Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سُر سريراڳ: سنڌ جي سامونڊي واپار ۽ سمنڊ مان ماڻڪ، موتي ڳولهي ڪڍڻ جو سُر

سُر ”سري راڳ“ ۾ لطيف سائينءَ مھراڻ، معلمن، ملاحن، غواصن، سامونڊين، ٻيڙين، ٻيڙياتن، غورابن ۽ جھازن جي مثالن ۽ تمثيلن ذريعي انسان کي زندگي گذارڻ جا طور طريقا سمجهائي ادب کي زندگيءَ سان جوڙيو آھي۔ ھي سُر، سُر سامونڊيءَ جو جاڙو سُر آھي۔ ٻئي سُر گڏ پڙھڻ سان اصل قصو سمجهہ ۾ ايندو۔

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ڊاڪٽر خادم منگي

سريراڳ جيئن تہ نالي مان ئي ظاھر آھي تہ راڳ آھي۔ ھونءَ تہ سڄو ئي رسالو راڳ آھي۔ پر ھن سر ۾ داستان ڪونھي۔ ھي نج راڳ آھي۔ ڇھن ھندستاني راڳن مان ھڪ راڳ آھي۔ ٻيا پنج راڳ آھن ڀيرو، ھنڊول، ديپڪ، ميگهہ ۽ مالڪوس۔

موضوع جي اعتبار سان ھي سُر سنڌ جي سامونڊي واپار ۽ سمنڊ مان ماڻڪ، موتي ۽ لعل ڳولهي ڪڍي اچڻ جو سُر آھي۔ سفر ۾ مصيبتن سان مھاڏو ڪيئن اٽڪائجي اھو سليقو ھيءُ سُر ڏي ٿو۔

 واپار ۽ معيشت جو ننھن ۽ ماس جو ساٿ آھي۔ جيڪو واپار ۾ اڳڀرو تنھن جي معيشت چست ۽ جنھن جو واپار ٿڪل تنھن جي معيشت سست. سنڌي ماڻھو سامونڊي ٻيڙن ذريعي مختلف کنڊن جي ملڪن سان واپار ڪندا ھئا۔ جيئن سر سامونڊيءَ ۾ چيل آھي تہ “کيڙي کيڙي کنڊ، ماءِ! سامونڊي آئيا ” ھي سُر درآمد ۽ بر آمد جو آھي۔ ڪنھن بہ ديس جي ڪرنگهي جي ھڏي آھي۔ سموري معيشت بيٺي ئي ٻن شين تي آھي۔ ھڪ واڌو پيداوار ۽ ٻيو ان جو ٻين ملڪن ۾ وڪرو۔ واپار لاءِ وکر ايڪسپورٽ ڪوالٽيءَ وارو ھجي۔ اھا ڄاڻ ھجڻ کپي تہ ٻاھرين ملڪن ۾ ڪھڙو وکر مھانگو وڪامجي رھيو آھي ۽ اتان وري سستو وکر خريد ڪري پنھنجي ديس ۾ ڪيئن کپائجي۔ ان ڪري سنڌ ورڪي پورھيت ۽ ننڍڙا واپاري ان وقت جي سموري ڄاتل دنيا ڏانھن بحري ٻيڙن ذريعي واپار ڪندا ھئا۔ ايشيا کان يورپ ۽ آفريڪا کنڊ تائين ٻيڙا ايندا ويندا ھئا۔ ترڪي ۽ روم/اٽلي، يورپ جو دروازو ھئا ۽ مصر، آفريقا جو۔ پر اڄڪلھ گهانا ۽ ڏکڻ آفريقا کي آفريقا کنڊ جو دروازو سڏيو وڃي ٿو۔ مصر جي اھميت نيل نديءَ جي ڇوڙ واري  حيثيت ۾ ھميشہ رھڻي آھي. جيڪا ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي آھي معنا  سنڌو درياءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي۔

بحري ٻيڙا آڳاٽا آھن۔ جن جي جاءِ بحري جھازن والاري آھي، جيڪي ڪنٽينرن ۾ ٽنن جا ٽن سامان ڍوئن ٿا۔ آبدوز ڪشتي  پاڻيءَ جي اندر ھلندي آھي ۽ بحري ٻيڙو پاڻيءَ تي ترندو آھي۔ ھي سُر، سُر سامونڊيءَ جو جاڙو سُر آھي۔ ٻئي سُر گڏ پڙھڻ سان اصل قصو سمجهہ ۾ ايندو۔

شاھ جي رسالي ۾ ھي سر  ”سري راڳ“، ھندوستان جي مکيہ راڳن مان هڪ آھي. ان جي ڳائڻ جو وقت، شام چئين وڳي کان اٺين وڳي تائين هوندو آهي۔ هن سر ۾ لطيف سائين مھراڻ، معلمن، ملاحن، غواصن، سامونڊين، ٻيڙين، ٻيڙياتن، غورابن ۽ جھازن جي مثالن ۽ تمثيلن ذريعي انسان کي زندگي گذارڻ جا طور طريقا سمجهائي ادب کي زندگيءَ سان جوڙيو آھي۔

ننڍي ٻيڙي/ دنگي/ ھوڙھو ونجهہ سان ھلائبا آھن۔ وڏو ٻيڙو سڙھ سان. ٻيڙي جي اڳئين حصي کي آڳل ۽ پٺئين حصي کي پاڇل چئبو آھي۔ سيارو سامونڊي سفر لاءِ موزون آھي۔ ان ڪري جو سمنڊ ھنن مھينن ۾ اڪثر ماٺو ھوندو آھي۔

”اتر لڳي اھريا، واھوندي ورن۔“

جن چئن/ ڇھن بيتن سان ھيءُ سُر شروع ٿئي ٿو ان جو پھريون پد آھي۔ “مان پڇنئي سپرين” سوال ٿو اڀري تہ آخر ھڪ ئي ڳالهہ تي چار دفعا زور ڇو ڏنو ويو آھي؟ جواب آھي تہ ان ڳالهہ جو تاڪيد ڪيو ويو آھي۔ تہ متان پڇا ڳاڇا ٿيئي ان ڪري پاڻ کي ھنن ڪمن جي لاءِ تيار رک۔ پاڻ کي ڏکين مرحلن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار رک۔ ذھن نشين ڪري ڇڏ تہ توکي ھر قيمت تي ھدايتن جي پوئواري ڪرڻي آھي۔

سائنس جا پريڪٽيڪل ڪرڻ کان اڳ ۾ احتياطي تدبيرون پڙھائبيون آھن۔ خبردار ڪيو ويندو آھي۔ جيڪڏھن انھن ھدايتن جو خيال نہ رکبو تہ فائدي جي جاءِ تي نقصان ٿيندو۔ ڪڏھن ڪڏھن تہ جاني نقصان بہ۔ ان ڪري جيترو قاعدو تيترو فائدو۔ مثال طور جيڪا شئي تيلي لڳائڻ سان ڀڙڪو کائي ٻري ان کي  انتھائي شدت سان باھ جھٽيندڙ چئبو آھي۔ ان جي ڀر ۾ تيلي غلطيءَ سان بہ ٻارجي وئي معنا سِر چَٽُ۔ پھرين بيت ۾ ائين ئي خبردار ڪيو ويو آھي۔

“مانَ پُڇَنِئي سُپرِين، چِتان لاھ مَ چَرَ،

اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ تہ خالي نہ ٿئين.”

“چتان لاھ مَ چر جو مطلب تہ ٿيندو تہ شين تي ۽ معاملن تي ڌيان ڪجانءِ، ٽارگيٽ واضع رکجانءِ، ان ڪري سڀ کان پھريان چِت کان ڪم وٺجانءِ۔ دماغ جي ڀيٽ ۾ ٻين عضون جي اھميت ثانوي آھي۔ دماغ کي ٻين عضون تي سبقت حاصل آھي۔

انڪري ذھن کي ھر قسم جي گندگي، ٻيائيءَ کان پاڪ رکجانءِ۔ نيت صاف رکجانءِ۔ ٻئي بيت ۾ سڙھ کي صابڻ سان ڌوئي صاف ڪري اڇو اجرو ڪرڻ جو وارو ٿو اچي۔ پھريان نيت/ اندر جي صفائي آھي ۽ پوء ٻاھر جي۔ چت انسان جو اندر آھي، سڙھ ٻاھر آھي۔ پر نيت صاف ڪيئن ڪجي؟ ائين ڪجي جيئن سڙھ کي صابڻ سان ڌوئي اڇو اجرو ڪرين ٿو۔ ڇو تہ ٻئي ڪناري تي/ پرديس پھچڻ لاءِ سچيت ٿيڻ ضروري آھي۔ سچيت ماڻھو ان لاءِ ئي تہ ڏکيا ڪم سرانجام ڏيندا آھن، جيءَ کي جوکي ۾ وجهندا آھن تہ شل رھجي اچي۔ واپار ۾ سچيت ماڻھو ئي کپي جيڪو ملاوٽ نہ ڪري، ذخيره اندوزي نہ ڪري۔ بليڪ مارڪيٽنگ نہ ڪري، ڌوڪو نہ ڏي۔ ھيڪوڻ جي ٻيڻ منافعو نہ رکي۔

“مان پڇنئي سپرين” جو مطلب آھي ته متان سوال جواب ٿيئي۔ حساب ڪتاب ڏيڻو پوئي. انڪري پاڻ کي امتحان/ آڊٽ/ آڏي پڇا لاءِ ھميشہ تيار رکجانءِ۔

ٽئين بيت ۾ قلب يعني دل جي ڳالهہ ٿيل آھي۔ دل بہ گوشت مان جڙيل آھي۔ دل ۾، سفر جي ڏکاين ۽ پرديس جي ھورا کورا جنم وٺندي آھي. پر جيڪڏھن ماڻھو ذھني طور مضبوط ھوندو تہ پرديس جا نظارا ۽ سفر جي جوکم مان لطف ماڻيندو. اڪثر سفر ۽ پرديس ۾ گھر تانگھ جي ڪري دل ھول ٿي پوندو آھي۔

۽ چوٿين بيت ۾ دوربين  جو ذڪر ٿيل آھي۔ مطلب تہ اوزار جي ضرورت سڀ کان آخر ۾ ٿي پوي۔

ڪنھن بہ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ دماغ کي قائل ڪري، پوءِ ئي دل کي مائل ڪبو۔ جيڪڏھن دماغ ۽ دل جو رابطو جڙي ويو. ٻئي ھڪ ٿي ويا تہ سمجهو ٻيڙا پار ٿي ويا۔ پوءِ ئي اوزارن جي ضرورت پوندي۔ دوربينيءَ مان مراد وسيع نظري ۽ دور انديشي بہ وٺي سگهجي ٿي. جيڪا انسان جي بردبار ھجڻ جي نشاني آھي۔ پر سامونڊي ناکئي ۽ سامونڊي معلم/سونھين/خابرو/ کي اوزارن جي ضرورت پوي ٿي۔ خاص طور تي قطب نما ۽ دوربينيءَ جي۔ قطب نما کان اڳ ۾ سامونڊي ٻيڙن کي ستارن ۽ نکٽن جي بيھڪ ۽ چرپر جي ڄاڻ جي بنياد تي ھلائبو ھيو۔ مجموعي طور ان سڄي علم کي ملائي جھازرانيءَ جو علم چئبو آھي۔

جن ٻيڙن/ جھازن ۾ ان جو جوڳو بندوبست نہ ٿيل ھوندو آھي سي ڀٽڪي ويندا آھن ۽ انھن جا مسافر ۽ عملو يا تہ وشال سمونڊ ۾ اڃ ۽ بک تي مري کپي ويندا آھن يا وري ڪنھن ٻئي ڪناري تي نڪرندا آھن۔ ڪولمبس ھندستان ڳولڻ نڪتو ھيو، ڀٽڪي وڃي آمريڪا کنڊ نڪتو۔ ڪارن جي ديس جي ڳولا ڪندي ڪندي وڃي ڳاڙھا ماڻھو ڏٺائين۔ کين ريڊ ابڊين چيائين۔

اچون ٿا سر سريراڳ جي سامونڊي ٻيڙي ڏي جنھن ۾ مختلف حيثيت جا واپاري آھن۔ موتين جي امير واپارين کان وٺي شيشي ۽ شيھي جي غريب واپارين تائين۔ پر لطيف سائين غريب پرور ھجڻ جي ناطي غريب واپاريءَ جو ذڪر ٿو ڪري ڇو تہ ان واپاريءَ کي ڳڻتي وڏي آھي۔ کيس اھو بہ الڪو ھوندو تہ جھاز جو ڀاڙو ڪرايو، اوٽ موٽ جو خرچ پکو نڪرندو بہ الائي نہ۔ ايئن نہ ٿئي جو خرچ بہ ڳچيءَ ۾ پئجی وڃي۔ ڪا بچت بہ ٿيندي يا نہ، يا مرڳو گهر جو گهاٽو ٿيندو۔

“ڪايو ڪَمايومِ، موتي مون نہ وَڻِجِيا!

سِيهي جو سيَدُ چئي، وَکَرُ وِهايومِ!

هَھڙو حالُ سندومِ، توھَ تُنهنجي اُبَھان!”

ڪسر نفسي چڱي ماڻھوءَ جي فطرت ۾ شامل آھي۔ اجايو پاڻ کي پڏائڻ ھروڀرو ڪا چڱي ڳالهہ بہ ڪونھي۔ پنھنجون ڪمزوريون ماڻھوءَ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ وڌيڪ ککنديون آھن ۽ ڪمزور ساھدار سھارن جي تلاش ۾ ھميشہ کان رھ

ي آھي۔ ان ڪري پنھنجين ڪمزورين جو اعتراف ڪري سھارو وٺڻ ھن بيت مان محسوس ڪري سگهجي ٿو۔ سامونڊي سفر تي وڃڻ کان اڳ سمنڊ جھڙي دھشتناڪ منظر ڏسڻ سان ئي انسان کي پنھنجا گناھ ڪجهہ وڌيڪ ياد ٿا اچن۔ ان ڪري سامونڊي سفر تي وڃڻ کان اڳ ماڻھو پنھنجن مٽن مائٽن، يارن دوستارن کان روئي پِٽي موڪلائي، ڏوھ بخشرائي پوءِ ئي جھاز ۾ چڙھندا ھئا۔ متان وري ٻيھر جيئري ملن الائي نہ۔ يا نصيب۔ متان وري ٻيھر خشڪي تي پير پئي الائي نہ۔

ڪَچُ ڪَمايومِ ڪوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اللهَ جا!،

پَڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽيءَ تائين چُورُ،

مَعلومُ اَٿيئي مُورُ، ڳُوڙها! اِنهيءَ ڳالهہ جو.

ھڪ طرف خوف آھي تہ وري ٻئي طرف اميد بہ آھي۔ انسان پنھنجي بچاء لاءِ ھر قسم جا انتظام ٿو ڪري۔ سڙھ سنوان آھن، رسا نوان ۽ مضبوط آھن، ۽ مھاڻا پنھنجي ڪرت جا ماھر آھن۔

“سڙهَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سندن ميرَ،

ساٿي سَفَرِ هَليا، ٿِيا سَڻاوا سيِرَ،

جي اَچَنِ ساڻُ اُڪيِرَ، سي ٻيڙا رَکيِن ٻاجهہ سين”

ڊاروِن جو سامونڊي سفر مشھور آھي جيڪو ھن مختلف نسلن ۽ ان جي بڻ بڻياد کي سمجهڻ لاء ڏيھان ڏيھ ڪيو ھيو، جهنگ جهر جهاڳيا ھئا۔ جنھن جي بنياد تي ھن ارتقا جي ٿيوري آف نيچرل سليڪشن پيش ڪئي ھئي۔ جنھن جو ھڪ جملو مونکي ڏاڍو وڻندو آھي تہ اسين سڀ ساھوارا پنھنجي نسل جي بقا لاء دنيا جو ھيڏو سارو سمونڊ جهاڳيون ٿا۔ ٻئي ڪناري جو مطلب آھي ايندڙ پيڙھي/نئون نسل پيدا ڪرڻ۔ ۽ جنھن ساھدار پنھنجي ايندڙ پيڙھي پيدا نہ ڪئي، سمجهو سو سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو۔ نپٽو آئٽو ٿي مرڻ جھڙو جڳ ۾ ٻيو ڪو پاراتو ئي ڪونھي۔

بحرحال سريراڳ جي سفر وارو ٻيڙو پنھنجي سفر ڏانھن روان دوان آھي۔ منزل تائين پھچڻ ۾ کيس سوين مسئلا درپيش ايندا ۽ ظاھر آھي انھن جا ھزارين حل بہ نڪرندا۔ ھڪ مصيبت اڃا ٽرندي ئي مس تہ وري ٻئي ڪر کڻندي۔ پر پھريون وڏو مسئلو جيڪو درپيش آيو آھي اھو آھي ٻيڙيءَ جي سنھڙن سوراخن منجهان پاڻي سِمندو اندر آيو آھي۔ جنھنجي ڪري تري ۾ رکيل سامان/وکر خراب ٿي پيو آھي۔ واپاري ان نقصان تي روئن ٿا۔ ان ڪري وکر اھڙو کڻجي جيڪو رستي ۾ خراب ئي نہ ٿئي۔ ٽاڪئين شيءِ بہ نہ کٹجي، جو لاھي چاڙھيءَ ۾ ئي ڀَڄي پوي۔ گهڻي رکڻ سان جيڪا شيءِ پراڻي ٿئي سا بہ نہ کڻجي۔ مطلب تہ اھڙي سامان جي چونڊ ڪجي جيڪو فائدو ئي فائدو ڏي۔ نقصان جو ڪو انديشو ئي نہ ھجي۔ کير ڪلاڪن ۾ کري ويندو آھي، سون صدين تائين سون ئي رھندو۔ گرم مصالحا، سُٽ، ململ، ريشمي ڪپڙو، نير، ھي خراب نہ ٿيندا آھن۔

منجهان پيئي مَڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ بُوند،

سيئي ڏِٺم رُوند، وَکَرُ جِن وِڃائيو.

ان ڪري لطيف سائين وڻجاري کي دلداري ڏيندي کيس صلاح ٿو ڏي تہ خير آھي، اڳئين دفعي اھڙو وکر کڻجانءِ جيڪو رکڻ سان پراڻو نہ ٿئي۔ ڇو تہ جيڪا شئي پئي پراڻي ٿيندي رھندي آھي اھا واپاريءَ کي اڌ مُلھ ۾ کپائڻي پوندي.

“وکَرُ سو وهاءِ، جو پَئي پراڻو نہ ٿئي،

ويچِيندي وِلات ۾، ذَرو ٿِئي نہ ضاءِ،

سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَھِ جَنهن جي اُبَهِين.”

ڪائنات پنھنجن فطرتي اصولن تي پئي ھلي۔ فطرت جو اصول آھي تہ ھزارن ٽنن جو جھاز تري ٿو ۽ ماسي/گرامن واري سئي ٻڏي ٿي۔ سائنس ۾ ان جو جواب اھو آھي پنھنجي وزن کان وڌيڪ جيڪو پاڻيءَ کي ڌوڏي سگهندو سو تري ويندو ۽ جنھن ۾ اھڙي شڪتي نہ ھوندي سو ٻڏي ويندو۔ ٻيڙي ۽ جھاز جو تراکڙو روپ ، پاڻيءَ کي پري ڌڪڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو۔

“جيڪي منجِهہ جَهانَ، سو تاريءَ تڳي تنهنجي،

لُطف جي لَطيفُ چئي، تو وٽ ڪَمي ڪا نہ،

عَدُلَ ڇُٽان آن نَہ، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو.”

مٿئين بيت ۾ عدل ۽ فضل جي تضاد کي سمجهايو ويو آھي۔ انسان بہ عجيب آھي۔ پنھنجي لاءِ وڪيل ٿي ويندو آھي ۽ ٻين لاء جج۔ پاڻ پنھنجي لاء رعايت گهرندو آھي ۽ ٻين سان ڪا بہ رعايت نہ ڪندو آھي۔ جڏھن تہ چيل آھي تہ “ڪر ڀلا تہ ٿيئي ڀلا۔” ان ڪري ھمراھ پنھنجي لاء فضل ٿو طلبي۔

سامونڊي سفر ۾ واندڪائي ئي واندڪائي آھي۔ جھڙو ڏينھن تھڙي رات۔ ان ڪري ڌڻيءَ کي ٻاڏائجي۔ عبادت ۾ مشغول ٿي وڃجي۔ مٽيءَ جو مان لھڻ، خاڪ جو ڪيميا ٿيڻ سٺن عملن سان ٿيندو آھي۔ ان ڪري سٺي عمل لاءِ ھر وقت جستجو ڪجي۔

“ساري راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو،

اُنَ جي عبداللطيفُ چئي، مِٽيءَ لڌو مانُ،

ڪوڙين ڪَنِ سلامُ، آڳھِ اَچيو اُنِ جي۔”

ھميشہ مقصد وڏا رکڻ کپن، ممڪن آھي سمورو مقصد نہ ماڻي سگهجي پر جيڪو ان جي ماڻڻ لاء ڪيل جستجوءَ منجهان مزو ۽ تجربو ملندو اھو بہ گنج آھي۔ سمنڊ جي لامحدود پاڻيءَ “جر وھي ٿو جال” کي ماسي جي تضاد سان سمجهايو ويو آھي۔ ھڪ طرف محدود ۽ لامحدود جو تضاد آھي تہ وري ٻئي طرف ٿوري ۽ گهڻي جو تضاد۔ ڪاڏي اربين ڪعب ڪلوميٽر، ڪاڏي ماسو؟

“سيوا ڪَرِ سمنڊَ جي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ،

سَئين وهَن سِيرَ ۾، ماڻڪ، موتي، لالَ،

جي ماسو جُڙيئي مالَ، تہ پُوڄارا! پُرِ ٿئين.”

ماڻڪ موتي لال اونھي سمونڊ/عميق جي تري ۾ ھوندا آھن جيڪي غواص ڳولهي کڻي ايندا آھن۔

جھاز تي ھڪ تہ سامونڊي مسافر ۽ واپاري سفر ڪندا آھن ۽ ٻيا وري غواص/ٽوٻا جيڪي منھن تي ڪائو ڏيئي پاتال تائين ويندا آھن۔ ماڻڪن، موتين ۽ لعلن جي ڳولا ۾ ويندڙ اڄڪلهہ ھي غواص آڪسيجن جو سلينڊر کڻي تري تائين وڃن ٿا ۽ املهہ خزانا ميڙي اچن ٿا۔

ويا جي عَميقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي،

تِنِ سِپُون سوجهي ڪَڍيُون، پاتاران پيهي،

پَسندا سيئي، اَمُلَ اَکَڙِيِنُ سين.

جيئن ئي وري ٻيڙي سان ڪو مسئلو درپيش اچي ٿو، ڪا وير چڙھي ٿي اچي تہ ماڻھوءَ جا ڏوھ ٿا ڏڪن۔ ٻيڙيءَ کي اڪثر بار ئي ٻوڙيندو آھي۔

“آڏو چِڪَڻُ چاڙ، مُنهنجي موجَ نہ سهي مَڪُڙِي،

مِيڙي مَٺايُن جو، بيحَد چاڙهيم بارُ،

چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَديُون بيشمارُ،

ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.”

بندي جي من ۾ ھڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻئي۔ ڪڏھن ڪڏھن انسان کي بظاھر ڪجهہ ٿيندي نظر ايندو آھي پر ٿي ڪجهہ ٻيو ويندو آھي۔ ائين ئي ٻڏندي ٻڏندي ٻيڙا تري بہ ويندا آھن۔ انسانن جي فطرت آھي تہ پوء اھڙن عملن کي ڪرشمو چوندا آھن۔

سمنڊ ۾ ڏينھن رات گذارڻ واري لاء ڪنارو ايڏي معنا رکي ٿو جيڏي موت جي منھن ۾ پيل لاء زندگي۔

“ڪنڌي ساريان ڪانہ يا امن! يا امان!”

ماڻھو ٻيڙيءَ تي لڏندي لڏندي جڏھن ڌرتيءَ تي پير رکندو آھي تہ کیس خبر پئجي ويندي آھي تہ پٽيءَ تي پير ڇا ٿيندو آھي؟ خلابازن سان بہ ساڳئي حالت ٿي ويندي آھي جڏھن ڌرتيءَ جي ڇڪ کان پري ھليا ويندا آھن۔ جيئن ھوا ڀريل ڦوڪڻو ھجي ماڻھو ايئن ٿي ويندا آھن۔ وري جڏھن موٽي ڌرتيءَ تي پير رکندا آھن تہ کين خبر پئجي ويندي آھي تہ خلا ڇاھي، ڌرتي ڇاھي؟ ڪجهہ دیر لاءِ تہ وتندا آھن موالین وانگر لڏندا۔

ھِڪي ٻانھي چِتَ ۾، ٻي سِٽي صاحِبُ،

ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اي آگي جو عَجَبُ،

اِيُ سائينءَ جو سَبَبُ، جِئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.

اڳتي ھليا تہ وري نئون مسئلو پيدا ٿيو۔ ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿي پيو آھي۔ پاسن کان پاڻي ٿو وھيس، رسا ڪمزور ٿي پيا اٿس، پر پوءِ ڀي پنھنجي طاقت آھر تري ٿي۔

“تري تَن پياسِ، پاسنئُون پاڻي وهي،

کُوهو جهر جهونو ٿيو، لاڄُو سڀ لَڙياس،

جيلان سَڌَرُ سکاڻياس، وَهي ٿي وَھَ سامهون“

ان ڪري ٻيڙي ھلائڻي بہ آھي تہ سوراخ بہ بند ڪبا آھن۔

وري نئون مسئلو۔ بحري قذاق ۽ فرنگي/يورپي داداگير ڦرڻ جي لاء اچي پھتا آھن۔ ھڪڙي بلا کان پوء وري ٻئي بلا۔

“اڳيان مصيبت، پٺيان مصيبت۔

کٻي، سڄي، سر مٿان مصيبت۔

وڙھي بخاري وچان وڌن ٿا۔

اھي اسان مان، اھي اسان مان”

دنگي وِچ درياھ، ڪي ٻُڏي ڪي اُپِڙي،

هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهَن سڀ سڙيا،

مُعلم ماڳِ نہ اڳِئين، فِرَنگي منجھ ڦِريا،

مَلاحَ! تنهنجي مَڪُڙيءَ، اچي چور چڙهيا،

جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تاريءَ تُنهنجي!

فرنگي/فلنگي ھڪ ٽرم آھي جيڪو فرانسيسي/فرينچ لاء استعمال ٿيندو آھي۔ ولنديزي Dutch جيڪي Netherland جا رھاڪو آھن۔ ڊچ ٻولي فرانس، نيدرلينڊ، جرمني، ويانا، آسٽريا، پرتگال، ھالينڊ ۽ ھنگري ۾ ڳالھائي ويندي آھي۔ ماضيءَ ۾ وڏا بحري قذاق رھيا آھن۔ ھي يورپي ملڪ نالي ماتر الڳ الڳ آھن جڏھن تہ انھن جي وچ ۾ صرف ھڪڙو پٽو/ليڪ آھي۔ نہ ڪا فوج، نہ پوليس، نہ چيڪ پوسٽ ۽ چؤنڪي، نہ خاردار تار نہ ڪا ديوار چين۔ ان ڪري سڄو يورپ کنڊ ڄڻ تہ ھڪڙو ملڪ ئي آھي۔ ڀٽائي ان کي مغرب لکيو آھي۔ مغرب معنا اولھ ۽ اولھ معنا يورپ۔ پورب ۽ پڇم جو تضاد بہ ان مان ئي اڀريل ٿو لڳي۔ يورپ جنھن تي ڏھ صديون اوندھ ڇانيل ھڻي ۽ اونداھي دور مان گذريو۔ قتل  غارتگري ۽ رت جو درياءُ اڪري پرنٽنگ پريس، ٻاڦ واري انجڻ ۽ بندوقن جي ٽڪنڊي سان وري جو اٿيو تہ سڄي دنيا تي ڇانئجي ويو۔ ايشيا ۽ آفريقا سندس تابع ٿي ويا۔ نوان نوان کنڊ دريافت ڪري طاقت اوڏانھن منتقل ڪيائين۔ آزاديءَ واري مجسمي وٽان حڪم جاري ڪري، نيو ورلڊ آرڊر ذريعي دنيا تي اڄ بہ راڄ ڪري ٿو۔ پيٽرو ڊالر سندس وڏو ھٿيار آھي۔ جنھن موجب پيٽرول پيدا ڪندڙ ملڪ ڊالر ۾ ڏيتي ليتي ڪندا۔ واڌو ڊالر آمريڪا جي بئنڪن ۾ رکندا ۽ سامان سڙو ۽ خدمتون بہ آمريڪا بھادر کان وٺندا۔ پيٽرول پيدا ڪندڙن جي ڄڻ تہ ھڪ بہ نہ ھلندي ۽ ڊالر وارن جي ھڪ ھٽي قائم رھندي۔

تاريخ ۾ اھو بہ لکيل آھي تہ ترخانن جي دؤر ۾ 1557 ۾ پورچوگيزن/ پرتگال جي بحري قذاقن ٺٽي/ننگر کي لٽي ڦري، تاراج ڪري، ويندي ويندي شھر کي باھ بہ ڏني ھئي۔ ڏٺو وڃي تہ پورچوگيز نہ ئي اسان جا دنگئي آھن نہ ئي اسان جو انھن سان اڳي ڪو تڪرار ھلندڙ ھيو۔ پر بکين قومن لاء سڀ کان وڏو حملي جو سبب ڪنھن بہ علائقي جي خوشحالي ۽ سرسبزي آھي۔ سنڌ تي اڪثر حملا اتر کان ٿيا آھن پر ھي حملو ڏکڻ کان ٿيو ھيو۔ ڏکڻ اوڀر کان علاوالدين خلجيءَ وارو حملو بہ ٿيو ھيو۔ خلجيءَ جي دؤر ۾ ھندستان سپر پاور ھيو۔ سنڌ پنھنجي دؤر جي سپر پاور سان بہ وڙھي آھي۔ علاءُالدين سنڌ تي ڇل چاڙھي آيو ھيو ۽ واپسيءَ تي پنھنجي گهڻي فوج مارائي دھليءَ پڳو۔ کيس ٻاگهي بہ نہ ملي، جنھن جي خاطر جنگ جوٽي وئي ھئي۔ ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ دودا ھر دؤر ۾ پيدا ٿيندا رھندا آھن۔

”دودا تنھنجو ساھ تہ ويندو، ماڻھوءَ جو ويساھ نہ ويندو“ مجموعي طور اترين يورپين کي فرنگي چيو ويندو آھي۔ انڪري ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ھي فرنگي سنڌ ۾ پنھنجا پير پختا ڪري رھيا ھئا۔ جن کي اڳتي ھلي برطانيا وارن سندن جاءِ ورتي جيڪي واپار جون ڪوٺيون کولڻ جي بھاني ويا سڄي ننڍي کنڊ تي قبضو ڪندا۔ دنيا تي انگريزن ايترو قبضو ڪيو جو سندن سلطنت تان سج نہ لھندو ھو۔ امپيريلزم/ شھنشاھيت کي خوب وڌايائون۔ ويا تخت پيرن ۾ چيڀاٽيندا ۽ ٻين جي تاجن مان ھيرا ڪڍي پنھنجن تاجن ۾ ٽاڪيندا۔ ڪوھ نور جو ھيرو اڄ تائين سندن تاج ۾ ٽاڪيل ھجڻ، پنھنجي پر ۾ اھا ڪھاڻي ٿو ٻڌائي تہ ننڍي کنڊ تي ڦورو حڪومت ڪندا ھئا۔ ڦورو پاڻ کي حڪمران گهٽ خدا وڌيڪ سمجهڻ لڳندا آھن۔ مصر جي فرعون جو حال سڀ ٻڌي چڪا آھن۔ بحري قذاق جن جي ڪرت ماضيءَ ۾ سامونڊي ٻيڙن کي ڦرڻ ھئي۔ اھي ھاڻي خشڪيءَ جا ڦورو ٿي ويا۔ معنا قذاق اڳتي ھلي رھزن ٿيا ۽ انھن رھزنن صديون حڪومتون ڪيون۔. ھٿ کس جا ماھر ھئا۔ جنھن وٽ بہ ڪا چڱي شئي ھوندي ھئي ان سان اڪ پائي وڙھندا ھئا۔ اڄڪلھہ صوماليا ۽ نائجيريا جا قذاق مشھور آھن۔

اچون ٿا موٽي پنھنجي موضوع سُر سريراڳ تي۔ ٻيڙي ھلائيندڙ ملاح/ ناکئي کي ننڊ نہ ٿي سونھي۔ ڊرائيور ننڊ معنا گاڏي ڪلٽي۔ ناکئو ننڊ معنا ٻيڙي غرق۔ مسافر سڌو جنت ۾۔ ھوائي سفر ۾ ان ڪري ٻہ پائلٽ ھوندا آھن۔ متان ھڪڙي کي ننڊ اچي وڃي تہ ٻيو تہ ھوشيار ھجي۔ ان ڪري سامونڊي سفر ۾ ناکئو ننڊ نہ ڪندو آھي۔ وڏي سفر تي ھڪ کان وڌيڪ ناکئا ھوندا آھن۔ ھڪڙو ٻيڙو ھلائيندو آھي تہ ٻيو ننڊ ڪندو آھي۔ ايئن ئي واري وٽيءَ سان پنھنجو سفر طئہ ڪري/ سمونڊ جهاڳي وڃي منزل تي رسندا آھن۔

“ٻيڙِياتا! ٻيئي، تو نه ڦَٻَنديُون ڳالَهڙيُون،

سَڄيُون راتِيُون سُمهيِن، ڀَرُ سُکاڻ ڏيئي،

صُباح سَڀيئي، پارِ پُڇَندءِ خبرُون.“

جڏھن خطرو ھجي تہ چوڪس ٿي وڃو ۽ خطرو ٽري وڃي تہ ڀلي کڻي آرام ڪيو.

خطري جي گهنٽي وڳي آھي۔

“بندَرِ جان ڀَئي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو،

ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽيَ منجھہ مَهي،

ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نہ ڪجي، ناکُئا!“

خطرو ٽري ويو آھي۔

”ستا سَڀ پئي، سَندي مُعلِمَ آسري،

ائين پڻ سُمهو، ناکُئا! بَندَرِ ناھہ ڀَئي،

جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئي، سي سڀ لَنگهيندا لڪيُون۔

سفر ۾ ھمسفرن جي پرک ٿيندي آھي۔ گڏ سفر ڪرڻ سان، گڏ کائڻ سان ۽ ڏيتي ليتي ڪرڻ سان اصليت ظاھر ٿي پوندي آھي۔ ان ڪري ھن بيت کي ان تناظر ۾ بہ پڙھيو وڃي۔ سڀاءَ، سلوڪ ۽ ورتاءَ ۾ ماڻھو نج نبار ھجڻ کپي۔

چڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون مَٺَنِ،

جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئي ڪَنِ.

۽ ٻيو تہ سفر ۾ ماڻھن کي اچي پنھنجي لڳندي آھي ان ڪري خودغرض ٿي ويندا آھن۔

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پنهنجو تُرَهو،

اونهي ۾ آڻي، ڪونَہ ڏيندُءِ ڪو ٻيو!

ھيءُ تجربي جي بنياد تي ڪيل ۽ اکين سان ڏٺل لقاءُ ٿو لڳي۔ ڇو تہ اونھي وچ  سمنڊ ۾ ھر ڪنھنکي اچي پنھنجي سِر جي لڳندي آھي۔ ان ڪري تانگهي پاڻيءَ ۾ پنھنجي تياري ڪر، ترھو ٻڌ۔

نيٺ مسافر پنھنجي منزل تي پھتا، ۽ پھچڻ سان جيڪي پھريان جملا وات مان نڪرندا آھن، سي ھي آھن۔

”سَهسين شُڪرانا،

ڪوڙِيين ڀال ڪريم جا۔“

معنا رب جا شڪرانا جو سلامتيءَ سان پھچي وياسين. خوشنصيب آھن جيڪي پنھنجي منزلن تي رسن ٿا۔ نہ تہ اڪثر مارڳ/ رستي ۾ ئي مري ويندا آھن۔

ھاڻي ايندڙ مرحلو آھي واپار جو۔ سو واپار شروع ٿي ويو آھي۔ اتي وري ھڪ نئين مسئلي جنم ورتو آھي۔ بيڪار شيءِ وڪامجي ٿي وڃي ۽ خالص شيءِ جو ڪو خريدار ئي ڪونھي۔

اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿي!

پَلَئہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران!

اھو ان ڪري ٿيو آھي جو اھي سچين شين جي پرک رکندڙ قابل وينجهار مري ويا آھن۔ ھاڻي انھن جا پونئير/ پٽ، پوٽا انھن دوڪانن جي دخل تي ويٺا آھن جن کي شيھي ۽ لوھ جي بہ پرک ناھي۔ ڪچ ۽ سچ جي ڄاڻ ناھي۔ شيشي ۽ موتيءَ جي سڃاڻ ناھي۔ سونارن جي جاء تي ڄڻ تہ لوھار اچي ويٺا آھن۔ سونارو نفاست جي تمثيل طور آيو آھي ۽ لوھر زبري ڌڪ جي تمثيل طور۔ ھي بيت ھر دؤر جو بيت آھي۔ اڄ بہ سچار، فرض شناس ۽ شريف ماڻھوءَ کي سماج ۾ سادو، ۽ بيڪار سمجهيو وڃي ٿو۔ جڏھن تہ بي ايمان، حرامخور ۽ ٽپتائيءَ کي ماڻھو ذھين، ۽ ڪارائتو سمجھن ٿا۔

وَيا سي وِينجهارَ، هِيرو لال وِنِڌينِ جي،

تِنين سَندا پويان، سِيهي لَهَنِ نہ سارَ،

ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين۔

قدردان ڪونھن تہ معنا وکر جي قيمت ئي ڪونھي۔

ھيرن، لعلن، ماڻڪن ۽ موتين کان علاوه ٻيا وکر بہ کڻي ويندا ھئا۔ گرم مصالحا، قيمتي ۽ نفيس ڪپڙو،

“قَرڦلَ، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺ پاتائُون،

ڪوٺيُون قيِمَتَ سنديُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون،

لاڄُنِ مَنجھہ لطيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون،

نَذرُ نَبيءَ ڄامَ جو، چَڙهندي چيائُون،

جي ڇُوهي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجھَہ سين۔”

پاڻيٺ معنا موتي، “موتي جي مھراڻ جا تن جا طاماعو”۔

مھراڻ جا موتي ڏيھان ڏيھ مشھور ھئا۔ جيئن ڪنھن ملڪ جو ڪو مشھور برانڊ ٿيندو آھي ائين ئي موتي سنڌ جو برانڊ ھيو۔ موتي سپ ۾ سرجندو آھي۔ سپ کي اک سان تشبيھ ڏني ويندي آھي۔

اھا روايت ھوندي ھئي تہ ٻيڙيءَ تي چڙھندي نذر نياز جي باس ڪبي ھئي۔ سو ھي واپاري بہ ايئن ئي ڪن ٿا۔

لاڄو معنا رسا۔ رسن سان ٻيڙا ٻڌبا ھئا تہ جیئن تري ھليا نہ وڃن۔ جيئن اڄڪلھ جهازن کي Anchor ھڻي لنگرانداز ڪيو ويندو آھي۔

قرفل معنا لونگ۔ پارچا معنا عمدو ڪپڙو۔ سنڌي ٻوليءَ ۾ “لونگ ڦوٽا ٿالھيءَ ۾” کڻي نچندي اچڻ وارو لوڪ گيت سنڌ جي خوشحاليءَ جو ڏس ڏي ٿو۔ ھن ھڪ بيت ۾ ڏسو تہ سھي لطيف سائينءَ ڪيترا موضوع سميٽيا آھن۔

آخري بيت ھن سر جو اصل پيغام آھي۔

سمنڊُ جي سيويِن، تِنيِن ماڻِڪَ ميڙِيا،

ڇِلرَ جي چوئِين، تِنِ سانکوٽا ۽ سپيون.

جيڪي جفاڪشي ڪندا، رسڪ کڻندا سي ئي ڪامياب ٿيندا۔ باقي جيڪي آرام ۾ رھندا تن کي خسيس شيون ئي پلئہ پونديون، جيڪي ٽڪي ٽيھ وڪامبيون۔

“مون ۾ تون موجود آءٌُ اسونھين آھيان”  جي وائيء ۾ تون موجود جو مطلب آھي تہ سڄو جھان مون ۾ موجود آھي۔ ڇو تہ خدا جڏھن انسان ۾ موجود ٿي وڃي ٿو تہ سڀ طاقتون ان جي تابع ٿي وڃن ٿيون۔ ان وقت انسان مان خوف ختم ٿي وڃي ٿو۔ اعتماد بحال ٿي وڃي ٿو۔ جيڪا اصل ۾ وڏي ۾ وڏي طاقت آھي۔ سامونڊي سفر ارادي جي قوت سان ڪبو آھي۔ جن جا اعصاب  پختا ھوندا سي ئي ٻيو ڪنارو پسندا۔ ڪمزور  گهر ۾ ڀلا آھن۔ اجايو پاڻ کي ڏٺو نہ ڪرائين۔ ھن سر ۾ ڇھ داستان۔ ڇاھٺ بيت ۽ ڇھ وايون آھن۔

ھڪڙي وائي مثالطور ھتي رکجي ٿي۔

ساٿِينِ نَنڌا بارَ، وو! تن پانڌِينِ ننڌا بارَ،

توکي آرِسُ اَکَڙِيُنِ ۾!

پاتا پاڙيواريين، پَڳھَ منجھ پاتارَ،

پَتڻ ٿو پُورَ ڪري، آئي تُنهنجڙي وارَ،

سَڄِيُون راتيُون سُمهِين، کِيو منجھہ خُمارَ،

ڪِ تو ڪَنين نہ سُئي، هَلَڻ جي هاڪارَ؟

تائبَ ٿِيو تڪِڙا، سَچي اِيَ سَنڀارَ،

نَنڊَ نہ ڪجي ايتري، سُڻجِ اَدا يارَ!

سائينءَ مُڪين سَچَ کي، تون ڪُوڙو منجھہ قَطارَ،

ڪِ تو ڪَنين نه سُئي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ؟

هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تيئان رَکُ سَتارَ!

شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجھہ شِڪارَ!

تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچج، تُون اوسارَ،

لَک مِڙيئي لُٽِيا، هُنئهِين ويا هَزارَ،

جِيَڻُ جالُ نہ نِبَهي، سُڻج اِي سَنڀارَ،

جِمَ وِسارِئين ويسِرا! ڀتيِن جي ڀُلڪارَ۔

____________

Khadim Mangi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button