۾ هڪ سماجي توازن پيدا ٿيو آهي. گورنر جي حيثيت سان، ٽسوري کي اها ذميواري مليل آهي ته هو هن هم آهنگي کي مضبوط ڪري، نه ڪي ان کي نقصان پھچائي. پر سندس موجوده روئي سان لڳي ٿو ته هو سنڌ جي مختلف طبقن ۾ ورڇ وڌائي، اشتعال انگيزي پيدا ڪري رهيو آهي.

پُڇاڻي جي گُھر

سنڌ جي سياسي جماعتن، سماجي اڳواڻن ۽ شھري حلقن طرفان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ڪامران ٽسوريءَ جي هن تڪراري ۽ ورهاست واري روئي جو نوٽيس ورتو وڃي. جيڪڏهن هو پاڻ کي غيرجانبدار نٿو رکي سگھي، ته کيس پاڻ ئي گورنر جو عھدو ڇڏڻ گھرجي، يا وفاقي سرڪار کي گھرجي تہ ٽسوريءَ جي سرگرمين جو نوٽيس وٺي کيس ھڪدم ھٽائي. 

سنڌ جا ماڻھو اهڙو گورنر چاهين ٿا جيڪو سڀني قومن، ٻولين ۽ طبقن جي عزت ڪري، ۽ ڀائيچاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري. نفرت، ورهاست ۽ تعصب سنڌ جي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ نه آهي، ۽ نه ٿيڻ کپي.

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button