Editor's pickMain Slideسماج

ادب کي عوام جو آواز ۽ ايندڙ نسلن جي خوابن جو ترجمان بڻجڻ گهرجي

ترقي پسند ادب رڳو لفظن جي خوبصورتيءَ جو نالو ناهي، پر اهو سماجي ناانصافين خلاف مزاحمت، مظلومن جي ترجماني ۽ قومي شعور جي بيداريءَ جو هڪ سگهارو آواز آهي. سنڌ جي وحدت، ڌرتيءَ جي بقا، سماجي استحصال، عوامي مسئلن، ماحولياتي آلودگي ۽ بدتر حڪمرانيءَ جهڙن اهم موضوعن کي ادبي سرگرمين جو حصو بڻائڻ گھرجي.

حيدرآباد: گذريل ڏينھن انجمن ترقي پسند مصنفين حيدرآباد چيپٽر جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ اديبن، دانشورن ۽ نوجوانن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ترقي پسند ادب رڳو لفظن جي خوبصورتيءَ جو نالو ناهي، پر اهو سماجي ناانصافين خلاف مزاحمت، مظلومن جي ترجماني ۽ قومي شعور جي بيداريءَ جو هڪ سگهارو آواز آهي.

جهتيال پبلڪ لائبريري ۽ فيسلٽيشن سينٽر الفتح ٽائون حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ مقررن سنڌ جي وحدت، ڌرتيءَ جي بقا، سماجي استحصال، عوامي مسئلن، ماحولياتي آلودگي ۽ بدتر حڪمرانيءَ جهڙن اهم موضوعن کي ادبي سرگرمين جو حصو بڻائڻ سان گڏ نوجوان نسل جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو. هنن چيو ته ادب کي عوام جو آواز، وقت جي سوالن ۽ ايندڙ نسلن جي خوابن جو ترجمان بڻجڻ گهرجي.

اجلاس ۾ شريڪ اديبن ۽ نوجوانن ترقي پسند ادبي سرگرمين کي نئين سگهه ڏيڻ، نوجوان ليکڪن ۽ شاعرن کي اڳتي آڻڻ، فڪري بحثن ۽ ادبي ويهڪن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تخليقي پروگرامن کي باقاعدگيءَ سان منعقد ڪرڻ جو وچن ڪيو.

گڏجاڻيءَ جي صدارت سنڌ ڪائونسل جي ميمبر رمضان ٻرڙي ڪئي، جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ ڪائونسل جو ميمبر ۽ ناول نگار منظور ٿهيم، پروفيسر امتياز عرساڻي ۽ اوسر اسڪول جي نگران غزالا عرساڻي شامل هئا. گڏجاڻيءَ جي ڪارروائي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ فهيم نوناري هلائي.

گڏجاڻيءَ ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سنڌي ادبي سنگت ڄامشوري ۽ ٽنڊي محمد خان جي نمائندن  ڊاڪٽر جمال ناصر، زاهد ڌاريجو، ڪرم الله باجڪاڻي، بشارت علي،امير الدين، ايڊووڪيٽ سيد امداد علي شاه، علي محمد ميراڻي،چڪرن ايڊووڪيٽ چند باغي، ايڊووڪيٽ عمران ٽالپر، شيراز علي، پروفيسر عبدالرحمان سيال سميت اديبن، ليکڪن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ جو بنيادي مقصد حيدرآباد چيپٽر لاءِ نون عهديدارن جي چونڊ ڪرڻ ۽ سنڌ جي موجوده حالتن ۾ ترقي پسند اديبن جي ڪردار تي ويچار ونڊڻ هو.

گڏجاڻيءَ ۾ اتفاقِ راءِ سان پروفيسر مدد علي جهتيال کي انجمن ترقي پسند اديب حيدرآباد چيپٽر جو صدر نائب صدر زاھدا ابڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالغفار ٿهيم، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر حسين نصرت شاهه، خزانچي پريم چند، ڪاؤنسل ميمبر غزالا عرساڻي، ڊاڪٽر امتياز عرساڻي، فھيم نوناري، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار ۽ دادا اوڍل مل چونڊيو ويو. گڏجاڻي جي آخر ۾  سنڌ جي وحدت، وسيلن، ملير ڪراچي ۾  تعليمي شهر نالي قديم آبادي جي بيدخلي، وغيره تي متفق طور ٺھراءَ منظور ڪيا ويا. (پريس رليز)

__________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button