Editor's pickMain Slideڪالم

پاڪستان، جتي پنڻ قومي ڪاروبار بڻجي ويو آھي

جڏهن ملڪي حڪمران پنڻ کي عيب نٿا سمجهن ۽ ان عمل جي حوصلا افزائي ڪن ٿا ته پوءِ پنڻ  کي ملڪي ڪاروبار نہ چئجي تہ ٻيو ڇا چئجي؟. هن وقت اوهان جنهن پاسي نظر ڦيرائيندا اوهان کي پنڻ وارا ئي ڏسڻ ۾ ايندا.

پروفيسر مدد علي جهتيال

جڏهن ملڪي حڪمران پنڻ کي عيب نٿا سمجهن ۽ ان عمل جي حوصلا افزائي ڪن ٿا ته پوءِ پنڻ  کي ملڪي ڪاروبار نہ چئجي تہ ٻيو ڇا چئجي؟. هن وقت اوهان جنهن پاسي نظر ڦيرائيندا اوهان کي پنڻ وارا ئي ڏسڻ ۾ ايندا.

سڀ کان پهريان اوهان کي ملڪي حڪمرانن جي ان حوالي سان تاريخ ٻڌائيندو هلان ته اها شروعات ڪٿان ٿي ۽ ڇو ٿي؟ پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع ۾ آزاد ملڪ ٿيو، اسان سڀ تمام گهڻا خوش ٿياسين ته هاڻي اسان پنهنجي پيرن تي بيهي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ کي روشن ڪنداسين ۽ دنيا جا ملڪ اسان جي ملڪ جو مثال ڏيندا، هتي اسان جي لاءِ ته روزگار جا ذريعا تمام گهڻا هوندا ليڪن ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو به اسان جي ملڪ اچي روزگار ڪندا. ڏسندي ڏسندي ملڪي حالات هٿ سان اهڙا ڪيا ويا جو حڪمران اهو سڀ ڪجھ ته نه ڪري سگهيا، البته اهڙا ته حالات ڪري ڇڏيائون جو پاڻ اهو ڪم ڪرڻ  لڳي ويا. سڀ کان پهريان پاڪستان جو پهريون وزير اعظم آمريڪا ويو ته اسان کي ملڪ هلائڻ لاءِ ڪجھ ڏيو، ان کان پوءِ ملڪ کي غذائي بحران ۾ وجهي ملڪ جو وزير اعظم محمد علي بوگرا آمريڪا ويو ته ڪڻڪ ڏيو، اسان جا ماڻهو بک پيا مرن، انهن به دير ئي نه ڪئي پيسا ۽ ڪڻڪ ڏئي اسان جي حڪمرانن کي هيرايو، جيتوڻيڪ اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ھتي ايترو ته خام مال موجود آهي جو وڏي پيماني تي ٻين ملڪن کي ڏئي سگهون ٿا.

ملڪي تاريخ جي قرضن جي تاريخ ڏسون ٿا ته سڀ کان پهريان اسان آئي ايم ايف کان 1958ع ۾ پهريون دفعو قرض ورتو، جنهن کان پوءِ اهو دروازو اهڙو کليو جو بند ئي نه ٿيو ۽ ٻيو دفعو 1965ع ۾ جنگي حالتن جي ڪري قرض  ورتو، وري ٽيون دفعو 1971ع  ۾ بنگال جي عليحده  ملڪ ٿي وڃڻ ڪري 1973ع ۾ قرض ورتو، ايئن چوٿون دفعو جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ روس ۽ افغانستان جنگ  جي حالتن مان فائدو وٺندي قرض ورتو، پنجون دفعو وري محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين دور حڪومت ۾ قرض ورتو ويو. ان جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ميان نواز شريف آيو تہ وري ان قرض ورتو. وري بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ ٽي دفعا قرض ورتو ويو، ان کان پوءِ ملڪ ۾ جنرل پرويز مشرف 1999ع ۾ قرض ورتو. جڏهن آصف علي زرداري صدر پاڪستان ٿيو تہ قرض ورتو ويو، وري ميان محمد نواز شريف حڪومت ۾ آيو ۽ قرض ورتو.

ڪرڪيٽر عمران خان ۽ سندس تحريڪ انصاف جو دور آيو تہ ھُن قرض وٺڻ جا پويان سڀ رڪارڊ ٽوڙي وڏو قرض ورتو، جنهن کان پوءِ سال کن جي حڪومت ميان شهباز شريف جي رهي، جنھن ٿوري عرصي ۾ گهٽ نه ڪيو ۽ قرض وٺي مهانگائيءَ ۾ ايترو ته اضافو ڪيو جو پويان سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. هاڻي ته اها حالت آهي جو اسان قرض وٺڻ کان سواءِ ملڪي ڪار وهنوار نه ٿا هلائي سگهون ۽ قرض به ايترو ٿي ويو آهي جو لاهي به نه ٿا سگهون.

هاڻي اچون ٿا ملڪي پاليسين تي، جنهن ۾ پڻ ِ پنڻ واري پاليسي کي عام ۽ آسان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريان پنهنجن کي نوازڻ يعني پنهنجا ۽ پنهنجن ويجهن عزيزن ۽ يارن دوستن جا پيٽ ڀريا ويا، ڪرپشن کي عام ڪري هر آفيسر توڙي ملازم کي نوازيو ويو، ٺيڪيدارن، سرمائيدارن، ڪمپني مالڪن، کان ويندي ٻاهرين ملڪن جي ايجنٽن جا پيٽ ڀريا ويا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، سستي روٽي پروگرام، ليپ ٽاپ پروگرام، پنهنجو گهر حاصل ڪرڻ جو پروگرام، تندور پروگرام ۽ ٻيا سوين پروگرام شروع ڪري ماڻهن کي پنڻ تي عادي ڪيو ويو، ملڪي خزاني کي پنهنجو ذاتي خزانو ڪري استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جا هلندڙ ادارا توڙي ملڪيتون پڻ وڪرو ڪيون ويون، حڪمرانن جا رويا ڏسي عام ماڻهن به رٿابندي ڪرڻ لڳو ته اسان ڪيئن ان صورتحال مان فائدو حاصل ڪيون. انهن به پنهنجي وس آهر گھٽ نہ ڪئي. جنهن کي جيئن مناسب لڳو اهو ايئن ڪندو رهيو.

ملڪ جي غريب طبقي وري ان مان فائدو وٺڻ لاءِ عام پنڻ جو يعني گهر گلي ۽ دڪان وڃي پنڻ جو سلسلو شروع ڪيو. اڄ اهو ڪاروبار ايترو عام ٿي ويو آهي جو هر پنجون ڇهون ماڻهو اهو ڪم ڪري ٿو. ڪراچيءَ ۾ پنڻ وارو روزانو گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ڪمائي ٿو، اسلام آباد ۾ پنڻ وارو توڙي لاهور، حيدرآباد سکر، ملتان، فيصل آباد کان ويندي وڏن شهرن ۾ پنڻ وارو ماڻهو به روزانو ايترو ڪمائي ٿو، ٻهراڙين ۾ پنڻ وارا ماڻهو ٻيو نه ته روزانو مزدور جيتري ڏهاڙي ٺاهيو وڃي.

اگر اهو سلسلو جاري رهيو ته ڏسندي ڏسندي ملڪ جوهر ٻيون ٽيون ماڻهو پنڻ وارو نظر ايندو. هاڻي ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهو چوٻول آهي ته پاڪستان پينو فقيرن جو ديس ٿي چڪو آهي. خدارا ملڪ ۽ قوم جو سوچو. اهو سلسلو اوهان ڪيسيتائين هلائيندا، ان کي سختي سان بند ڪري اهڙو ڪو منصوبو جوڙيو جو اهي ماڻهو روزگار ڪرڻ کي ترجيح ڏين جنهن سان ملڪ ۽ قوم جو به ڀلو ٿئي. سڀ کان پهريان حڪومت انهن سڀني پروگرامن تي بندش وجهي، هڪ به روپيو ڪنهن کي نه ڏئي، سڀ جو سڀ پنهنجي مدد پاڻ پنهنجن پيرن تي بيهن، اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اهڙي قسم جو لازمي مضمون ڪري پڙهايو وڃي، هنري تعليم عام ڪئي وڃي، جنهن ۾ مرد توڙي عورت کي هنرمند بڻايو وڃي، ان کان علاوھ روزگار جا ذريعا آسان ڪيا وڃن وغيره.

 دنيا ۾ ڪو به ڪم نا ممڪن نه آهي، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته، ملڪ جو هر فرد پنهنجي ذميواري ايمانداري سان سر انجام ڏئي ۽ فضوليات مڪلمل بند ڪري ته اهو سڀ ڪجھ تمام جلد ممڪن ٿي سگهي ٿو. صرف ارادا مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، اچو ته اسان سڀ اڄ وچن ڪريون ته اڄ کان پوءِ اسان محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالينداسين ليڪن ڪنهن جي اڳيان جهول نه جهلينداسين. ۽  ان مهم کي عام ڪنداسين ته جيئن اهو پيغام گهر گهر تائين رسي اهو به هڪ دفعو نه بار بار پهچائينداسين.

________

Madad Jhatial-TheAsiaN

پروفيسر مدد علي جھتيال، حيدرآباد

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button