Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

تنوير عباسي، سنڌ جو منفرد اديب

تنوير پنھنجي شاعريءَ ۾ فطرت کي رڳو خوبصورتيءَ جي علامت نه، پر زندگيءَ جي احساسن سان ڳنڍي ٿو. فطرت سان محبت جو ھڪ ڏيک سندس شاعريءَ ۾ گلن، وڻن، پکين، موسمن، سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جي ذڪرن مان ملي ٿو. ھن روايتي شاعريءَ سان گڏ جديد شاعريءَ جي فني تجربن کي به اهميت ڏني. خاص طور نظم ۽ آزاد نظم جي ميدان ۾ سندس ڪم قابل ذڪر آهي.

حميد منگي

منفرد ليکڪ جي سولي معنيٰ، اھڙو ليکڪ جنھن جو ڪو ثاني يا متبادل نه ھجي، انجي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ھجي يا اھو ٻين کان مختلف انداز ۾ لکڻ وارو ھجي. انجي لکڻ جو اسلوب اھڙو ھجي، جيڪو ٻين ۾ ڳولهجي ته لڀي ئي نه، يا جيڪڏھن نظر اچي به ته، ان ۾ جيڪي خوبيون آھن اھڙيون نه ھجڻ برابر ھجن. مطلب ته منفرد ليکڪ جي معنيٰ، اھڙو اديب جنھن جي لکڻين ۾ ھڪ “الڳ سڃاڻپ“ ھجي. ھتي اھو واضع ڪندا ٿا ھلون ته منفرد هجڻ جو مطلب ھرگز اڪيلو هجڻ ناهي، پر ھو پنهنجي سوچ، خيال، لکڻ جي انداز ۾ ٻين کان الڳ هجڻ آهي. سنڌي ادب ۾ ڪيترائي اهڙا ليکڪ ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي سوچ، موضوعن، ٻوليءَ، اسلوب، ادبي خدمتن سبب الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آھي.

ھونئن ته دنيا کي ٻڌائڻ يا ڏيکارڻ لاءِ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ھڪ مثال ئي ڪافي آھي، جنھن اٽڪل ٽي سئو سال اڳ اھڙي ته منفرد انداز ۾ شاعري ڪئي، جو کيس پاڻ سنڌي ته ڏھن صدين تائين کيس سڃاڻي به نه سگھياسين، جڏھن دنيا جي ٻين ڏاھن ان کي پڙھي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر قرار ڏنو، تڏھن پنھنجا وات پٽجي ويا، اڄ اسين ان جا وارث به سڏايون پيا. اھڙيءَ طرح ئي سچل سرمست جي ستن ٻولين وارو ڪلام به اڄ تائين بحث جو موضوع بڻيل آھي ۽ ان تي به ڀٽائيءَ جيان تحقيقون ھلندڙ آھن. اصل ۾ منفرد ليکڪن جو سلسلو اتي رڪيو ناهي، نه ئي رڪڻو آھي ڇو ته، شعور جو سفر شروع ئي ھاڻي ٿيو آھي، اھو دنگ ڪٿي ڪندو، ان جي ڪنھن کي به خبر ناھي.

اھڙيءَ طرح سنڌ ۾ ٻين منفرد اديبن جو سفر به جاري رھيو، جن ۾ ڪجهه نالا هي به شامل ڪري سگھجن ٿا، مثال طور مرزا قليچ بيگ، جنھن جي علمي وسعت، ترجمي نگاري ۽ گهڻ رخو ادبي پورهيو، جنھن پنھنجي دور جي ادبي لڏي ۾ وڏي پذيرائي حاصل ڪئي. ان کانپوءِ جيڪڏھن ذڪر ڪبو ته، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو به سامھون ايندو، جنھنجي لکڻين ۾ سماجي شعور، اصلاح ۽ مزاحمت ڀريل ملندي. اھڙيءَ طرح وڌيڪ نالن جي کوج ڪبي ته, ھڪ ئي وقت شاعريءَ توڙي نثر ۾ شيخ مبارڪ علي يعني شيخ اياز به پاڻ ملهائيندي نظر ايندو، ھن جي ھر لکڻيءَ ۾ نئين فڪر سان گڏ اظهار جي انفراديت لاجواب ڪندڙ ھئي. ايئن ھڪ ابراهيم جويو به پنھنجي دور جو فلسفي، تعليمدان ۽ ترقي پسند سوچ جو ترجمان رھيو، نه رڳو ايترو پر ان جا ترجما به شاندار رھيا آھن، جيڪي اڄ تائين دلچسپيءَ سان پڙھيا ٿا وڃن.

امر جليل ناول، ڪهاڻيءَ جي منفرد نالي سان گڏ طنز ۽ سماجي شعور جو اھڃاڻ جيڪو اڃا به اسان ۾ موجود آهي پر، ڪجھ وائڙا کيس خدا جو منڪر ڪوٺين ٿا، جڏھن ته انھن کي خود به اھا خبر ناھي ته، خدا جو تصور ڪھڙي مذھب جو ڏنل آھي. نسيم کرل جي ڪهاڻين اندر ان جي فني پختگي، حقيقت نگاريء کان ھر پڙھندڙ واقف آھي. جمال ابڙي، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي نئين روايت وڌي. نبي بخش بلوچ، تحقيق، لوڪ ادب ۽ تاريخي علم ۽ ادب سبب مڃتا ماڻي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، لسانيات، تنقيد ۽ فڪري تحقيق جو وڏو نالو ڳڻيو ويو. آغا سليم ۽ سراج ميمڻ تاريخي موضوعن تي ناول ۽ ڪهاڻيون لکي وڏو نالو ڪمايو. مطلب ڪنهن ليکڪ کي منفرد چوڻ لاءِ رڳو سندس مقبوليت ڪافي ناهي، پر اديب جي فڪري نواڻ، لکڻ جي انفراديت، ان جي علمي گهرائپ ۽ سماج تي ہوندڙ اثر به ڏسڻ گهرجن.

ڊاڪٽر تنوير عباسي به سنڌي ادب جي انهن اهم شخصيتن مان ھڪ رھيو، جنھن کي منفرد اديب ڪوٺي سگھجي ٿو، ھن پنهنجي شاعري، نثر، تحقيق، تنقيد ۽ ادبي خدمتن ذريعي سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي. سندس ادبي شخصيت جو مطالعو ڪندي رڳو هڪ شاعر کي نه، پر هڪ اهڙي اديب کي سمجهڻو پوندو، جنهن جو لاڳاپو پنهنجي دور جي سماجي حالتن، انساني احساسن، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ادبي شعور سان هو. تنوير عباسي کي سمجهڻ لاءِ سندس زندگيءَ جي پنجن پاسن کان ڏسڻ ضروري آهي، تعليمي ۽ ادبي سفر. شاعري ۽ ان جا فڪري موضوع. نثر، تحقيق، تنقيد ۽ سنڌي ادب توڙي سماج لاءِ سندس خدمتن کي پروڙڻو پوندو.

تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نورالنبي عباسي هو پر، اڳتي ھلي ھو ادبي دنيا ۾ تنوير عباسيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934ع، سوڀي ديري، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو گل محمد عباسي ھو سندس اصل شعبو ته طب ھو پر اڳتي ھلي ھن شاعري، تحقيق، تنقيد، ترجمو ۽ سفر نامو لکي پاڻ مڃايو. سندس جنم جي تاريخ بابت مختلف حوالن سان اختلاف ملن ٿا. ڪٿي 7 ڊسمبر 1934ع لکيل آهي، جڏهن ته سنڌي ادبي بورڊ جي هڪڙي مضمون ۾ 7 آڪٽوبر 1934ع ڄاڻايل آهي. تنهن ڪري سوانحي مضمون ۾ تاريخ لکڻ وقت هن اختلاف جو ذڪر ڪرڻ مناسب به لڳي ٿو، بھرحال اڄ اسان جو اھو موضوع ناھي.

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي ابتدائي تعليم ساڌوهيرانند اڪيڊمي ڪراچيءَ مان، مئٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ، انٽر ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ، جڏھن ته ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري مان حاصل ڪئي. ھو تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ خيرپور ۾ طبي خدمتون انجام ڏيڻ لڳو. هن پنهنجي گهرواري ڊاڪٽر قمر عباسيءَ سان گڏجي خانگي اسپتال پڻ هلائي.

تنوير عباسي جي ادبي زندگيءَ جي شروعات بابت جيڪا ڄاڻ ملي ٿي، ان تحت ننڍپڻ کان ئي کيس ادب ۽ شاعريءَ سان دلچسپي هئي. سندس پهريون شعر 1950ع ۾ (يعني ان جي عمر جڏھن 16 سال مس ھئي) ته حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي فنڪار ۾ ڇپيو. شاعريءَ جي شروعاتي دور ۾ هو ”مغموم“ تخلص استعمال ڪندو هئو، پر پوءِ ”تنوير“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ حاصل ڪيائين. سندس پهريون شعري مجموعو “رڳون ٿيون رباب” 1958ع ۾ ڇپيو. ھتي اھو به واضع ڪندو ھلجي ته، سندس شاعريءَ ۾ رڳو رومانويت يعني محبت، جدائي، خوشي، ڏک، اميد، مايوسي ۽ زندگيءَ جون مختلف ڪيفيتن وارا موضوع نه ھئا، پر فطرت سان محبت، انساني احساسن، زندگيءَ جي خوبصورتين، سماجي شعور ۽ انساني جذبن جي ترجماني به ملي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ رومانويت به نمايان آهي، پر اها رومانويت به رڳو محبوب جي حسن تائين محدود نه، پر ان ۾ زندگي، فطرت ۽ انساني رشتن سان محبت به شامل رهي.

تنوير پنھنجي شاعريءَ ۾ فطرت کي رڳو خوبصورتيءَ جي علامت نه، پر زندگيءَ جي احساسن سان ڳنڍي ٿو. فطرت سان محبت جو ھڪ ڏيک سندس شاعريءَ ۾ گلن، وڻن، پکين، موسمن، سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جي ذڪرن مان ملي ٿو. ھن روايتي شاعريءَ سان گڏ جديد شاعريءَ جي فني تجربن کي به اهميت ڏني. خاص طور نظم ۽ آزاد نظم جي ميدان ۾ سندس ڪم قابل ذڪر آهي. سندس شاعراڻي سفر جي مختلف مرحلن ۽ فني تبديليءَ جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. ھتي اھو به لکندا ٿا ھلون ته ڊاڪٽر تنوير رڳو شاعر نه، پر سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو سنجيده محقق پڻ هئو، جيڪو گڻ اڪثر شاعرن ۾ گھٽ ڏٺو ويو آهي.

تنوير عباسيءَ جو ادبي سفر اڳتي ھلي رڳو شاعريءَ تائين محدود نه رهيو پر، هن ادب جي ٻين صنفن تي پڻ ڪم ڪيو. جنھن جا مثال سندس لکيل ڪتابن مان ملن ٿا. تنوير عباسيءَ جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو سندس تحقيقي ڪم به آهي. خاص طور تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ تي سندس تحقيق کيس سنڌي ادب ۾ الڳ مقام ڏنو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ شاهه لطيف جي شاعريءَ کي سمجهڻ، ان جي فني خوبين کي اجاگر ڪرڻ ۽ پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ تحقيقي ڪم ڪيو. سندس ڪتاب شاهه لطيف جي شاعري جا ٻه الڳ الڳ جلد شايع ٿيا. بعد ۾ اهي گڏيل صورت ۾ به ڇپيا. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي لطيفيات ۾ سندس دلچسپيءَ جو هڪ اهم مقصد ڪلاسيڪي شاعريءَ کي رڳو عقيدت جي نظر سان نه، پر ادبي، فني ۽ تحقيقي نظر سان پڙهڻ به هئو.

اھڙيءَ طرح تنوير عباسيءَ، سچل سرمست جي شاعريءَ ۽ سندس فڪر ۾ به خاص دلچسپي ورتي. هن سچل جي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي ادبي حيثيت اجاگر ڪرڻ لاءِ تحقيق ۽ ترتيب جو ڪم ڪيو. جڏھن ته انھيءَ کانسواءِ هن ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي به ترتيب ڏنو، جن ۾ خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ شايد ڪجھه ٻيا به شامل آهن. تنوير عباسيءَ جو اهو پورھيو سنڌ جي پراڻي ادبي ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۽ نئين نسل تائين پهچائڻ جي حوالي سان به اهم آهي.

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ اديب جي حيثيت ۾ شروعات ته شاعريءَ کان ڪئي پر، اڳتي ھلي نثر جي مختلف صنفن ۾ پڻ پنهنجو حصو ڳنڍيو. سندس لکڻين ۾ ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرناما ۽ ترجما به شامل آهن. سندس نثري ڪتابن مان ڪجهه هي آهن. “ترورا” نالي ڪتاب ۾ ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون ۽ سفرناما شامل آهن. اهو ڪتاب سندس مشاهدي، مطالعي ۽ ادبي دلچسپيءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. سندس ھڪ ٻيو ڪتاب “منهن تنين مشعل” جيڪو (1990ع) ۾ ڇپيو. هي خاڪن تي مبني ڪتاب آهي، خاڪي واري صنف ۾ ڪنهن به علمي، ادبي يا سماجي شخص جي زندگي، شخصيت، عادتن ۽ فڪري پاسن کي مختصر پر بامقصد انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ادبي طريقو آهي. اھڙيءَ طرح “ڏوري ڏوري ڏيهه” (1984ع) ۾ ڇپي پڌرو ٿيو، هيء ڪتاب سندس سفرنامو آهي، جنهن ۾ سفر جي مشاهدن، مختلف هنڌن جي احوالن کي ادبي انداز ۾ پيش ڪيو اٿس. تنوير عباسي ھڪ ڪتاب ترجمو ڪري به پنھنجي منفرد حيثيت ثابت ڪئي، ان ڪتاب جو نالو ھئو “جي ماريا نه موت” هي ويٽنامي ناول جو سنڌي ترجمو آهي. ان مان سندس عالمي ادب سان دلچسپي ۽ ترجمي جي ميدان ۾ ادبي پورھئي جو پتو پوي ٿو. تنوير عباسيءَ جو ھڪ ڪتاب “جديد سنڌي شاعري” جيڪو (1981ع) ۾ منظرعام تي آيو. هن ڪتاب ۾ ان وقت جي شاعرن جي جديد سنڌي شاعريءَ جي چونڊ ڪري ترتيب ڏنو. اهڙي ڪم سان نون شاعرن ۽ نون ادبي لاڙن کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ مدد ملي.

تنوير عباسيءَ جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو اهو به آهي ته، هن ادب کي رڳو ذاتي تخليق تائين محدود نه رکيو، پر ادبي ادارن ۽ تنظيمن جي واڌاري ۾ به گھڻي قدر حصو ورتو. سندس اهم ادبي وابستگيون ھيٺين ريت هيون. ھو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو ۽ لڳ ڀڳ 11 سالن تائين ذميواريون نڀايائين. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس ۾ به ڪم ڪيائين. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي تصور ۽ ان جي صلاحڪاري بورڊ سان به لاڳاپيل رهيو. شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾، سچل چيئر جو باني ڊائريڪٽر رهيو. سچل سرمست جي يادگاري تقريبن ۽ ادبي سرگرمين جي انتظامن ۾ حصو وٺندو ھئو. سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي قيام ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيائين. انهن ذميوارين مان ظاهر ٿئي ٿو ته، هو سنڌي ادب جي ادارتي ترقي، ٻوليءَ جي واڌاري، تحقيق ۽ ادبي تنظيم سازيءَ ۾ به دلچسپي رکندو هو.

هتي هڪ ڳالهه اھا به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته، سندس ادبي ڪم مان انسان دوستي ۽ فطرت سان محبت جا لاڙا ضرور ڏسي سگهجن ٿا، پر سندس سياسي يا نظرياتي وابستگيءَ بابت ڪا قطعي راءِ ڏيڻ لاءِ سندس اصل تحريرن، خطن ۽ انٽرويوز جو الڳ سان مطالعو ڪرڻو پوندو. البته پنھنجي آخري ڏينھن ۾، ھو ترقي پسند اديبن جن ۾ رشيد ڀٽي به شامل ھئو انھن سان ويھڪون ڪندو ھو، جنھن مان سندس فڪري رجحانن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر تنوير جي سڀ کان وڏي ڳالهه اھا پلئه پئي ته، سندس آخري خواهش هئي ته سندس جسم طب، تعليم ۽ تحقيق لاءِ ڏنو وڃي، موٽ ۾ سندس اکيون ضرور ڪنهن ضرورتمند کي ڏنيون ويون پر، سندس جسم بابت وصيت تي عمل ڇو نه ٿي سگهيو، ان ڏس ۾ ڪا به ڄاڻ نه پئجي سگهي. بھرحال سندس وصيت منجھان ان جو انسان دوست پهلو نظر اڇي پيو. سندس وفات 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد ۾ ٿي. سندس وفات کان پوءِ سندس ادبي ورثي کي زنده رکڻ لاءِ مختلف ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، پھرين قدم طور شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سندس نالي سان تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو، باقي جي وڌيڪ ڄاڻ نه اٿم.

تنوير عباسيءَ جي ادبي زندگيءَ جو جائزو وٺندي، هڪ اهم ڳالهه اھا به سامهون اچي ٿي ته، هن سنڌي ادب جي ٽن مختلف دورن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پھريون ڪلاسيڪي سنڌي ادب ۽ ان جو تحقيقي مطالعو ڪرڻ سان گڏ لکڻ. ٻيو جديد سنڌي شاعريءَ جا نوان لاڙا متعارف ڪرڻ ۾ ڪوششون وٺڻ ۽ ٽيون ترجمي ذريعي عالمي ادبي دنيا سان رابطي ۾ رھڻ. ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ طرف ڪلاسيڪي شاعرن تي تحقيق ڪئي ته، ٻئي طرف جديد شاعريءَ جي واڌاري لاءِ به ڪم ڪيو. اهڙيءَ ريت سندس ادبي ڪم ۾ روايت ۽ جدت ٻئي گڏ نظر اچن ٿا ۽ اھا ئي ڳالھ ئي کيس ٻين اديبن کان منفرد بڻائي ٿي.

_________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سرگرم رڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ م رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button