ڇَٺ جو قديم ڏڻ: لٿَي سج کي سلام ۽ فطرت جي نئين اُڀار جو جشن
ڇَٺ جي ڏڻ جو سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته انسان کي رڳو اڀرندڙ سج، ڪاميابين ۽ عروج کي ئي سلام نه ڪرڻ گهرجي، پر لهندڙ سج جي احسانن کي به ياد رکڻ گهرجي، ڇو ته هر لهندڙ سج جي پويان هڪ نئين پرهه جو واعدو لڪل هوندو آهي. سج ڪنهن مذهب، ذات يا قوم جي ملڪيت ناهي؛ اهو زندگيءَ جو گڏيل سرچشمو آهي. ڇٺ انهيءَ آفاقي سچائيءَ، فطرت سان محبت ۽ شڪرگذاريءَ جو جشن آهي.

رميش راجا
مان اڪثر سوچيندو آهيان ته فطرت، زندگيءَ ۽ ڪائنات کي متحرڪ رکڻ وارين قوتن سان ايترو گهرو ناتو رکندڙ هيءُ انوکو ڏڻ سڀني هندو برادرين، خاص طور اسان پاڪستاني هندن ۾، عام ڇو نه آهي؟ ڇٺ جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ ڳالهه ان جو شڪرگذاريءَ جو منفرد فلسفو آهي. دنيا جا گهڻا ماڻهو اُڀرندڙ سج کي سلام ڪن ٿا، پر ڇٺ جي روايت جو آغاز لهندڙ سج کي سجدو ڪرڻ ۽ کيس ارگھيا پيش ڪرڻ سان ٿئي ٿو. ڪيتري نه عجيب، حسين ۽ گهري معنيٰ رکندڙ روايت آهي! عام طور ڪير ڪنهن لهندڙ، ٻڏندڙ يا موڪلائيندڙ شئي کي سلام ڪندو آهي؟ پر ڇٺ اسان کي اهو ئي سيکاري ٿو ته جنهن سج پنهنجي روشنيءَ، گرميءَ ۽ توانائيءَ سان ڌرتيءَ کي جيئڻ جو اتساهه ڏنو، فصلن کي پچايو ۽ هر ساهواري جي زندگيءَ کي توانائي بخشي، تنهن جي لهڻ مهل به سندس احسانن کي ياد ڪرڻ گهرجي. خاص طور خريف جي فصلن کي پچائڻ ۽ زرعي زندگيءَ کي سرسبز رکڻ ۾ سج جي ڪردار آڏو هيءُ شڪرگذاريءَ جو اظهار آهي.
پر هيءُ سلسلو سج لهڻ سان ختم نٿو ٿئي. ٻئي ڏينهن پرهه ڦٽڻ کان اڳ عقيدتمند وري درياهن ۽ تلائن جي ڪنارن تي پهچن ٿا ۽ اُڀرندڙ سج کي ارگھيا پيش ڪن ٿا. اهو ڄڻ نئين روشنيءَ، نئين اميد ۽ نئين زندگيءَ جو آڌرڀاءُ آهي، جيڪا ايندڙ ربيع جي فصلن سميت زراعت جي نئين چڪر کي توانائي بخشيندي. اهڙيءَ ريت ڇٺ سج جي ٻنهي روپن، لهڻ ۽ اُڀرڻ، موڪلائڻ ۽ موٽي اچڻ، کي هڪ ئي وقت عقيدت ۽ شڪرگذاريءَ سان ڀيٽا ڏئي ٿو. سج ڪنهن هڪ مذهب، ذات، قوم يا خطي جي ملڪيت ناهي؛ اهو سڄي انسانيت ۽ ڌرتيءَ تي موجود هر ساهواري جي زندگيءَ جو گڏيل سرچشمو آهي. فطرت سان محبت ۽ شڪرگذاريءَ جو هيءُ انوکو جشن ڇٺ سڏجي ٿو.
هن سال ڇٺ جو ڏڻ 13 کان 16 نومبر 2026ع تائين ملهايو ويو. چئن ڏينهن واري هن ڏڻ جي شروعات 13 نومبر تي نَهاءِ کاءِ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ پاڪائيءَ لاءِ وهنجڻ، گهرن جي صفائي ۽ سبزيءَ تي ٻڌل کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي. 14 نومبر تي کرنا جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ سڄو ڏينهن روزو رکڻ کان پوءِ شام جو ڳڙ سان تيار ڪيل کيرڻي ۽ ماني کائي روزو کوليو ويندو آهي. 15 نومبر تي سنڌيا ارگھيا جي موقعي تي عقيدتمند درياهن ۽ تلائن جي ڪنارن تي گڏ ٿي لهندڙ سج کي ارگھيا پيش ڪندا آهن، جڏهن ته 16 نومبر جي پرهه ڦٽيءَ مهل اوشا ارگھيا جي رسم تحت اُڀرندڙ سج کي سلام پيش ڪري ورت پورو ڪيو ويندو آهي.

لفظ ڇٺ سنسڪرت جي لفظ شَشٺي (Ṣaṣṭhī) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڇهون ڏينهن آهي. هيءُ ڏڻ هندو ڪئلينڊر جي مهيني ڪارتڪ جي سُڪلا پکش جي ڇهين قمري تاريخ تي ملهايو ويندو آهي، جيڪا عام طور آڪٽوبر يا نومبر ۾ ايندي آهي. هن ڏڻ جا اهم ثقافتي مرڪز بهار جا تاريخي علائقا مگڌ، مٿلا ۽ ڀوجپور آهن، جڏهن ته جھارکنڊ، اوڀر اتر پرديش ۽ نيپال جو ترائي وارو علائقو پڻ ان جي روايتي سڃاڻپ رکن ٿا. پٽنا، گيا، درڀنگا، مظفرپور، وارانسي ۽ گورکپور ۾ هيءُ ڏڻ وڏي عقيدت سان ملهايو وڃي ٿو. ان جو گهرو تعلق ڀوجپوري، مئٿلي، مگهي ۽ انگيڪا ٻوليون ڳالهائيندڙ برادرين سان آهي، پر هيءُ روايت ذات پات جي حدبندين کان مٿانهين آهي. لڏپلاڻ وسيلي هيءُ ڏڻ دهلي، ممبئي، ڪولڪتا، ماريشس، فجي، برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئناڊا تائين به پهچي چڪو آهي.
ڇٺ جون پاڙون قديم سج پوڄا سان ڳنڍيل سمجهيون وڃن ٿيون. رگ ويد ۾ سورج ديوتا جي واکاڻ ۾ منتر ملن ٿا، جڏهن ته مهاڀارت جي ڪرڻ ۽ رامائڻ جي سيتا سان پڻ هن ڏڻ بابت مذهبي روايتون وابسته آهن. البت اهي ڏند ڪٿائي نسبتون آهن، جن مان هن ڏڻ جي صحيح تاريخي عمر ثابت نٿي ٿئي. جارج ابراهام گريئرسن جي ڪتاب Bihar Peasant Life (1885ع) ۾ ڇٺ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو ان ڳالهه جو اهم دستاويزي ثبوت آهي ته اڻويهين صديءَ ۾ به بهار ۾ هيءَ هڪ مستحڪم ثقافتي روايت هئي.
هن ڏڻ ۾ پيش ٿيندڙ نذرانو به پنهنجي اندر زرعي زندگيءَ ۽ فطرت سان محبت جو هڪ مڪمل داستان رکي ٿو. ڪمند، ناريل، ڪيلو، صوف، مالٽا، موري، هلدي، ادرڪ، سُرن ۽ ٻيا موسمي ميوا ۽ فصل بانس جي ٺهيل روايتي ٽوڪرين، جن کي سوپ ۽ ڏلا چيو وڃي ٿو، ۾ سجايا ويندا آهن. ڪڻڪ جي اٽي ۽ ڳڙ يا کنڊ مان ٺهيل روايتي مٺاڻ ٺيڪوا کي خاص پرساد جي حيثيت حاصل آهي. چانور، کير ۽ گيهه پڻ نذراني ۾ استعمال ٿين ٿا، جڏهن ته شام جو درياهن جي ڪنارن تي مٽيءَ جا ڏيئا ٻاريا وڃن ٿا. خاص طور ڪمند زرخيزي، خوشحالي ۽ زرعي فراوانيءَ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. گنگا هن ڏڻ جو سڀ کان اهم درياهه آهي، جڏهن ته جمنا، گنڊڪ، ڪوسي، بگمتي، سون ۽ پون پون سميت ٻين درياهن، تلائن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي به هي رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون.
ڇٺ جو فلڪياتي ۽ موسمياتي پسمنظر به دلچسپ آهي. هيءُ ڏڻ اتر اڌ گول ۾ سرءُ جي موسم دوران ملهايو ويندو آهي، جڏهن ڏينهن ننڍا ۽ صبح توڙي شامون ٿڌيون ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ سياري جي آمد جا آثار ظاهر ٿيندا آهن. البت سائنسي طور اهڙو ڪو ثبوت موجود ناهي ته ڪارتڪ جي ڇهين قمري تاريخ تي سج جي ڪا خاص فلڪياتي ترتيب يا غيرمعمولي تبديلي ٿئي ٿي. موسمي تبديليون ڌرتيءَ جي محوري جهڪاءَ ۽ سج جي چوڌاري گردش جو نتيجو آهن. تنهن هوندي به لهندڙ ۽ اُڀرندڙ سج ٻنهي کي سلام ڪرڻ جو فلسفو زندگيءَ جي تسلسل، فطرت جي چڪر ۽ شمسي توانائيءَ تي انسان جي انحصار کي هڪ خوبصورت علامتي معنيٰ ڏئي ٿو.

ڇٺ جو هڪ دلچسپ ثقافتي تعلق ڏياريءَ سان پڻ آهي. ٻئي ڏڻ هندو مهيني ڪارتڪ ۾ ملهايا وڃن ٿا. ڏياري ڪارتڪ اماوسيا، يعني نئين چنڊ واري رات تي ٿيندي آهي، جڏهن ته ڇٺ جي مکيه شام واري پوڄا ان کان ڇهه قمري ڏينهن پوءِ ٿيندي آهي. ڏياريءَ جو تعلق لڇمي، گڻيش، خوشحالي ۽ ڏيئن جي روشنيءَ سان آهي، جيڪا اونداهيءَ تي روشنيءَ جي سوڀ جي علامت آهي. ان جي ابتڙ ڇٺ جو مرڪز سورج ۽ ڇٺي مئيا آهن، جن جي پوڄا صحت، خاندان جي ڀلائي ۽ فطرت سان شڪرگذاريءَ جو اظهار آهي. تاريخي طور اهڙو ڪو پڪو ثبوت موجود ناهي ته هڪ ڏڻ ٻئي مان جنم ورتو هجي.
اڄ جڏهن موسمياتي تبديلي، ماحولياتي بگاڙ ۽ درياهن جي آلودگي اسان جي قدرتي وسيلن لاءِ خطرو بڻيل آهن، تڏهن ڇٺ جو پيغام مذهبي حدن کان مٿانهون ٿي سڄي انسانيت لاءِ اهميت اختيار ڪري ٿو. منهنجي خواهش آهي ته فطرت سان محبت، سج جي توانائيءَ جو اعتراف ۽ شڪرگذاريءَ جو هيءُ خوبصورت فلسفو دنيا جي ٻين هندو برادرين سان گڏ اسان پاڪستاني هندن ۾ پڻ وڌيڪ سڃاڻپ ۽ پذيرائي ماڻي.
ڇٺ جو شايد سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته انسان کي رڳو اڀرندڙ سج، ڪاميابين ۽ عروج کي ئي سلام نه ڪرڻ گهرجي، پر لهندڙ سج جي احسانن کي به ياد رکڻ گهرجي. ڇو ته هر لهندڙ سج جي پويان هڪ نئين پرهه جو واعدو لڪل هوندو آهي.
سج ڪنهن مذهب، ذات يا قوم جي ملڪيت ناهي؛ اهو زندگيءَ جو گڏيل سرچشمو آهي. ڇٺ انهيءَ آفاقي سچائيءَ، فطرت سان محبت ۽ شڪرگذاريءَ جو جشن آهي.
_____________

رميش راجا، هڪ سول انجنيئر، دورانديش رٿابندي ڪندڙ، PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب سان چاهه رکندڙ شخصيت آهي، جنهن کي آرٽ ۽ تفريح جو جنون آهي. ساڻس هن اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو engineer.raja@gmail.com



