مريم جي ديس ۾: سفر کان احساس تائين (چين جي سفرنامي جو جائزو)
”مريم جي ديس ۾“سفرنامي جي اهم خوبي اها به آهي ته چين کي رڳو سياحتي نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ناهي. يوسف سنڌي پنهنجي مطالعي واري مزاج سان چين جي جاگرافي، تاريخ، سماج، سياست ، ادب ۽ چين جي ترقي کي سمجهڻ کي سنڌي پڙهندڙ تائين پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو. هو چين ملڪ جي سفر کي ان جي خوبصورت عمارتن يا مشهور ماڳن تائين محدود نٿو ڪري، پر ان جي پويان موجود تاريخي عمل ۽ انساني زندگيءَ کي به پڙهڻ چاهي ٿو.

اصغر گگو
يوسف سنڌي، سنڌي ادب جو هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن پنهنجي ادبي سڃاڻپ پنهنجي مسلسل مطالعي، ترجمي، تخليق ۽ سفرناما نگاريءَ وسيلي جوڙي آهي. سندس اصل سڃاڻپ ترجمي سان آهي. هن دنيا جي ڪيترن ئي لاجواب ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ آڻي، سنڌي پڙهندڙ کي دنيا جي ادب سان ڳنڍيو آهي. ڪهاڻيون ۽ ناول به لکيا آهن، پر سفرناما سندس تخليقي شخصيت جو هڪ ٻيو خوبصورت پاسو سامهون آڻين ٿا.
يوسف سنڌيءَ جو سفر رڳو ماڳن ڏسڻ جو سفر ناهي. هو جتي وڃي ٿو، اتي جي زمين کي پڙهي ٿو، تاريخ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ماڻهن جي زندگيءَ کي ڏسي ٿو ۽ ان ملڪ جي ترقي، سياسي، سماجي ۽ ادبي منظرنامي کي پنهنجي نظر سان پرکي ٿو. سندس سفرنامي ۾ جاگرافي رڳو جبلن، درياهن، شهرن ۽ رستن جو نالو نه ٿي رهي؛ اها تاريخ سان ڳنڍجي وڃي ٿي. تاريخ وري سياست ۽ سماج ڏانهن وٺي وڃي ٿي، ۽ آخرڪار انسان تائين پهچي ٿي.
سندس نئون سفرنامو ”مريم جي ديس ۾“ به انهيءَ سفرناما نگاريءَ جي روايت جو تسلسل آهي، پر هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙو جذباتي پاسو به شامل آهي، جيڪو شايد يوسف سنڌيءَ جي ٻين سفرنامن کان هن سفر کي وڌيڪ ذاتي ۽ دل جي ويجهو بڻائي ٿو.

چين هن لاءِ رڳو هڪ ملڪ ناهي، جنهن کي هو ڏسڻ ويو آهي پر چين هن لاء سندس پنهنجي گهر جي هڪ حصي سان به ڳنڍيل آهي. جتي سندس پٽ ڊاڪٽر وشال ۽ سندس پوٽي مريم اتي موجود آهن. ان ڪري چين ڏانهن ويندڙ رستو رڳو هڪ سياح جو رستو ناهي، پر هڪ پيءُ ۽ ڏاڏي جي دل جو رستو به آهي. شايد انهيءَ ڪري ”مريم جي ديس ۾“ منظرن جي رنگ سان گڏ جذبن جا به ڪيترائي رنگ نظر اچن ٿا.
سفرنامو جڏهن محبت سان لکجي ٿو ته شهرن جا نالا به رشتن سان ڳنڍجي وڃن ٿا. رستا رڳو رستا نٿا رهن، پر ڪنهن جي اچڻ، ڪنهن جي انتظار، ڪنهن سان ملڻ ۽ ڪنهن کي ڏسڻ جي ڪهاڻي بڻجي وڃن ٿا. يوسف لاءِ چين جو نئنگ شهر ۽ ان جي گهٽين، رستن ، عمارتن ۽ منظرن جي وچ ۾ مريم جي موجودگي هڪ اهڙو جذباتي مرڪز بڻجي وڃي ٿو، جنهن جي چوڌاري سفر جو تجربو هڪ نئين معني اختيار ڪري ٿو.
”مريم جي ديس ۾“سفرنامي جي اهم خوبي اها به آهي ته هتي چين کي رڳو سياحتي نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ناهي. يوسف سنڌي پنهنجي مطالعي واري مزاج سان چين جي جاگرافي، تاريخ، سماج، سياست ، ادب ۽ چين جي ترقي کي سمجهڻ کي سنڌي پڙهندڙ تائين پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو. هو چين ملڪ جي سفر کي ان جي خوبصورت عمارتن يا مشهور ماڳن تائين محدود نٿو ڪري، پر ان جي پويان موجود تاريخي عمل ۽ انساني زندگيءَ کي به پڙهڻ چاهي ٿو.
يوسف سنڌيءَ جي سفرنامي ۾ سندس مترجم واري اک به ساڻس گڏ هلندي رهي ٿي. مترجم جي حيثيت ۾ هن دنيا جي مختلف سماجن ۽ فڪرن کي سنڌي ٻوليءَ سان ملائڻ جو ڪم ڪيو آهي. تنهنڪري جڏهن هو ڪنهن نئين ملڪ ۾ وڃي ٿو ته رڳو اکيون کولي نٿو ڏسي، پر ذهن ۽ دل به کولي ٿو. هو مختلف ماڻهن، خيالن ۽ ثقافتن جي وچ ۾ لاڳاپا ڳولي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس سفرنامو پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته اسين به ساڻس گڏ سفر ڪري رهيا آهيون.
”مريم جي ديس ۾“ڪتاب کي رڳو چين بابت لکيل سفرنامو سمجهڻ شايد هن ڪتاب سان انصاف نه ٿيندو. هي هڪ اهڙي انسان جو سفر به آهي، جيڪو دنيا کي ڏسندي پنهنجي اندر جي دنيا سان به ملاقات ڪندو رهي ٿو. هڪ طرف چين جي هزارين سالن جي تاريخ آهي ۽ ٻئي طرف هڪ ننڍڙي مريم جي معصوم دنيا. هڪ طرف وڏا شهر، وسيع رستا، جديديت ۽ ترقي آهي ۽ ٻئي طرف هڪ ڏاڏي جي دل ۾ پنهنجي پوٽي لاءِ محبت. انهن ٻنهي جهانن جي سنگم تي هي سفرنامو پنهنجي الڳ ڪيفيت پيدا ڪري ٿو.
مون لاءِ ”مريم جي ديس ۾“ جي سڀ کان خوبصورت ڳالهه شايد اها آهي ته يوسف سنڌي چين کي صرف ”ڏٺو“ ناهي، پر ان کي محسوس به ڪيو آهي. جنهن سفر ۾ انسان ڪنهن هنڌ کي محسوس ڪرڻ لڳي، اهو سفرنامو رڳو سفرنامو نه رهندو آهي؛ اهو هڪ جذباتي دستاويز بڻجي ويندو آهي. تسلسل ايڏو جو ڪتاب هٿ ۾ کڻندي پڙهي پورو ڪرڻ کانسواء ڇڏڻ تي دل نٿي چوي۔
يوسف سنڌيءَ سان دوستيءَ سبب آئون سندس ادبي سفر کي ويجهو کان ڏسندو آيو آهيان. مون کيس ترجمو ڪندي ڏٺو آهي، تخليق ڪندي ڏٺو آهي ۽ سفر کي لفظن ۾ بدلائيندي ڏٺو آهي.”مريم جي ديس ۾“
مون کي سندس اهي سڀئي روپ گڏ نظر اچن ٿا۔ مترجم جي وسيع دنيا، ليکڪ جي حساس دل، سفرناما نگار جي جستجو ۽ هڪ پيءُ ۽ ڏاڏي جي محبت.
هي ڪتاب چين بابت ڄاڻ ڏئي ٿو، چين جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان متعارف ڪرائي ٿو، اتي جي سياست ۽ ادب ڏانهن وٺي وڃي ٿو؛ پر ان سڀ کان مٿانهون، هي ڪتاب اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسان ڪيترو به پري هليو وڃي، آخرڪار سندس سفر جو سڀ کان خوبصورت حصو پنهنجن ماڻهن وٽ پهچڻ آهي.
”مريم جي ديس ۾“ان ڪري رڳو چين جو سفرنامو ناهي؛ هي چين ڏانهن هڪ سفر ۽ محبت ڏانهن هڪ واپسي آهي. شايد يوسف سنڌيءَ جي هن سفر جو سڀ کان خوبصورت پاسو اهو ئي آهي ته هن ڀيري هو ڪنهن ملڪ کي ڏسڻ لاءِ ويو، پر ان ملڪ ۾ کيس پنهنجي دل جو هڪ ٽڪرو اڳ ئي موجود مليو۔۔
_________

اصغر گگو، دڙو شھر



