هيڏانهن سوڍا سنڌ جا، هوڏانهن قهر ڪٽڪ: ٽوڙي ڦاٽڪ ۽ استاد بخاريءَ جو ڪيڏارو
استاد بخاريءَ ٽوڙي ڦاٽڪ جو ڪيڏارو لکندي اهڙي سولي، نج سهڻي سنڌيءَ جي لفظن کي عام فهم ڪري اها منظرڪشي ڪئي آھي، ڄڻ پاڻ اُتي موجود هُجي. هر پڙهندڙ پاڻ کي ان درد ڪٿا جو حصو سمجھي ٿو ۽ ان جي رڻ ۾ پنھنجي وجود کي ڪپجندي محسوس ڪري ٿو. ٽوڙي ڦاٽڪ جي منظر ڪشيءَ سان بخاري سچ پچ جيءَ کي جهوري ٿو وجهي. بخاريءَ جو ڪيڏارو اهو حوصلو ۽ هڳاءُ آهي، جنهن سان هر دور جي سنڌ نه رڳو حقن جي حاصلات لاءِ ٻَلُ ماڻيو آهي، پر اڄ به سنڌ ۾ استاد بخاريءَ جي بيتن وسيلي انهن شهيدن جي رت جو هڳاءُ ڦهليل آهي.

ساڀيان سانگي
اسان وٽ ڏينهن مهينا ۽ سال دلين تي تاريخ جي ڇاپ ڇڏي ويندا آهن ۽ جڏهن نئين سال ۾ ان مهيني جي اها تاريخ ورندي آهي، ته ائين لڳندو آهي ڄڻ هن سال ۾ هوندي به اسان ان تاريخ جي ڪري يا خوشيءَ کي پنهنجي وجود ۾ ٻهڪندي ڏسندا آهيون، يا هانوَ ۾ وڍ محسوس ڪندا آهيون.
پر اهي واقعا، سانحا يا حادثا عالمگير هجن يا پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جا، اُهي جيءُ جهنجهوڙيندڙ تڏهن آهن، جڏهن يا ته انهن مان پاڻ گذريا هجون، يا ڪنهن تحرير، تقرير يا تصوير جي صورت ۾ حق ۽ سچ جا عڪس چٽا ٿيل هجن. پوءِ اهو دنيا جي انقلابن جو ادب هجي، ڀٽائيءَ جو چيل ڪربلا جو ڪيڏارو هجي، خليفي نبي بخش قاسم جو لکيل کرڙيءَ جو ڪيڏارو هجي يا ڪاري ڪڪر هيٺ بخاريءَ جو سرجيل سنڌ جو ڪيڏارو هجي. استاد بخاريءَ جي سُر ڪيڏاري ۾ سنڌ جا اُهي تاريخي واقعا، سانحا ۽ حادثا آهن، جيڪي ويجهي ماضيءَ سان تعلق رکن ٿا، جيڪي کانئس اڳ ته ڪي سندس دور ۾ ئي ڌرتيءَ کي لھوءَ سان لال ڪن ٿا، رت ۾ ٻڏل انهن سانحن، ڪِيسن ۽ ڪوسن تي جنهن اذيت ۽ اڌمي سان استاد قلم کنيو آهي،
ڀٽائيءَ امامن جي شھادت ۽ بھادريءَ تي ھڪ لازوال ڪيڏاري لکيو جنھن جو ڪو مثال نه ٿو ملي، ۽ پوءِ دنيا جي ھر شاعر حسين اھل بيت ڪربلا جي رڻ ۾ روح جي رت سان لکيو آهي ۽ لکندو رھندو، پر نج سنڌ ڌرتيءَ جي سورمن جو شاھڪار ڪيڏارو خلقيندڙ خليفو نبي بخش قاسم آھي جنھن خاص کرڙيءَ جو رڻ ايئن لکيو جو ان جو ھر عڪس سنڌ ڌرتيءَ جو رت ڳاڙيندو ۽ ھانءُ چيريندو ٿو محسوس ٿئي ۽ جڏھن وري استاد بخاري ڀٽائيءَ ۽ قاسم جو ڪيڏارو پڙھي سنڌ کي ٿو ڏسي ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ هُن ڪاري ڪڪر هيٺان ويهي، مٿي ۾ خاڪ وجهي، ماتم ڪندي سنڌ جو ڪيڏارو لکيو هجي، جو سڄي سنڌ ڪربلا لڳي پئي آھي، سڄي سنڌ کرڙيءَ جو ميدان آھي، عربن کان انگريزن تائين ۽ انگريزن کان اڄ ڏينھن تائين ھڪ جنگ آھي جا ھلندي ٿي رھي ڪڏھن ڳجهي ته ڪڏھن پڌري.

استاد بخاري ايئن ئي پاڻ ٻاري ٻريو آھي. سنڌ جي ھر ان ظلم تي ڪيڏارو لکيو اٿائين جيڪو سندس من مروڙي ويو آھي، ٽوڙي ڦاٽڪ جي ڪيڏاري ۾ به اهڙي سولي، نج سهڻي سنڌيءَ جي لفظن کي عام فهم ڪري اها منظرڪشي ڪئي اٿائين، ڄڻ پاڻ اُتي موجود هُجي ۽ هر پڙهندڙ پاڻ کي ان درد ڪٿا جو حصو سمجهندوھجي ۽ ان جي رڻ ۾ پنھنجي وجود کي ڪپجندي محسوس ڪندو ھجي. ٽوڙي ڦاٽڪ جي منظر ڪشيءَ سان بخاري سچ پچ جيءَ کي جهوري ٿو وجهي.
مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ مان نڪتل بسن جي اندر پنهنجي مستيءَ ۾ ڀٽائي، اياز ۽ استاد بخاريءَ جا گيت جهونگاريندڙ شاگردن کي اوچتو ٽوڙي ڦاٽڪ تي گيتن بدلي گولين جو کاڄ ڪري بسن مان رت جا ريلا نديون ٿي وهندي ڏسندو هجي.
اها عڪس بندي بخاريءَ جي شاعريءَ جي ڪمال خوبي آهي، بخاريءَ جي سادي سلوڻي نج سنڌي ٻولي جماليات جي درد سان ڀريل جو جڏھن به ان کي پڙھجي ٿو ته اکين آڏو ٽوڙي ڦاٽڪ تي سنڌ جو ڪربلا ٿو نظر اچي ، اھو سموري سنڌ جو ڪربلا ئي ھيو جو لڳ ڀڳ سنڌ جي ھر شھر ۽ ڳوٺ جو ڪو نه ڪو ٻچو ان رڻ جو راھي، شھيد، ۽ قيدي ۽ ڪال ڪوٺڙين جو سزاوار ضرور ٿيو ھو، ڪاٿي اُھي ڪونڌر لڪايا ويا ھئا ڪا خبر نه ھئي، مائرن پيئرن پنھنجن ٻچن جا يا لاش وصول ڪيا ھئا يا انھن کي ڳوليندا رهيا ھئا.
هيڏانهن اسٽونڊنٽ ۽، فوجون هوڏانهون،
شاگردن تي ڪاهه ڄڻ، سرحد تي ڪاهون،
بارودي باهون، گلابن جي باغ ۾.
ڄامشوري کان چانڊڪا ڪاليج لاڙڪاڻي ويندڙ هي ٻه بسون باغ هيون گلاب جهڙن شاگردن جو، 150 گل، جن ۾ شاگرد به هئا ته سندن هاسٽلن جا ڪي پٽيوالا ۽ ڪو هڪ ٻه بورچي به.
استاد بخاري شاگردن کي گلاب سڏيندي لکي ٿو:
ھيڏان گل گلاب جا، ھوڏان سنگينون،
امن جون بينون، جنگي بگل ڀڃي ويا.
هي شاگرد جنگ لاءِ نه، پر قلم ڪتابن ساڻ چانڊڪا ۽ پوءِ موهن جي دڙي تي رٿيل پروگرام کي خوشيءَ مان ڏسڻ پئي ويا، جتان واپس ٿي انهن کي پنهنجين امڙين ڏانهن وڃڻو هو. امڙيون منتظر هيون پنهنجي ڳڀرن کي ڏسڻ لاءِ، پر اهي انهن ڳڀرن جا لاش وصول ڪنديون، اهو ڪنهن نه سوچيو هو. ان وقت جي آمر اهو سوچيو هو ته هنن سڀني کي ماري هُو سنڌ لاءِ اٿندڙ عشق کي ختم ڪندو، پر هو ايئن نه ڪري سگهيو. استاد بخاريءَ جهڙن شاعرن ان سانحي تي ڪيڏارو لکي انهن ڳڀرن کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو:
هيڏانهن سوڍا سنڌ جا، هوڏانهن قهر ڪٽڪ،
ڦٿڪي پيو ڦاٽڪ، ڦوهارا رت جا ڏسي.
يا هي شعر ڏسو:
ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ، ڌاريا ديسي دوبدو،
مُئا گهوٽ اُڦٽ، ڳاڙها ڳوٺ ڪري ويا.
17 هين آڪٽوبر 1984ع، ٽوڙي ڦاٽڪ جو اهو سانحو، جنهن سموريءَ سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو، ته پوءِ بخاري ڪيئن چپ ڪري ويهي ها؟ اهو ان کي سنڌ جو ڪربلا ڪيئن نه لکي ها، جنهن ۾ عام ماڻهو به ان رڻ ۾ رليا هئا، اتي ڪو شاعر ڪيئن اکيون پوري، گونگو ۽ ٻوڙو ٿي ويهي رهي ها؟
استاد بخاريءَ پاڻ ئي چئي ٿو ته:
”آئون طبعي طور مالهي – مزاج ماڻهو آھيان. حسين رنگن، لذيذ ھڳساڻن، شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باھ لڳائي وئي آهي تہ مان به ڀڙڪي پيو آهيان. حسن پرست، پيار پوڄاري، امن علمبردار ھوندي، جيون- جياپي،امن، آجپي لاءِ جھونجھار بنجي پيو آھيان. سر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوھياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار ڪيڏاري ۾ ڪاھجي پيو آهيان، خوشيءَ کان نه پر دل کليءَ کان، من مستيءَ کان نه پر قومي غيرت ۽ تاريخي ضرورت کان،گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ کان.“
۽ پوءِ اھو بہ چئي ٿو ته ”شاعريءَ جي شرناءِ عيد گاھ توڙي ماتمي ميدانن تي پئي وڳي آهي .“
ڪو ڪي پيو ڪهسار ۽ ٻڙڪي پيو مهراڻ،
ٽلٽيءَ کان ٽوڙي، ڏسي رُڳي رتوڇاڻ،
ڦاٽڪ تي مانڌاڻ، منجهند ٽاڪ مچي ويو.
يا
منجهند جو محشر ٽوڙي ڦاٽڪ تي متو،
ڏسندو ۽ ٻڌندو رھيو، ڏينھن جو ڏاتر،
ٻريو سڄو تر، ٺريو ٺاھيو ٻاهريون.
هڪ سازش ۽ باقاعدي منظم طريقي سان مورچابند ٿي، معصوم شاگردن تي سڌيون گوليون هلايون ويون، ڪي ٿڏي تي ئي شهيد ٿيا، ڪي گولين جي گھاءَ سان زخمي ٿيا، ته انهن کي گهلي پٺيون اگهاڙيون ڪري، ٽوڙي جي تتل روڊ تي اونڌو ڪري اڇلايو ويو. ڪا جوابي ڪارروائي جوڌن، سنڌ جي سوڍن نه ڪئي، ڪا گولي نه هلي، بخاريءَ جي باغ يعني بس مان، پوءِ به انهن بزدلن سڌا بندوقن جا مُنهن انهن تي کوليا، پر انهن بلند حوصلن سان پوءِ به حق جا نعرا هنيا:
ٽلٽي ۽ کرڙي، مڙيا ٽوڙي ڦاٽڪ تي،
ھوڏان ناحق تي لڙيا، ھيڏاھون حق تي
نعرا ڌڪ ڌڪ تي،”ڌاريا! ٿيندين ڌوڙ تون!“
استاد جي شاعريءَ جي سونهن ڏسو، هڪ طرف رت روئندڙ قلم جي ڪوڪ، ته ٻئي طرف حوصلي جي هٻڪار ٿو اٿاري ۽ هٿين خالي مگر ولولي سان سرشار سنڌ جي سهڻن جي سگهه کي ڪيئن ٿو ساراهي:
او ٽوڙي ڦاٽڪ! ڏٺئي سوڍا سنڌ جا،
لڙيا تنهنجي لنگهه وٽ، ٻٻن سان ٻالڪ!
پيتي انهن پَڪَ، سَگهي ٿڃُ سنڌوءَ جي.
هي شاگرد، ۽ اڳيان هٿيارن جي زور تي بيٺل بلائون، هي ڪمزور هوندي به انهن سان وڙهيا، جو اهي سنڌڙيءَ جو خون هئا. انهن لاءِ استاد چوي ٿو ته نه اُهي ڊنا، نه اُهي ڀاڙي ٿي ڀڳا:
ڊڄي ڪين ڊُڪيا، سَٺئون گوليون سامهون،
جهيڙيا، ڪين جهڪيا، سنڌو! تنهنجا سُورما.
بخاريءَ جي ٻولي، لفظ لفظ اندر ۾ کپي وَڍَ به وجهي ٿو ته حوصلو به ڏئي ٿو، ڪربلا جي يزيد وانگي اڄ به يزيد جي عارضي فتح کي ڌوڙ سڏيندي، للڪار ڪري چوي ٿو:
اڄوڪيون هارون، سڀان اينديون سوڀ ٿي،
ڪندي قوم پلاند، قطري قطري رت جو.
سج لٿو، اُڀ ڳاڙهو رڻ ٿيو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ تي شامِ غريبان ٿي. بخاريءَ جي ڪيڏاري ڪَرُ کنيو. ٽوڙيءَ مان ايندڙ شهيد جي لاش تي، ماءُ جي مبارڪ پيءُ کي ۽ پيءُ جي مبارڪ ماءُ کي ملي!
شهيد جا پيءُ! توکي پٽ- مبارڪون!
شهيد جي ماءُ! تنهنجي ٿڃُ ملهي هلي.
بخاريءَ جو ڪيڏارو اهو حوصلو ۽ هڳاءُ آهي، جنهن سان هر دور جي سنڌ نه رڳو حقن جي حاصلات لاءِ ٻَلُ ماڻيو آهي، پر اڄ به سنڌ ۾ استاد بخاريءَ جي بيتن وسيلي انهن شهيدن جي رت جو هڳاءُ ڦهليل آهي.
____________

شاعر ۽ اديب ساڀيان سانگي ڪراچيءَ جي ھڪ سرڪاري ڪاليج ۾ پروفيسر آھي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آھن



