سنڌي ادب: اچو تہ شاعريءَ ۾ غزل ۽ انھيءَ جي فن کي سمجهون
غزل، عربي ٻوليءَ جي لفظ “غزالہ” مان ورتل آھي۔ جنھنجو مطلب آھي، ھرڻي، يا زحمي ھرڻي۔ پر اصل ۾ آھي زخمي ٿيل ھرڻيءَ جي دانھن، جيڪا ھوءَ ان وقت ڪندي آھي جڏھن شڪاري جانور کان گهايل ٿئي، ان کان جان ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي آھي۔ غزل جي بندن/شعرن کي ھرڻيءَ جا ڇال چيو ويندو آھي۔ غزل پنھنجي ھر شعر يا بند ۾ نئين نڪور خيال ۽ الڳ الڳ موضوع سان ھرڻيءَ وانگر ڇال ڏيندو ئي تہ اڳتي وڌندو ويندو آھي۔ ان جو مطلب وڃي اھو ٿيو تہ غزل ۾ جيترا بند ھوندا اوترا ئي موضوع يا خيال ھوندا۔

ڊاڪٽر خادم منگي
غزل جون ڪيتريون ئي وصفون ھجن، پر غزل جي ھيءَ وصف تہ “غزل خوبصورت عورت سان، گفتگو ڪرڻ کي چئبو آھي،” مونکي نہ ٿي وڻي۔ گهڻو آڳاٽو ڪنھن ماڻھوءَ اسان جي ذھن ۾ اھا غلط چِپ chip لڳائي ڇڏي ھئي۔ ھاڻي مَس وڃي ان مان جند آجي ڪرائي آھي۔ اِن وصف تي مونکي شديد اعتراض آھي۔ ڇا ڪنھن مرد سان غزل ۾ گفتگو نہ ٿي ڪري سگهجي؟ تہ پوءِ ھي ڏسو ڀلا ڪنھن سان گفتگو آھي۔ خالد احمد ھن مطلع ۾ ڪنھن سان مخاطب آھي؟
“ترکِ تعلقات پے رویا نہ تو نہ میں،
لیکن یہ کیا کہ چین سے سویا نہ تو نہ میں“
يا وري ڪيف ڀوپالي ھن شعر ۾ ڪنھن سان ٿو ڳالهائي؟
“ادھر آ رقیب میرے، میں تجھے گلے لگا لوں
مرا عشق بے مزا تھا تری دشمنی سے پہلے”
ان ڪري دوست سان، دشمن سان ۽ رقيب سان بہ، غزل ۾ گفتگو ڪري تہ سگهجي ٿي ني۔
ھلو، ان سوال تي بہ زور نہ ٿا ڏيون۔ ھڪ ٻيو سوال ٿا اڀاريون تہ ڀلا! جيڪڏھن ڪا عورت غزل لکي تہ اھا ڪنھن سان گفتگو ڪري؟ پڪ سان جواب ايندو تہ عورت تہ مرد سان مخاطب ٿيندي۔ مثالطور: ھي ڏسو ھتي ھڪ عورت، انجم رھبر ڪنھن سان گفتگو ٿي ڪري؟
”اپنی آوارہ مزاجی کو نیا نام نہ دو،
مجھ کو جنت سے نکلوانے کا الزام نہ دو“
ھونءَ تہ ھڪ عورت ٻئي عورت سان بہ غزل ۾ گفتگو ڪري سگهي ٿي؟
“سَکِي! پِيا کي مِلين تہ چئجانس، چاندنی تو سوا نہ ٿيندي”
اچين تہ منھنجي اماس ۾ آءُ، ڇو تہ ٻي رات ڪا نہ ٿيندي”
شيخ اياز جي غزل جي ھن مطلع ۾ ھڪ عورت ٻئي عورت يعني پنھنجي سکيءَ/ساھيڙيءَ سان مخاطب آھي ۽ پنھنجي محبوب (جيڪو مرد آھي ۽ جنھنکي ھت “پيا” لکيو ويو آھي) ڏانھن ان ساھيڙيء ھٿان پيغام ٿي اماڻي تہ کيس وڃي چئہ تہ ستت ورڻ جي ڪري۔ ھتي چنڊ اڀرڻ سان چانڊوڪي نہ ٿي ٿئي۔ چنڊ جون راتيون بہ مون لاءِ اماس/اونداھيون راتيون آھن۔ ڇو تہ روشني صرف تو وٽ آھي۔ سو مون چوڻ پئي چاھيو عورت بہ عورت سان غزل ۾ گفتگو ڪري سگهي ٿي۔ ان ڪري غزل جي گفتگو ۽ تخاطب کي صنفي بنديخاني ۾ نہ رکیو وڃي۔ غزل کي آزاد پنڇي سمجهيو وڃي۔ ھاڻي غزل جي وصف ۾ بہ تبديلي اچڻ کپي۔ ۽ غزل جي نئين وصف ھجڻ کپي ” شاعريءَ جو اھڙو پيرايو جنھن ۾ ڪا بہ صنف ڪنھن بہ صنف سان گفتگو ڪری سگھي”۔ يا وري ڀلا گهٽ ۾ گهٽ ھيئن ئي لکجي تہ پنھنجي مخالف صنف يعني محبوبہ یا محبوب سان گفتگو ڪجي۔ انگريزن تہ صنف/gender وارو قصو ئي ختم ڪري ڇڏيو آھي۔ محبوبہ ۽ محبوب، ٻنھي لاءِ لفظ “beloved” آھي۔ ان ڪري ھاڻي وڃي وصف بيٺي “Conversations with beloved” ھيءَ وصف پراڻي وصف کان ڪافي بھتر آھي۔ پر beloved مخالف صنف جو ھجي۔ “مخالف” جي معني ھتي دشمن ناھي۔ محبوبہ/محبوب آھي.
غزل، عربي ٻوليءَ جي لفظ “غزالہ” مان ورتل آھي۔ جنھنجو مطلب آھي، ھرڻي، يا زحمي ھرڻي۔ پر اصل ۾ آھي زخمي ٿيل ھرڻيءَ جي دانھن، جيڪا ھوءَ ان وقت ڪندي آھي جڏھن شڪاري جانور کان گهايل ٿئي، ان کان جان ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي آھي۔ غزل جي بندن/شعرن کي ھرڻيءَ جا ڇال چيو ويندو آھي۔ غزل پنھنجي ھر شعر يا بند ۾ نئين نڪور خيال ۽ الڳ الڳ موضوع سان ھرڻيءَ وانگر ڇال ڏيندو ئي تہ اڳتي وڌندو ويندو آھي۔ ان جو مطلب وڃي اھو ٿيو تہ غزل ۾ جيترا بند ھوندا اوترا ئي موضوع يا خيال ھوندا۔
پر اتي وري نظم جا شاعر منجهي پيا۔ نظم جي شاعرن کي پنھنجي ڳالهہ ھڪ موضوع ۾ ڪرڻ جي ھير پيل ھوندي ھئي۔ انھن لاءِ غزل جي صنف ڄڻ تہ ناڪاره بڻجي وئي۔ سو انھن جي سھولت لاءِ وري غزل مسلسل ايجاد ڪرڻو پيو۔ ھي غزل ۽ نظم جي شاعرن جي ڄڻ تہ مشترڪہ ايجاد آھي۔ ھن کي نظماڻو غزل بہ چيو ويندو آھي۔ مطلب تہ اھو غزل، جنھن جو موضوع ئي ھڪ ھجي۔ اصولن غزل جو ھر بند الڳ موضوع ھجڻ کپي، جيڪا غزل جي بنيادي گهرج بہ آھي۔ پر ڪجهہ شاعر موضوع جي ھٿان مجبور ھوندا آھن ۽ ھڪ ئي موضوع تي غزل لکندا آھن۔ انھن لاءِ اصولن ۾ ٿوري گنجائش ڪڍي ڦير ڦار ڪبي آھي۔ مثالطور۔ احمد فراز جو جڳ مشھور غزل آھي تہ،
“سنا ہے لوگ اسے آنکھ بھر کے دیکھتے ہیں،
سو اس کے شہر میں کچھ دن ٹھہر کے دیکھتے ہیں۔
سنا ہے بولے تو باتوں سے پھول جھڑتے ہیں،
یہ بات ہے تو چلو بات کرکے دیکھتے ہیں۔
سنا ہے دن کو اسے تتلیاں ستاتی ہیں،
سنا ہے رات کو جگنو ٹھہر کے دیکھتے ہیں۔
سنا ہے اس کے بدن کی تراش ایسی ہے،
کہ پھول اپنی قباعیں کتر کے دیکھتے ہیں۔
سنا ہے ہےاس کی سیاہ چشمگی قیامت ہے،
جو سرمہ فروش ہیں، اسے آھ بھر کے دیکھتے ہیں۔
رکے تو گردشیں اس کا طواف کرتی ہیں،
چلے تو اس کو زمانے ٹھہر کے دیکھتے ہیں۔”
ھي سڄو طويل غزل ھتي لکڻ جھڙو آھي۔ دل ٿي چوي تہ ان جا سڀئي بند لکجن، پر طوالت جي خوف کان بس ايترو ئي ڪافي آھي۔ ھر بند لاجواب اٿس۔ ھي غزلِ مسلسل آھي۔ ان ڪري ھھڙن شاعرن جي سھولت خاطر غزل تان اھا پابندي بہ ختم ٿيل آھي تہ ھن جي ھر بند ۾ ڪو الڳ الڳ موضوع ئي لکبو۔ جيڪڏھن پابندي ھجي ھا تہ ھھڙو سھڻو رومانوي غزل نہ سرجي سگهجي ھا۔ ان مان ثابت ٿيو تہ جيترو بھتر گهڻ موضوعاتي غزل لکي سگهجي ٿو، اوترو ئي بھتر ھڪ موضوع وارو غزلِ مسلسل۔
ٿوري دير لاءِ نظم کي سمجهون، پوءِ اڳتي، صرف ۽ صرف غزل جون ئي ڳالهيون ڪيون ٿا۔ غزل ۽ نظم ۾ ٿلھي ليکي ٻہ چار الڳ الڳ خوبيون آھن، جنھن جي بنياد تي غزل کي نظم کان ڌار صنف ڪري سگهجي ٿو۔ غزل جو ھر شعر پنھنجي مفھوم ۾ آزاد ۽ مڪمل ٿيندو آھي۔ ھڪ شعر جو ٻئي شعر سان موضوعاتي طور جڙيل ھجڻ لازمي ناھي۔ ٻئي طرف نظم ۾ ھڪ ئي مرڪزي خيال یا موضوع ٿيندو آھي۔ نظم پنھنجي عنوان جي گليشيئر مان ڦڙو ڦڙو ٿي رجندو ويندو آھي۔ ۽ پوءِ اوچتو آبشار وانگر مٿان کان ھيٺ ڪرندو آھي۔ ھن ۾ نڪور تشبيھن، استعارن، تمثيلن ۽ ترڪيبن جا گرم گرم چشما ملندا ويندا آھن۔ ھر سٽ ھڪ نئين tributary کڻي ايندي آھي۔ اڳتي ھلي منجهس نديءَ جي وھڪري جھڙي رواني پيدا ٿيندي آھي۔ جيڪو ورن وڪڙن ۽ لاھين چاڙھين کان ٿيندو وڃي خيال جي بلند ترين سطح جي ڪلائيميڪس تي پھچي آخرڪار وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آھي۔ ھن ۾ خيال جي گليشيئر کان وٺي سمنڊ جي ڪلائيميڪس تائين، تسلسل ڪٿي بہ نہ ٽٽندو آھي۔ اشفاق حسين جو نظم آھي، زومنگzooming۔ اچو تہ ان ۾ خيال جي رعنائي ۽ ڪلائيميڪس جي سرور مان لطف اندوز ٿيون۔
”دیکھوں جو آسماں سے تو اتنی بڑی زمیں۔
اتنی بڑی زمین پر چھوٹا سا اک شہر۔
چھوٹے سے ایک شہر میں سڑکوں کا ایک جال۔
سڑکوں کے ایک جال میں ویران سی گلی۔
ویراں گلی کے موڑ پر تنہا سا اک شجر۔
تنہا شجر کے سایے میں چھوٹا سا اک مکاں۔
چھوٹے سے اک مکان میں کچی زمیں کا صحن۔
کچی زمیں کے صحن میں کھلتا ہوا گلاب۔
کھلتے ہوئے گلاب میں مہکا ہوا بدن۔
مہکے ہوئے بدن میں سمندر سا ایک دل۔
اس دل کی وسعتوں میں کہیں کھو گیا ہوں میں۔
یوں ہے کہ اس زمیں سے بڑا ہو گیا ہوں میں۔”
ان ڪري شاعري/نظم، سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جو آرٽ آھي تہ وري ٻئي پاسي نثر، ڪوزي مان سمنڊ جوڙڻ جو. موزون شاعري ھڪ اٿاھ ساگر آھي۔ ھن کي سمجهڻ لاءِ علم عروض جي ڪنھن ڪتاب جي بہ مدد وٺڻ گھرجي۔ پروفيسر نظير جروار جو ڪتاب “ميزان” ان موضوع تي مختصر مگر جامع ڪتاب آھي۔ شاعريءَ تي لکڻ مھل شاعراڻہ صنعتن تي بہ لکڻو پوندو آھي۔ ھي صنعتون غزل ۾ خصوصي طور ۽ باقي سموري شاعريءَ ۾ عمومي طور شامل ھونديون آھن۔ ھي صنعتون شاعريءَ جھڙي نفيس دوشيزه جي سراپي ۾ وڌيڪ سونھن وجهندڙ ڳھ ڳٺا ۽ ھار سينگار آھن۔
١۔ تشبيھ/Simile: جنھن ۾ لفظ جيئن، وانگر يا جھڙو استعمال ٿيندو آھي۔ مثال طور: چنڊ جھڙو چھرو، گل وانگر ٽڙيل مُک۔ رات جھڙا ڪارا وار۔ سمنڊ جھڙيون گھريون اکيون۔ شينھن جھڙو بھادر، لومڙيءَ جھڙو مڪار،
انگريزيء ۾ تشبيھ لکڻ وقت لفظ “as” ۽ “like” لکبا آھن اردوء ۾ جيسے، جون، مثل، جتنا آھي۔ ۽ فارسيء ۾ “چون”
امير خسرو جي غزل ۾ ھيءَ تشبيھ ڏسو۔ وڇوڙي جي رات محبوب جي ڊگهن وارن جيڏي آھي ۽ ملاقات جو ڏينھن مختصر ڄمار جيترو آھي۔
“شبانِ ہجروں دراز چوں زلف و روزِ وصلت چوں عمرِ کوتاہ،
سکھی! پیا کو جو میں نہ دیکھوں تو کیسے کاٹوں اندھیری رتیاں۔”
اڙدوءَ ۾ ھڪ نظم آھي۔
اک لڑکی کو دیکھا تو ایسا لگا
جیسے کھلتا گلاب، جیسے شاعر کا خواب
جیسے اجلی کرن، جیسے بن میں ہرن
جیسے چاندنی رات، جیسے نرمی کی بات
جیسے مندر میں ہو اک جلتا دیا۔
اک لڑکی کو دیکھا تو ایسا لگا۔
جیسے صندل کی آگ، جیسے پریوں کا راگ
جیسے ریشم کی ڈور، جیسے ناچتا مور،
جاويد اختر جي ھن ھڪ جڳ مشھور نظم ۾ الائي ڪيتريون تشبيھون ڪُٽي ڪُٽي ڀريون ويون آھن۔
٢۔ استعارو/Metaphor: ھن ۾ سڌو سنئون لفظ لکبو آھي۔ ھن ۾ جيئن، وانگر يا جھڙو لفظن جي لکڻ کانسواءِ ئي سٽ تخليق ڪبي آھي۔ مثالطور:
“تون آن باغ حسن جو گل گل۔
اسان واس وٺڻ لئہ بلبل“
ولايت شاھ جي ھن ڪافيءَ ۾ ھتي “گل” ۽ “بلبل” ٻئي استعارا آھن۔
گلزار جي ھن نظم ۾ استعار ئي استعارا آھن۔
پيرن جا ڪنول ٽڙڻ، ڳٽن ۾ چگهہ پوڻ، چيلهہ جو موڙو، نديء جو ور وڪڙ کائڻ، پوک جو پچڻ، اس جو اڏرڻ، ھي سڀ استعارا آھن۔
“چھوڑ آئے ہم وہ گلیاں
جہاں ترے پیروں کے کنول گرا کرتے تھے
ہنسے تو دو گالوں میں بھنور پڑا کرتے تھے
تری کمر کے بَل پر ندی مڑا کرتی تھی
ہنسی تری سُن سُن کر فصل پکا کرتی تھی
جہاں تری ایڑی سے دھوپ اُڑا کرتی تھی
سنا ہے اُس چوکھٹ پر اب شام رہا کرتی ہے
دل درد کا ٹکڑا ہے پتھر کی ڈَلی سی ہے
اِک اَندھا کنواں ہے یا اِک بند گلی سی ہے
اِک چھوٹا سا لمحہ ہے جو ختم نہیں ہوتا
میں لاکھ جلاتا ہوں یہ بھسم نہیں ہوتا.”
٣۔ ڪنايو/Metonymy: ھن ۾ ظاھري لفظن منجهان لڪيل يا پوشيده معنا ڪا ٻئي ورتي ويندي آھي۔ ڪنايو، رمز يا اشاري ۾ بيان ڪرڻ کي چئبو آھي۔ جيئن چئبو آھي تہ قانون جا ھٿ ڊگها ٿيندا آھن۔ پر ڏٺو وڃي تہ قانون کي بظاھر تہ ھٿ ھوندا ئي ناھن۔ ان جي معنا آھي قانون جي پھچ مٿي تائين آھي۔
”تر دامنی پہ شیخ ہماری نہ جائیو،
دامن نچوڑ دیں تو فرشتے وضو کریں۔“
ھتي دامن جي صاف ھجڻ جو مطلب آھي تہ ھو بیگناھ آھي۔
٤۔ تجنيس حرفي، Alliteration: ھڪ ئي سٽ ۾ ساڳين ئي شروعاتي اکرن وارا لفظ لکي شاعريء ۾ چس پيدا ڪبو آھي۔
“ڪن پٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا، ڪن چير۔”
سدا رھن سامھان، عاشق اتر ھير”
لطيف سائينء جي بيت جي مٿين سٽ ۾ اکر ڪ (ڪاف) بار بار لفظ جي شروعات ۾ اچي ٿو۔ ھي تجنيس حرفي آھي۔
٥۔ تجنيس تام/ Homonym: جن لفظن جو تلفظ، اچار ۽ لکت ھڪ جھڙي ھجي پر سٽ ۾ مطلب الڳ الڳ نڪري۔ اھڙي خوبصورت لفظن جي اڻت ۽ سٽاء کي تجنيس تام چئبو آھي۔
“ور ۾ ڪونھي ور، ڏيرن ور وڏو ڪيو۔
نھارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بر۔
آڏو ٽڪر ٽر، متان روھ رتيون ٿئين”
لطيف سائينءَ جي ھن بيٿ ۾ پھريون ور، مڙس آھي ۽ ٻيو ور، ڏنگائي يا بيوفائي آھي۔
يا وري۔
“ایک قطرہ بھی ملتا نہیں پیاس میں
ہم نے دریا کی دریا دلی دیکھ لی”
پھريون لفظ درياءُ آھي۔ ۽ ٻيو سخاوت جي معني ۾ اچي ٿو۔
٦۔ تجسيم/ Personification: ھن ۾ بي جان شين کان اھڙا ڪم وٺبا آھن جيڪي ڪم جاندار/انسان ڪندو ھجي۔ مثال ھوا ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ٿي ڪري، گل کلي ٿو۔ چنڊ ڏسي ٿو۔ پروین شاڪر جي ھن غزل ۾ ڏسو، رنگ ڳالهائي ٿو ۽ درد مھڪي ٿو۔
“رنگ باتيں کریں اور باتوں سے خوشبو آئے۔”
درد پھولوں کی طرح، مهکے اگر تو آئے۔“
يا وري شيخ اياز جي ھن نظم ۾ تند وڙھي ٿي۔
“مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙھي تلوارن سان”
٧۔ مبالغوHyperbole/Exaggeration۔ ھن ۾ ڳالهہ کي وڌائي چڙھائي ڪري پيش ڪبو آھي جيئن ان جو اثر وڌي وڃي۔ لطيف سائينءَ جي ھن بيت ۾ پڙھو۔
“سورَ م ڏيج ڌوڻ، آئون اڳي ئي آھيان ڪانھري۔
ھڪڙا ڦٽ فراق جا، ٻيو لپين آڇ مَ لوڻ۔
ھينئڙو ٽنگ پروڻ، سؤ سؤ سيلانگها ساھ کي۔”
ھن بيت ۾ ھینئڙو ٽنگ پروڻ، ۽ سؤ سؤ سيلانگها/ سوراخ، ھي مبالغا آھي.
“جي سمنڊ منھن ڪيان تہ سرڪيا ئي نہ ٿئي۔”
لطيف سائينءَ جي ھن سٽ ۾، سمنڊ جو سرڪي بہ نہ ٿيڻ مبالغو آھي۔
٨۔ تلميع/ Macaronic/ Multilingual poetry. ھن صنعت ۾ ھڪ لفظ يا جملو ھڪ ٻوليءَ جو ھوندو آھي ۽ ٻيو لفظ يا جملو ٻئي ٻوليءَ جو ھوندو آھي۔ جيئن۔ سنڌي ۽ عربيءَ جو مثال۔
“سوئي راھ رد ڪري، سوئي رھنما۔
وتعز من تشاءُ، وتذل من تشاءُ۔“
يا وري۔ فارسيءَ ۽ ريختے/اڙدوءَ جو مثال۔
”زحال مسکن، مکن تغافل درائے نیناں بنائے بتیاں۔
کہ تابِ ہجراں ندارم اے جاں! نہ لیہو کاہے لگائے چھتیاں“
٩۔ تلميح/Allusion: ھي شاعريءَ جي اھڙي صنعت آھي، جنھن ۾ شعر کي تخليق ڪندي ڪو اھڙو لفظ يا جملو چئبو آھي، جنھنجو ماضيءَ جي ڪنھن تاريخي، ڏند ڪٿائي، مذھبي يا فلسفيانہ ڳالهہ ڏانھن اشارو ٿيل ھوندو آھي۔ ان ھڪ لفظ يا جملي جي استعمال سان پورو بيان سولائيءَ سان سمجهہ ۾ اچي ويندو آھي۔ مثالطور: فيض احمد “فيض” جو ھي نظم آھي تہ،
“جب ارض خدا کے کعبے سے سب بت اٹھوائے جائیں گے۔”
ہم اہل صفا مردود حرم، مسند پہ بٹھائے جائیں گے.
سب تاج اچھالے جائیں گے، سب تخت گرائے جائیں گے۔
ہم دیکھیں گے، لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں دیکھیں گے۔“
ڪعبي مان بتن جو ٻاھر ڪڍجڻ، اھل صفا، مردود حرم، ھي سڀ ماضيءَ جي تاريخي واقعي ڏانھن اشارو آھي ۽ ان کي حال ۽ مستقبل سان جوڙيو ويو آھي۔ ھڪ اميد ڏيکاري وئي آھي تہ جیئن ماضيءَ ۾ بت ٽوڙيا ويا ھئا، ايئن ئي بت بڻيل ڪردارن سان ٿيندو۔
١٠۔ مھمل۔ ڪنھن سموري شعر ۾ بغير نقطي وارا سڀ اکر استعمال ڪرڻ۔ ھنن ڪمن ۾ شاعرن کان وڌيڪ سگهڙ ڀڙ ٿيندا آھن۔
(جاري)
______________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو



