ڪراچيءَ ۾ سياري جي دير سان آمد پٺيان لڪل موسمياتي حقيقتون ۽ حڪومتي ذميواريون
پاڪستان جي موسميات کاتي موجب خليجِ بنگال ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان علائقائي فضائي گردش تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪراچيءَ ۾ سياري جي متوقع آمد ۾ دير ٿي آهي. اصل سوال اهو ناهي ته سيارو ڪڏهن ايندو، پر اهو آهي ته اسان پنهنجي ماحول، قدرتي وسيلن ۽ شهري زندگيءَ سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو آهي؟ حڪومتون قدرتي موسمن جي اچڻ جو وقت پنهنجي مرضيءَ سان تبديل نٿيون ڪري سگهن، پر اهڙا قدم ضرور کڻي سگهن ٿيون، جن سان ماحولياتي تباهي، شهري گرمي ۽ موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽائي سگهجن.

رميش راجا
ڪراچيءَ جا رهواسي سياري جي آمد جا بي صبريءَ سان منتظر آهن، پر نومبر جو اڌ مهينو گذري وڃڻ باوجود سياري جي روايتي ٿڌڪار اڃا تائين شهر جي در تي دستڪ نه ڏني آهي. صبح جي سونهن، شام جي ٿڌڙي هير ۽ رات جي خوشگوار خاموشيءَ بدران شهر اڃا تائين گرميءَ جي گهيري ۾ آهي. ڏينهن جو گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. سوال اهو آهي ته ڇا هيءَ رڳو موسم جي ڪا عارضي ڦيرو آهي يا عالمي ۽ علائقائي موسمياتي نظام ۾ ايندڙ تبديلين جو ڪو گهرو اشارو؟
پاڪستان جي موسميات کاتي موجب خليجِ بنگال ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان علائقائي فضائي گردش تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪراچيءَ ۾ سياري جي متوقع آمد ۾ دير ٿي آهي. هن طوفان کي اڪوان (Akvan) جو نالو ڏنو ويو آهي. ڀارتي موسميات کاتي جي 17 نومبر 2026ع واري رپورٽ موجب اهو طوفان چنائي کان لڳ ڀڳ 590 ڪلوميٽر اوڀر ۾ موجود هو. ان جي شدت وڌڻ سبب هوائن جي رفتار 120 کان 130 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ تيز جهڪڙن جي رفتار 145 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. ان جي 20 نومبر ڌاري آنڌرا پرديش جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ ان طوفان سبب پاڪستان جي سامونڊي ڪناري کي سڌيءَ ريت ڪو خطرو نه هو، پر ان جي فضائي گردش خطي جي هوائن جي نظام تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. تنهن هوندي به ڪراچيءَ ۾ سياري جي دير جو واحد سبب انهيءَ طوفان کي قرار ڏيڻ اڃا سائنسي طور ثابت ٿيل ناهي.
موسميات کاتي جي 17 نومبر واري اڳڪٿيءَ موجب ڪراچيءَ ۾ 17 کان 19 نومبر دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد آهستي آهستي گهٽجي 19 کان 21 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان هو. صبح جي وقت هوا ۾ گهم جو تناسب 75 سيڪڙو مان گهٽجي 35 کان 45 سيڪڙو ٿيڻ ۽ اتر اوڀر جون هوائون گهلڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. اها صورتحال راتين ۾ ڪجهه ٿڌڪار جي اميد ضرور ڏياري ٿي، پر ڏينهن جي گرمي برقرار رهڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪري ٿي.
هن موسمي صورتحال جي وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي تصوير موسميات کاتي جي آڪٽوبر 2026ع واري رپورٽ مان سامهون اچي ٿي. پاڪستان جو سراسري گرمي پد 25.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 1991ع کان 2020ع تائين جي ڊگهي مدي واري سراسري گرمي پد کان 1.2 ڊگري وڌيڪ هو. سنڌ جو سراسري گرمي پد 30 ڊگري رهيو، جيڪو معمول کان 1.3 ڊگري وڌيڪ هو، جڏهن ته بلوچستان ۾ اهو اضافو 1.7 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ پڻ گرمي پد معمول کان 0.8 ڊگري وڌيڪ رهيو. وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته آڪٽوبر ۾ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ڪا به برسات نه پئي، جڏهن ته هن مهيني جي معمول واري سراسري برسات 5.6 ملي ميٽر آهي. بلوچستان ۾ پڻ معمول جي ڀيٽ ۾ برسات ۾ 80.1 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. اهي انگ اکر رڳو موسمي ڦيرڦار نه، پر خطي ۾ وڌندڙ گرمي ۽ خشڪيءَ جي رجحان جي نشاندهي ڪن ٿا.
ڪراچيءَ جي آبهوا تي عربي سمنڊ جو گهرو اثر آهي. سامونڊي هوائون، هوا ۾ گهم ۽ ساحلي جاگرافيائي صورتحال هتي موسمن جي تبديليءَ جي رفتار کي سست بڻائين ٿا. نومبر ۾ ڪراچيءَ جو معمول وارو وڌ ۾ وڌ گرمي پد لڳ ڀڳ 32.6 ڊگري ۽ گهٽ ۾ گهٽ 17.7 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي. موسميات کاتي جي نومبر 2026ع واري اڳڪٿي، جيڪا ڏهن عالمي موسمياتي ماڊلز تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي گهڻن علائقن، خاص طور سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري ساحلي پٽيءَ ۾ معمول کان وڌيڪ گرمي پد جي نشاندهي ڪري ٿي. ايل نينو سدرن آسڪيليشن (ENSO) ۽ هندي سمنڊ جي ڊاءِپول (IOD) ۾ تبديليون پڻ هن خطي جي موسمياتي نظام تي اثرانداز ٿيندڙ اهم عنصر آهن. ڪراچيءَ ۾ سياري جي حقيقي ٿڌ عام طور ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۾ وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي.
پر هن سڄي صورتحال ۾ اصل سوال اهو ناهي ته سيارو ڪڏهن ايندو، پر اهو آهي ته اسان پنهنجي ماحول، قدرتي وسيلن ۽ شهري زندگيءَ سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو آهي؟ حڪومتون قدرتي موسمن جي اچڻ جو وقت پنهنجي مرضيءَ سان تبديل نٿيون ڪري سگهن، پر اهڙا قدم ضرور کڻي سگهن ٿيون، جن سان ماحولياتي تباهي، شهري گرمي ۽ موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽائي سگهجن. ڪراچيءَ کي رڳو عمارتن، رستن ۽ ڪنڪريٽ جي جهنگ ۾ تبديل ڪرڻ بدران هڪ سرسبز ۽ ماحول دوست شهر بڻائڻ جي ضرورت آهي. مقامي آبهوا سان ٺهڪندڙ وڻن جي وڏي پيماني تي پوک، پارڪن جي بحالي، روڊن جي ڪنارن تي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ ۽ رهائشي علائقن ۾ ساوڪ وارن هنڌن جو تحفظ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪراچيءَ جي ڪلائميٽ ايڪشن پلان ۾ 2030ع تائين گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار مقامي وڻ پوکڻ ۽ 100 کان وڌيڪ بس اسٽاپن تي ماحول دوست ڇانوَ مهيا ڪرڻ جون تجويزون پڻ شامل آهن. تنهن هوندي به اصل ڪاميابي وڻ پوکڻ جي انگ ۾ نه، پر انهن جي بقا ۽ واڌ ويجهه ۾ ماپڻ گهرجي.
قدرتي برساتي نالن، آبي گذرگاهن، دلدلي علائقن ۽ سنڌو درياهه جي ڊيلٽا ۾ تمر جي ٻيلن جي بحالي پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. برساتي پاڻي محفوظ ڪرڻ، زمين هيٺ پاڻيءَ جي سطح بهتر بڻائڻ لاءِ ريچارج کوهه، پاڻي گڏ ڪرڻ وارا تلاءَ ۽ پاڻي زمين ۾ جذب ڪندڙ سطحون شهري رٿابنديءَ جو لازمي حصو بڻائڻ گهرجن. ٻئي طرف صنعتي دونهين، گاڏين مان نڪرندڙ زهريلي گئسن، ڪچرو ساڙڻ ۽ ساوڪ وارن هنڌن جي مسلسل خاتمي تي اثرائتو ضابطو آڻڻ ضروري آهي. توانائي بچائيندڙ عمارتون، گرمي گهٽ جذب ڪندڙ ڇتيون، ڇانوَ وارا فٽ پاٿ، شمسي ۽ هوائي توانائي ۽ بهتر عوامي ٽرانسپورٽ شهري گرمي ۽ فضائي گدلاڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا.
پاڻيءَ جو تحفظ پڻ قومي ۽ شهري ترجيح بڻائڻو پوندو. صاف ڪيل گندي پاڻيءَ کي باغباني ۽ صنعتي مقصدن لاءِ ٻيهر استعمال ڪيو وڃي، زمين هيٺ پاڻيءَ جي بي تحاشا ڪڍڻ کي ضابطي ۾ آندو وڃي ۽ گهٽ پاڻي استعمال ڪندڙ مقامي وڻن جي پوک کي هٿي ڏني وڃي. موسميات کاتي، يونيورسٽين، ماحولياتي ادارن ۽ مقامي حڪومتن کي گڏجي گرمي پد، برسات، هوا ۾ گهم، هوائن جي رخ، سمنڊ جي سطح واري گرمي پد ۽ فضائي گدلاڻ جي مسلسل نگراني ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ خودڪار موسمياتي اسٽيشنن جو وسيع نظام قائم ڪرڻ پڻ ضروري آهي.
پاڪستان وٽ قومي ماحولياتي تبديليءَ واري پاليسي 2021ع، قومي موافقتي منصوبو 2023ع ۽ عالمي ماحولياتي معاهدن تحت ڪيل واعدا موجود آهن. اصل امتحان انهن پاليسين کي عملي منصوبن، مختص ڪيل فنڊن، ماپي سگهجندڙ هدفن ۽ وفاقي، صوبائي توڙي بلدياتي ادارن جي گڏيل سهڪار سان لاڳو ڪرڻ ۾ آهي. ڪراچيءَ جو ڪلائميٽ ايڪشن پلان سرڪاري فائلن جي زينت بڻجڻ بدران شهر جي گهٽين، رستن، پارڪن ۽ ساحلي علائقن ۾ عملي صورت اختيار ڪري.
بيشڪ ڪراچيءَ مان سيارو اڃا موڪلائي ناهي ويو، پر ان جي آمد جو وقت ۽ شدت جاگرافيائي، فضائي ۽ سامونڊي عنصرن کان متاثر ٿين ٿا. شهرين کي شايد اڃا ڪجهه ڏينهن انهن خوشگوار صبحين، ٿڌڙين شامين ۽ نرم هوائن جو انتظار ڪرڻو پوي. پر هن انتظار ۾ هڪ وڏو سبق لڪل آهي: فطرت جو توازن رڳو موسم جي تبديليءَ سان نه، پر انسان جي پنهنجي روين، ترجيحن ۽ اجتماعي ذميوارين سان جڙيل آهي. اسان کي سمجهڻو پوندو ته وڻ رڳو ڇانوَ نٿا ڏين، درياهه رڳو پاڻي نٿا وهائين ۽ سمنڊ رڳو ساحل جي سونهن نٿا وڌائين؛ اهي سڀ زندگيءَ جي ان نازڪ قدرتي نظام جون ڪڙيون آهن، جن سان اسان جي بقا وابسته آهي. سرسبز ڪراچي، محفوظ سنڌو ڊيلٽا ۽ ماحولياتي طور مضبوط سنڌ ئي ايندڙ نسلن لاءِ صحتمند ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت بڻجي سگهن ٿا.
_____________

رميش راجا، هڪ سول انجنيئر، دورانديش رٿابندي ڪندڙ، PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب سان چاهه رکندڙ شخصيت آهي، جنهن کي آرٽ ۽ تفريح جو جنون آهي. ساڻس هن اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو engineer.raja@gmail.com



