سنڌ جي وحدت تي سياسي صف بندي، احتجاجن جو سلسلو ۽ اقتداري سياست
سنڌ جي وحدت ڪو عارضي سياسي نعرو، ڪنهن پارٽيءَ جي ملڪيت يا اقتدار جي سوديبازيءَ جو موضوع ناهي. اها سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت ۽ ماڻهن جي گڏيل وجود سان ڳنڍيل حقيقت آهي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي جماعتون پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ گڏيل آواز اٿارين. سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به سياسي ڌر جي خاموشي، اڻچٽائي يا ٻٽو معيار مستقبل ۾ ان لاءِ هڪ وڏو سياسي سوال بڻجي سگهي ٿو. سنڌ کي رڳو احتجاجن ۾ نه، پر پاليسين، عملن ۽ حڪومتي فيصلن ۾ به تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي.

نسيم بخاري
سنڌ جي وحدت، تاريخي سڃاڻپ ۽ جاگرافيائي بقا بابت بحث هاڻي رڳو سياسي بيانن ۽ اخباري سرخين تائين محدود نه رهيو آهي، پر اهو سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ قومي شعور جو هڪ اهم موضوع بڻجي چڪو آهي. سنڌ جي ورهاڱي يا نون صوبن جي قيام بابت وفاقي سطح تان سامهون ايندڙ تجويزن کان پوءِ سنڌ اندر سياسي سرگرمين، احتجاجن، جلسن ۽ بيانن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سياسي طور هڪٻئي کان مختلف ۽ ڪيترن ئي معاملن تي سخت اختلاف رکندڙ ڌريون به هن معاملي تي ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي جي ويجهو نظر اچي رهيون آهن.
22 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ ٿيل سياسي احتجاجن ان بحث کي وڌيڪ اهميت ڏئي ڇڏي آهي. هڪ طرف جمعيت علماءِ اسلام (ف) سنڌ پاران گرومندر، جامعہ بنوري ٽائون ڀرسان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ته ٻئي طرف جيئي سنڌ رهبر ڪميٽيءَ جي سڏ تي سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جي قيام خلاف ريلي ڪڍي وئي. جي يو آءِ جي احتجاج ۾ پارٽيءَ جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن سان گڏ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته جيئي سنڌ رهبر ڪميٽيءَ جي ريليءَ ۾ سنڌ جي قومپرست سياست سان لاڳاپيل ڌريون شامل ٿيون.
جي يو آءِ جي احتجاج ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت به هڪ اهم موضوع طور شامل هئي.
ٻئي طرف جيئي سنڌ رهبر ڪميٽيءَ جي اڳواڻن رياض علي چانڊيي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت قومپرست اڳواڻن جو موقف رهيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف سندن احتجاجي جدوجهد جاري رهندي. سنڌ حڪومت جي هڪ وفد، جنهن ۾ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ سيد ناصر حسين شاهه شامل هئا، قومپرست اڳواڻن سان ملاقات ڪري ڪراچيءَ واري احتجاج کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، پر رهبر ڪميٽيءَ پنهنجي اعلانيل احتجاج تان پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪيو
اصل سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ جي وجود، وسيلن ۽ قومي تشخص بابت ڪنهن به ممڪن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سياسي پارٽيون مستقل گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگھنديون
هن سڄي صورتحال ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا تازا بيان خاص اهميت رکن ٿا. 22 نومبر تي پشاور هاءِ ڪورٽ بار سان خطاب ڪندي هن ملڪ جي سياسي، آئيني ۽ انتظامي صورتحال تي سخت تنقيد ڪئي. سندس هڪ اهم ڳالهه اها هئي ته فوج ملڪ جو دفاعي ادارو آهي ۽ هو فوج کي طاقتور ڏسڻ چاهين ٿا، پر اها طاقت پنهنجي ئي عوام خلاف نه، پر ملڪ جي دشمنن خلاف استعمال ٿيڻ گهرجي.
مولانا جي لفظن جو مفهوم بلڪل واضح هو ته فوج جي اصل طاقت جو رخ ٻاهرين دشمنن ڏانهن هجڻ گهرجي، پنهنجي ماڻهن کي دٻائڻ يا سياسي اختلاف رکندڙن تي دٻاءُ وجهڻ ڏانهن نه. هن چيو ته هو فوج جي خلاف ناهن، پر چاهين ٿا ته فوج پنهنجي دفاعي ذميواريءَ کي ڀرپور نموني نڀائي.
اهو بيان رڳو هڪ سياسي اڳواڻ جو جذباتي اظهار نه، پر ملڪ ۾ سول بالادستي، جمهوري حقن ۽ ادارن جي آئيني حدن بابت جاري بحث جو حصو آهي. مولانا اهو به سوال اٿاريو ته جيڪي ماڻهو ماضيءَ ۾ چئن صوبن کي هڪ انتظامي وحدت ۾ ضم ڪرڻ جا ذميوار رهيا، اهي اڄ وري صوبن کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جون ڳالهيون ڇو ڪري رهيا آهن؟
هن جو اهو موقف سنڌ جي وحدت واري بحث سان به سڌيءَ طرح ڳنڍجي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌ سميت پاڪستان جي ٻين صوبن جي جاگرافيائي ۽ آئيني حيثيت بابت فيصلا رڳو اقتدار جي ضرورتن يا انتظامي تجربن جي بنياد تي نٿا ڪري سگهجن. انهن معاملن ۾ عوام جي مرضي، صوبائي خودمختياري ۽ وفاقي آئين جي اصولن کي بنيادي اهميت حاصل آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ جي ورهاڱي بابت سخت موقف اختيار ڪندي واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي عوام جي مرضيءَ کان سواءِ ڪنهن به قسم جي ورهاڱي يا زبردستيءَ سان نئون صوبو ٺاهڻ جي ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي. هن سنڌ جي ورهاڱي بابت ريفرنڊم جي تجويز تي به اعتراض ڪيو ۽ چيو ته آئين ۾ صوبن جي قيام ۽ تبديليءَ لاءِ هڪ واضح قانوني طريقو موجود آهي.
بلاول جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي اصولي طور عوام جي مرضي، آئين ۽ قانون مطابق صوبن جي قيام جي مخالفت نٿي ڪري، پر سنڌ جي ورهاڱي لاءِ زور زبردستيءَ جي مخالفت ڪري ٿي. هن اهو به سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ريفرنڊم کي ايترو ئي ضروري سمجهيو وڃي ٿو ته پهرين سنڌ اسيمبليءَ اندر ئي ان بابت راءِ ڇو نٿي ورتي وڃي؟
بلاول ڀٽو زرداريءَ جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي وحدت بابت پنهنجو موقف واضح ڪري چڪي آهي. سندس نظر ۾ ريفرنڊم جي تجويز پويان اصل نيت ۽ مقصد کي سمجهڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ريفرنڊم ڪيترائي ڀيرا غيرجمهوري مقصدن لاءِ به استعمال ٿيا آهن.
پيپلز پارٽيءَ جو موقف سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ ان جي حڪمرانيءَ جي حوالي سان به اهم آهي. اها پارٽي گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي ۽ وفاقي حڪومت ۾ به مسلم ليگ (ن) سان گڏ اتحادي حيثيت رکي ٿي. ان ڪري بلاول جو وفاقي حڪومت ۽ ان جي وزيرن کي مخاطب ٿيڻ سياسي طور وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿو.

بلاول هڪ پاسي سياسي نظام ۾ تبديلي، سياسي انتقام جي خاتمي ۽ مخالف ڌر سان ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏئي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي عمران خان جي تحريڪ انصاف کي به پاڪستان جي سياسي حقيقت قرار ڏئي سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪري چڪو آهي.
هن صورتحال جو هڪ اهم پاسو اهو به آهي ته جي يو آءِ جي قيادت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه جي وچ ۾ تازو سياسي رابطن کان پوءِ سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي تي ٻنهي ڌرين جا موقف هڪ ٻئي جي ويجهو نظر اچن ٿا. .
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي وحدت جو معاملو هاڻي رڳو قومپرست جماعتن جي سياسي ايجنڊا نه رهيو آهي، پر مذهبي سياسي جماعتون ۽ وفاقي سياست ۾ سرگرم پارٽيون به ان بابت پنهنجو موقف وڌيڪ چٽو ڪري رهيون آهن.
پير پاڳارو به ميدان تي اچي ويو، فنڪشنل ليگ پاران سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف عوامي رابطه مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين ڌرين جا اختلاف به نظر ۾ رکڻ گهرجن
هن بحث ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلاميءَ جو ڪردار به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. بلاول جي بيان کان پوءِ انهن جماعتن جي اڳواڻن سندس رت وهائڻ واري خبرداريءَ تي سخت تنقيد ڪئي هئي. جماعت اسلاميءَ جي ڪراچيءَ واري قيادت بلاول جي بيان کي سياسي طور نامناسب قرار ڏنو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن به پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ۾ حڪمرانيءَ ۽ سياسي بيانن تي سوال اٿاريا.
انهن جا ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف برقرار آهن. پر سنڌ جي وحدت بابت جي يو آءِ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي موقف ۾ واضح ويجهڙائپ نظر اچي ٿي، جڏهن ته قومپرست ڌريون پنهنجي جدا سياسي سڃاڻپ سان احتجاجي ميدان ۾ سرگرم آهن.
اصل ضرورت اها آهي ته سياسي اختلافن باوجود سنڌ جي آئيني حيثيت، صوبائي خودمختياري ۽ عوام جي حقن بابت ڪنهن به ڌر کي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي.
هن سموري صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم سوال وفاق ۾ حڪمران اتحاد جي وڏي جماعت مسلم ليگ (ن) جي قيادت ڏانهن آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف کي سنڌ جي وحدت ۽ نون صوبن جي قيام بابت پنهنجو موقف واضح نموني عوام آڏو رکڻ گهرجي.
هڪ طرف وفاقي حڪومت جا ڪجهه اهم عهديدار نون صوبن جي قيام، انتظامي يونٽن ۽ ريفرنڊم جي تجويزن جي حمايت ۾ بيان ڏئي رهيا آهن، ته ٻئي طرف پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين انهن تجويزن کي سنڌ جي وحدت لاءِ خطرو قرار ڏئي رهيو آهي.
وفاقي وزيرن طرفان به ان بحث کي اڳتي وڌايو ويو آهي.
پيپلز پارٽيءَ جو اهو مطالبو جائز سياسي اهميت رکي ٿو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ۾ شامل وزير نون صوبن بابت ڳالهائي رهيا آهن ته پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف کي به پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي. رڳو وزيرن جا بيان، تجويزون ۽ سياسي اشارا ڪافي ناهن. سنڌ جي عوام کي اهو ڄاڻڻ جو حق آهي ته وفاق ۾ اقتدار ۾ شامل وڏيون سياسي جماعتون سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بابت ڪهڙي سوچ رکن ٿيون.
سنڌ جي سياسي ڌرين لاءِ گڏيل جدوجهد جو امتحان
سنڌ جي وحدت بابت جاري بحث ۾ هڪ ٻيو اهم پهلو اهو آهي ته سياسي جماعتون رڳو بيانن ۽ احتجاجن تائين پاڻ کي محدود نه رکن، پر سنڌ جي آئيني، سياسي ۽ معاشي حقن بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙين. جيڪڏهن سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ سنڌ جي وسيلن، پاڻي، زمين، سامونڊي پٽي، روزگار، تعليم ۽ صوبائي خودمختياريءَ بابت به گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي.
سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙ سياسي ڌرين کي اهو به واضح ڪرڻ گهرجي ته سندن جدوجهد ڪنهن هڪ جماعت جي اقتدار کي بچائڻ لاءِ نه، پر سنڌ جي عوام جي تاريخي حقن ۽ مستقبل جي تحفظ لاءِ آهي. ساڳئي وقت پيپلز پارٽيءَ کي به پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگيءَ، ڪرپشن جي الزامن، انتظامي نااهلي ۽ عوامي مسئلن بابت تنقيد کي برداشت ڪرڻو پوندو. سنڌ سان محبت جو تقاضو رڳو ان جي جاگرافيائي حدن جي حفاظت نه، پر سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ بهتري آڻڻ آهي.
سنڌ جي وحدت بابت سياسي احتجاجن سان گڏ علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو ڪردار به اهميت رکي ٿو. ان سلسلي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو تازو اجلاس، جنهن ۾ سنڌ جي وحدت ۽ بقا جي حق ۾ متفقه قرارداد منظور ڪئي وئي، هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. اجلاس ۾ سنڌ جي تاريخي وحدت، قومي تشخص ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي تحفظ بابت اتفاق راءِ سان قرارداد منظور ڪئي وئي.
اهڙيون سرگرميون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌ جي وحدت جو سوال رڳو سياسي قيادت جو نه، پر علمي، ادبي ۽ سماجي حلقن جو به گڏيل مسئلو آهي. سنڌ جي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ قومي تشخص کي بچائڻ لاءِ هر سطح تي شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اصل سوال سياسي نعرا نه، پر عوام جي مرضي آهي
هن سڄي سياسي منظرنامي ۾ هڪ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته سنڌ جي مستقبل بابت ڪنهن به فيصلي ۾ سنڌ جي عوام جي مرضي، سنڌ اسيمبليءَ جي آئيني حيثيت ۽ وفاقي اصولن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. نون صوبن جي قيام کي انتظامي سهولتن جو نالو ڏئي ڪنهن به صوبي جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت کي نقصان پهچائڻ درست ناهي.
جيڪڏهن حڪمرانيءَ ۾ مسئلا آهن ته انهن جو حل بهتر انتظام، مضبوط مڪاني حڪومتن، شفاف وسيلن جي ورڇ، ڪرپشن جي خاتمي ۽ پوئتي پيل علائقن جي ترقيءَ ۾ ڳولڻ گهرجي. صوبن کي ٽوڙڻ سان لازمي طور عوام جا مسئلا حل ٿي ويندا، اهڙي دعويٰ لاءِ مضبوط دليل ۽ عملي ثبوت گهربل آهن.
سنڌ جي وحدت بابت پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ قومپرست ڌرين جي ويجهڙائپ هڪ مثبت سياسي امڪان ضرور آهي، پر ان کي مستقل ۽ اصولي گڏيل جدوجهد ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي جماعتن کي به پنهنجي موقف ۾ وضاحت آڻڻ گهرجي ته اهي سنڌ جي عوام جي آئيني ۽ تاريخي حقن بابت ڪهڙي پاسي بيٺل آهن.
مسلم ليگ (ن) جي قيادت لاءِ به هاڻي خاموش رهڻ مناسب ناهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف کي کلي نموني ٻڌائڻ گهرجي ته سنڌ جي وحدت بابت سندن موقف ڇا آهي ۽ وفاقي حڪومت جا مختلف عهديدار جيڪي نون صوبن ۽ ريفرنڊم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ڇا اهي سندن پارٽيءَ جي پاليسيءَ جي نمائندگي ڪن ٿا يا ذاتي سياسي خيال آهن؟
سنڌ جي وحدت ڪو عارضي سياسي نعرو، ڪنهن پارٽيءَ جي ملڪيت يا اقتدار جي سوديبازيءَ جو موضوع ناهي. اها سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت ۽ ماڻهن جي گڏيل وجود سان ڳنڍيل حقيقت آهي.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي جماعتون پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ گڏيل آواز اٿارين. اختلافن جي باوجود گڏ ويهڻ، ڳالهائڻ ۽ آئيني جدوجهد ڪرڻ ئي جمهوري سياست جي سونهن آهي.
سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به سياسي ڌر جي خاموشي، اڻچٽائي يا ٻٽو معيار مستقبل ۾ ان لاءِ هڪ وڏو سياسي سوال بڻجي سگهي ٿو. سنڌ کي رڳو احتجاجن ۾ نه، پر پاليسين، عملن ۽ حڪومتي فيصلن ۾ به تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
_____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



