ڪالم

خاموش لاش

حميرہ اصغر جي موت جو راز

ليکڪ: فھد آزاد

مان ھيءُ ڪالم صرف ھڪ پڙھندڙ طور نہ پر ھڪ انسان جي حيثيت سان لکي رھيو آھيان، جنھن جي لاءِ سچ، انصاف ۽ ماڻھن جي عزت سڀ ڪجھ آھي، خاص ڪري انھن لاءِ جن کي مرڻ کانپوءِ بہ خاموشيءَ سان دفن ڪيو وڃي ٿو. پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل حميرہ اصغر جي لاش جي پراسرار حالت ۾ ڪراچيءَ في فليٽ مان ملڻ کانپوءِ جيڪي سوال اڀريا، تن جو شروعاتي انويسٽيگيشن ۾ ڪوبہ تسلي بخش جواب ناھي مليو.

مون ان واقعي جون تصويرون، سوشل ميڊيا پوسٽون ۽ خبرون غور سان ڏٺيون، پر اڃا تائين منھنجي دل ۽ دماغ ۾ ڪي ڳالھيون بي چين ڪن ٿيون. ھتي مان اُھي سوال ۽ مشاھدا پيش ڪري رھيو آھيا جيڪي مون کي يقين ڏيارن ٿا تہ ھيءُ ڪو فطرتي موت نہ آھي.

ميڊيا انڊسٽري حميرہ اصغر جي 9 مھينا غائب رھڻ تي خاموش ڇورھي؟

 حميرہ اصغر شوبز انڊسٽري جو حصو ھئي، ھزارين فالوورز ھئا، ھن ڪيترن ڊرامن ۽ پروجيڪٽس تي ڪم ڪيو ھو، ڪيترن کي سندس فليٽ جي لوڪيشن بہ معلوم ھئي تہ پوءِ اٺ نوَ مھينن تائين ڪنھن ڇو پڇا نہ ڪئي؟ ڇو ڪوبہ دوست، پروڊيوسر يا اداڪار ساڻس رابطو نہ ڪيو؟ حيرت جي ڳالھ تہ ھڪ فالوور انسٽاگرام تي حميرہ اصغر جي غائب ھجڻ تي سوال پڻ ڪيو پر ڪنھن بہ ان سوال کي سنجيدگيءَ سان نہ ورتو. ڇو؟

سندس پيءُ لاش قبول ڪرڻ کان انڪار ڇو ڪيو؟

سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالھ اھا ھئي تہ سندس والد پوليس کي چيو تہ ”جيئن چاھيو تيئن ڪيو“، يعنيٰ لاش وصول ڪرڻ کان انڪار، جنھن بعد شوبز انڊسٽري جي ٻن ستارن ۽ سنڌ حڪومت جي ٻن وزيرن لاش وصول ڪري سندس آخري رسمون ادا ڪرڻ جي خواھش ڏيکاري پر سوشل ميڊيا جي اٿندڙ سندس خاندان تي انيڪ سوالن بعد سندس ڀاءُ ڪراچي آيو ۽ لاش لاھر کڻائي ويو پر اُتي گھر وڃڻ بدران سڌو ماڊل ٽائون جي قبرستان نيو ويو جتي کيس دفنايو ويو. پاڪستاني روايتن ۾ خاص ڪري ڇوڪري جي موت تي اھڙي سرد مھري عام ناھي. ڇا خاندان خوفزدہ ھيو؟ يا سندن لاءِ ڪا شرمندگي ھئي؟ يا ڪجھ دفن ٿيل قصا؟

دروازو اندارن لاڪ ھيو يا ٻاھران؟

پوليس چيو تہ دروازو اندر کان بند ھيو، ان ڪري اھو سندس تنھا ۽ فطرتي موت آھي پر پوليس جي اھڙي بيان سان مان متفق ناھيان ڇو تہ اڄڪلھ جي لاڪ ۾ اھڙا سسٽم موجود آھن جنھن ذريعي دروازي کي ٻاھران لاڪ ڪري سگھجي ٿو پوءِ ظاھر ائين ٿي ٿو تہ دروازو اندارن بند ھجي. ھاڻي ھتي منھنجي ذھن ۾ اھو سوال آھي تہ ڇا پوليس واقعي لاڪ جي ٽيڪنيڪل حالت چيڪ ڪئي؟

فليٽ جون چاٻيون ڪٿي آھن؟

جيڪڏھن مرحومہ اڪيلي فليٽ ۾ آئي تہ پوءِ سندس چاٻيون اندر ھجڻ گھرجن ھا. پر پوليس ڪٿي بہ سندس فليٽ جي چاٻين جو ذڪر نہ ڪيو آھي. تہ پوءِ: چاٻيون ڪٿي ويون؟ڇا ڪو ٻيو آيو ھيو؟ ڇا قاتل چاٻيون کڻي فرار ٿي ويو؟ ھي سوال ھن ڪيس جو رکُ بدلائي سگھن ٿا.

لاش جي بوءِ ڇو ڪنھن نوٽ نہ ڪئي يا نظرانداز ڪيو ويو؟

اٺ نو مھينن تائين لاش فليٽ ۾ پيو ھيو، فليٽ ڪمرشل ايريا ۾ آھي چوڌاري ماڻھن جي موجودگي عام ڳالھ آھي پر ھڪ لاش جي بوءِ چند ڏينھن ۾ خوفناڪ ٿي ويندي آھي تنھن باوجود ڪنھن کي ڪجھ محسوس نہ ٿيو؟ ڇا فليٽ ايئرٽائيٽ ھيو؟ يا لاش جي بوءِ آسپاس ڦھلي ئي نہ؟

وائرل تصوير ۾ سندس لاش جي حالت ڇا ٻڌائي ٿي؟

لاش جي تصوير کي غور سان ڏٺم جنھن ۾ سندس منڍي کي ڏسي اھو بلڪل نٿو چئي سگھجي تہ طبعي موت ۾ اھڙي طرح منھن ڦري سگھي ٿو بلڪہ ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تڙتڪڙ ۾ منھن ڦريو آھي، ٻئي نشاندھي تہ سندس ھٿ ۽ ٻانھون غير فطري نموني موڙيل آھن جيئن ڪنھن فورس تحت موڙيون ھجن. جنھن ۾ سندس ساڄو ھٿ سندس جسم ھيٺان دٻل آھي. ٽئين نشاندھي سندس چھرو ظاھر تہ آھي پر اھو قدرتي موت جو تاثر نٿو ڏئي.  اھو ظاھر ٿئي ٿو تح سندس لاش يا تہ ماري رکيو ويو يا مارڻ کان پوءِ رٿابندي سان رکيو ويو جيئن فطرتي موت جو منظر پيش ٿي سگھي.

فرش جي ٽائل جي وچ ۾ پيلو مواد ڇا آھي؟

تصوير ۾ غور سان ڏسبو تہ ٽائلس جي وچ ۾ زرد رنگ جو مواد نظر اچي ٿو. ڇا اھا ڪا ڪيميائي شيءِ آھي يا بوءِ لڪائڻ لاءِ ڪجھ استعمال ٿيو؟ يا صفائي لاءِ؟ پوليس ڪڏھن بہ ان بابت بيان نہ ڏنو.

سندس ساڄي ڄنگھ تي ڏکيو ڪٽ ڇا ٿو بيان ڪري؟

ساڄي ڄنگھ تي ھڪ صاف ۽ ڊگھو ڪٽ ظاھر آھي. ڇا اھو decomposition سبب ٿيو؟ يا کيس موت کان اڳ زخم رسيو؟ اھو ڪٽ عام ڊيڪمپوزيشن جو نتيجو نٿو لڳي، اھو شايد تشدد جو نشان آھي.

پوليس جي تفتيش ۾ کاڌ خوراڪ جون ايڪسپائري تاريخون ڏٺيون ويون، پر ان گڏ ڪجھ پھلو ڇو مسنگ آھن؟

پوليس کاڌي جي ختم ٿيڻ واري تاريخ تي ڌيان ڏنو، پر؛

چاٻيون!

دروازي جي لاڪ جو قسم!

تشدد جا نشان!

ٻيو ڪو دروازو!

اھي سڀ ڳالھيون وساري ڇڏيون.

ڇا ھي قتل ھيو، جيڪو خودڪشي يا اڪيلائي جي موت وانگر پيش ڪيو ويو؟

جڏھن سڀ نشانيون گڏ ڪريون تہ، صاف ٿو لڳي:

حميرہ اصغر قدرتي موت نہ مئي، يا تہ کيس ماريو ويو يا مارڻ بعد سچ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

خاموشي بہ جرم آھي.

مٿين سڀني اڀريل سوالن جي بنياد تي منھنجي دل ۽ دماغ ھن انتھائي ڏکوئيندڙ سانحي کي فطرتي موت قبول ڪرڻ لاءِ راضي ناھي ۽ ڪو نہ ڪو سچ ضرور ڄاڻي ٿو، شايد پاڙيسري، دوست، رشتيدار يا ڪو رثررسوخ وارو. ھي ڪيس ڊيپلي انويسٽيگييٽ ٿيڻ گھرجي، انڊسٽري، ميڊيا ۽ قانون سڀ خاموش رھيا، پر اسان کي خاموش نہ رھڻ گھرجي. سچ صرف سوال ڪرڻ سان ملندو.


ليکڪ سنڌ جي شھدادڪوٽ قمبر ضلعي جي نصير آباد شھر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button