ھِي بہ ڪو انقلاب آ پيارا؟ انقلاب جي نالي ۾ خواب وڪڻندڙن کان سوال
ساڀيان ڪاٿي؟ خواب آ پيارا؛ هي به ڪو انقلاب آ پيارا؟ هيءُ شعر پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏو سياسي ۽ سماجي سوال رکي ٿو. انقلاب جي نالي ۾ خواب وڪڻندڙن کان شاعر پڇي ٿو ته آخر ان خواب جي عملي ساڀيان ڪٿي آهي؟ نعري بازي ۽ حقيقت جي وچ ۾ موجود فاصلي تي هيءَ هڪ خوبصورت طنز سمايل آهي. آسي بدر چنا جي ھڪ غزل جو ادبي جائزو.

تحرير: بلوچ صحبت علي
آسي بدر چنا جي غزلن ۾ نزاڪت به آهي ته فن به. وٽس ڏات به آهي ته ڏانءُ به. سندس ھڪ تازو غزل نظر مان گذريو جنھن کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته شاعر روايتي عشق ۽ حسن جي موضوعن کان اڳتي وڌي سماجي تضادن، سياسي نعريبازي، مذهبي منافقت ۽ فڪري بغاوت کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي. غزل ۾ طنز، مزاحمت، علامت ۽ فڪري سوالن جو سهڻو امتزاج موجود آهي. هن غزل جا ڪجهه شعر خاص طور تي ڌيان ڇڪرائي، وجود جي گهرائي ۾ سمائجي هڪ ٿي وڃن ٿا. غزل جو مطلع آهي ته:
ساڀيان ڪاٿي؟ خواب آ پيارا!
هي به ڪو انقلاب آ پيارا؟
نازُ محفل ۾ ڪر نه ٻاري چِراغ!
مُنهنجي گَهر آفتاب آ پيارا!
هي شعر غزل جو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ تخليقي شعر لڳو. چراغ ۽ آفتاب جي تقابلي علامت ذريعي شاعر پنهنجي فڪري خودمختياري، اعتماد ۽ روشنيءَ جي تصور کي بيان ڪيو آهي. جنهن وٽ سج موجود هجي، تنهن کي محفل ۾ چراغ ٻارڻ جي ڪهڙي ضرورت! ان ڪري محفل ۾ ناز، نخرا، آڪڙ، وڏائي جي چراغ جي سامهون آفتاب پيش ڪري، ان نازپرور کي موهي وجهي ٿو.

نعرا حورن جا شيخ نا منظُور!
جنتن ۾ عذاب آ پيارا!
هي شعر مذهبي منافقت ۽ جنت جي لالچ تي ٻڌل (حورن، پرين، غلمان) مذهبي تصور جي تجارتي استعمال تي طنز ڪري ٿو. شاعر هڪ اهڙي تضاد کي وائکو ڪري ٿو، جتي زبان تي جنت جا نعرا آهن، پر انساني زندگيءَ ۾ محبت، امن ۽ آزادي گهٽجي وئي هجي. اهڙي صورت ۾ جنتن ۾ حورون روحن لاءِ سڪون جو ڪارڻ نه بلڪه عذاب بڻجي وينديون. ان ڪري جيڪڏهن ماڻهو چاهي ته هن دنيا کي به جنت ڪري سگهي ٿو.
آبُ ناهي گلاسَ مُنهِنجي ۾!
نوشُ ڪر! هي شراب آ پيارا!
هن شعر ۾ تضاد ۽ طنز جي هڪ دلچسپ ڪيفيت سانڍيل ۽ سمايل آهي. شاعر ظاهري حقيقت ۽ اندروني معنيٰ جي وچ ۾ هڪ فڪري راند کيڏي ٿو. اهو شاعر جو وڏو ڪمال آهي. البت هن شعر جي معنوي گهرائيءَ کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي.
شھر سارو اگر آ نابينا!
پوبه توکي! نقاب آ پيارا!
هي شعر به خوبصورت علامتي اظهار رکي ٿو. جڏهن سڄو شهر ڏسڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺو هجي، تڏهن ڪنهن هڪ شخص جي اکين تي نقاب هجڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو؟ هو ڪنهن کان پاڻ کي لڪائڻ جي ڪُوشش ڪري ٿو. هتي شاعر اجتماعي بيحسي ۽ سماجي انڌائپ تي طنز ڪري ٿو. ان ڪري هو چوي ٿو نقاب لاهي ڇڏ، پنهنجي حسن جو درشن ڪراءِ، ڇو ته هتي تو کي مون سواءِ ٻيو ڪير به ڏسڻ وارو نه آهي. سڄو شهر جو شهر انڌو آهي. (آئيني بيچتا هون انڌون ڪي شهر مين).
آسي بدر چنا جي هن غزل جي وڏي خوبي اها آهي ته هن مختصر لفظن ۾ وڏا سوال اٿاريا آهن. سندس شاعريءَ ۾ روايتي رومانويت کان وڌيڪ فڪري مزاحمت نظر اچي ٿي. هو سماج جي مروج تصورن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ بدران انهن کان سوال ڪري ٿو. جيڪڏهن فني حوالي سان به ڳالهائجي ته به غزل جي بحر، وزن، قافيي ۽ لفظن جي روانيءَ تي شاعر کي تمام گهڻي دسترس آهي. خاص ڪري ڪجهه مصرعن ۾ لفظن جي ترتيب ۽ معنوي وضاحت هن کان اڳ وارن غزلن کان گهڻي بهتر آهي. هي غزل رڳو پڙهڻ لاءِ نه، پر سوچڻ لاءِ لکيل آهي. سندس قلم ۾ سوال ڪرڻ جي سگهه موجود آهي، ۽ سچي شاعريءَ جو هڪ اهم ڪم به اهو ئي آهي ته اها سماج ۾، ڪمزور ڌرين کي سوال ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪري.
_________

بلوچ صحبت علي ، دادو ، ايڊووڪيٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ



